نثارناز
سينيئر رڪن
مومل ڊيولپمينٽ آرگنائزيشن ٽنڊو محمد خان پاران منهنجو ٽنڊو محمد خان
۾ مينا بازار لڳائي وئي
۾ مينا بازار لڳائي وئي
رپورٽ نثاراحمدناز
سنڌ سلامت جا سنڌي ساٿيو السلام عليڪم گذريل اپريل 2011ع تي منهنجو ٽنڊو محمدخان فيسٽوول ملهايو ويو جنهن ۾ مومل ڊيولپمينٽ آرگنائيزيشن ٽنڊو محمد خان پڻ هڪڙي خوبصورت مينا بازار لڳائي، جيئن ته انهن ڏينهن منهنجو ايڪسيڊينٽ ٿيو هو ۽ منهنجي پير ۾ شديد تڪليف هُئي، مومل ڊيولپمينٽ آرگنائزيشن جي چئيرپرسن محترما راحيلا خاصخيلي سان منهنجي ڪمينٽ مينٽ ٿيل هُئي ته ان مينا بازار ۾ سنڌ سلامت 2011 ع واري ڪيلينڊر جو هڪڙو اسٽال پڻ لڳايو ويندو پر پير جي شديد تڪليف جي ڪري مان پنهنجا سنڌ سلامت وارا ڪيلينڊر ۽ هڪڙو بينر سنڌ سلامت جو بروقت اتي پهچائي ڪونه سگهيس ڪالهه محترما راحيلا خاصخيلي جيڪا اسان جي سنڌ سلامت جي ميمبر پڻ آهي ان سان ملاقات ٿي، ته مونکي شڪايت ڪندي چيائين ته سائين نثار توهان منهنجو ٽنڊو محمدخان واري فيسٽوول ۾ غير حاضر هُئا ، سنڌ سلامت ڪيلينڊر 2011 ع جو هڪڙو اسٽال پڻ آخر وقت تائين توهان جو منتظر هو پر توهان ان ۾ پنهنجو مٽيريل ڪونه موڪليو ، مون کلندي جواب ڏنو ته بابا راحيلا توکي ته خبر آهي ته انهن ڏينهن ۾ منهنجو ايڪسيڊينٽ ٿيو هو ۽ منهنجي پير ۾ فريڪچر ٿي پيو هو ، شديد تڪليف هُئي ، چوڻ لڳي ته ها، انهي ءَ ڳالهه جي خبر اسان کي هُئي ، خير مون کيس سنڌ سلامت جو ڪيلينڊر 2011 ع ڏنو ته پاڻ خوش ٿي، چوڻ لڳي ته توهان جو پراڻو ڪيلينڊر اڃا ن تائين منهنجي آفيس جي ديوار تي لڳو پيو آهي ، هاڻي توهان هي نئون ڪيلينڊر ڏنو آهي ته پراڻو ڪيلينڊر لاهيان ٿي. مون کيس چيو ته اپريل واري مينا بازار ڪيئن رهي چوڻ لڳي ته سندس توقع کان به وڌيڪ اها مينا بازار ڪامياب رهي هُئي ، مون ٿڌا ساهه ڀريندي چيو ته ڪاش اها مينا بازار مان سنڌ سلامت واسطي ڪوريج ڪريان ها، پاڻ چوڻ لڳي ته ڇو ٿا گهٻرايو انهي مينا بازار واريون تصويرون سندس يو ايس بي ۾ موجود آهن ، جيڪڏهن توهان چاهيو ته سنڌ سلامت وارن دوستن سان اڃان به ونڊ ڪري سگهو ٿا، مان ڏاڍو خوش ٿيس ، منهنجو ٽنڊو محمد خان واري فيسٽوول جون تصويرون ۽ مومل ڊيولپمينٽ ٽنڊو محمد خان پاران لڳايل مينا بازار واريون تصويرون محترما راحيلا خاصخيلي جي تعاون سان توهان سڀني دوستن سان شيئر پيو ڪريان . اميد ته پسند اينديون.
[/justify]


منهنجو ٽنڊو محمدخان فيسٽوول جو بينر جيڪو گورنمنٽ گرلز ها اسڪول ٽنڊو محمد خان جي بلڊنگ تي آويزان هو ان کان علاوه مومل ڊيولپيمنٽ آرگنائزيشن ٽنڊو محمد خان پاران مينا بازار ۾ لڳايل اسٽال تي لڳل بينر







مومل ڊيولپمينٽ آرگنائيزيشن ٽنڊو محمد خان جي چيئرپرسن ۽ سنڌ سلامت جي ميمبر محترما راحيلا خاصخيلي مينا بازار ۾ پنهنجي لڳايل اسٽالن ۾ محڪمه تعليم ۽ محڪمه ماحولياتي آلودگي جي ميمبر دوستن سان گڏ سڀ کان نمايان آهي

منهنجو ٽنڊو محمد خان فيسٽوول ۾ مومل ڊيولپمينٽ آرگنائيزيشن ٽنڊو محمد خان پاران لڳايل مينا بازار ۾ وڏي تعداد ۾ ٽنڊومحمد خان شهر ۽ ڀر پاسي جي شهرن جون ناريون گڏ ٿيون