[JUSTIFY]العين پيراڊاائيز متحده عرب عمارات جي شهر العين ۾ واقع هڪ خوبصورت گلن جو باغيچو آهي۔ جيڪو گنيز بوڪ آف ورلڊ رڪارڊ ۾ ٻئي نمبر تي آهي۔ 21000 چورس ميٽر تي واقع هن گلن جي باغيچي ۾ 2900 بئسڪيٽ آهن، 12 ميٽرن جو ايفل ٽاور به موجود آهي جيڪو رنگ برنگي روشنين ۽ گلن سان سجايل آهي۔[/JUSTIFY]
جواب: العين پيراڊائيز - جنت جهڙو ڏيک ڏيندڙ گلن جي زمين سائين محترم“ صبح جا اهڙا نظارا ڏسي اصل روح تازو ٿي ويو ۔۔۔ شابس آهي انهن قومن کي جي پنهنجي ملڪ کي سهڻي ڪرڻ ۾ ڪا قصر نٿا ڇڏين ۔۔۔ عجب جهڙي ڳالهه ته ان ملڪ ۾ ايتري ساوڪ ۽ گل گلزاري جنهن وٽ مٺي پاڻيءَ جي ڪمي آهي، نه درياه، نه موسم موافق، سخت گرمي ٿيندي آهي، ان ملڪ ۾ به جنت جهڙي گل وگلزاري ۔۔۔ عجب آهي !!!!!!
جواب: العين پيراڊائيز - جنت جهڙو ڏيک ڏيندڙ گلن جي زمين واهه ادا سليمان۔۔۔ تمام بهترين تصويرون آهن، تمام خوبصورت باغيچو آهي، خاص طور تي هوائي نظارو زبردست آهي، پيراڊائيز مطلب ته جنت ۔۔۔ انسان جي ٺاهيل جنت ته ايتري ئي خوبصورت ٿي سگهي ٿي۔۔
جواب: العين پيراڊائيز - جنت جهڙو ڏيک ڏيندڙ گلن جي زمين سائين نثار سلام بلڪل اوهان سچ فرمايو۔ هي گُل هي ساوڪ ، هي سونهن سچ ته من کي ملهار ڪري دل کي باغ بهار ڪري ڇڏيو آهي۔ قومن جي ترقي انڪري ٿي آهي جو اهي پنهنجي قوم سان ، پنهنجي ڪم سان، پنهنجي قول سان سچا آهن۔ لک قرب
جواب: العين پيراڊائيز - جنت جهڙو ڏيک ڏيندڙ گلن جي زمين بلڪل ادا مست هي جنت ئي پئي لڳي، رنگ، خوشبو ۔۔۔۔۔۔۔۔ دلڪش نظارو ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ جي انساني ٺاهيل نظارا اهڙا آهن ته مالڪ جي ٺاهيل جنت جو ڇا چئجي ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ سبحان الله
جواب: العين پيراڊائيز - جنت جهڙو ڏيک ڏيندڙ گلن جي زمين واه سائين واه تمام خوبصورت نظارا آهن اهڙيون خوبصورت شيون توهان ڪيئن ٿا تلاش ڪيو۔ الله تعالى توهان کي سلامت رکي جو سدائين اسان کي اهڙا خوبصورت نظارا ڏسيندا رهو۔
جواب: العين پيراڊائيز - جنت جهڙو ڏيک ڏيندڙ گلن جي زمين سائين مهربانيون سائين اهو اوهان مهربانن جي حوصلا افزائي ۽ رهنمائي جو نتيجو آهي۔ لک ٿورا زندگي رهي ۽ اوهان جي رهنمائي رهي ته اهڙيون شيون دوستن سان ونڊ ڪندا رهنداسين۔
جواب: العين پيراڊائيز - جنت جهڙو ڏيک ڏيندڙ گلن جي زمين سائين ڀلا هن ملڪ ۾ ٻڪريون ناهن ڇا جي ٻڪريون ناهن تي ماما پيرو جهڙا ڳوٺاڻا به ڪون هوندا جي ماما پيرو جهڙا ڳوٺاڻا هجن ها ته هڪ به گل نه بچي ها ۔ مهرباني ادا اهڙي ونڊ ونڊڻ تي ۔ وسلام
جواب: العين پيراڊائيز - جنت جهڙو ڏيک ڏيندڙ گلن جي زمين ادا هن ملڪ م ٻڪرين جي خبر ناهي باقي رڍون ۽ اٺ جام آهن پر هتي ماڻهن کي ڪم ڪرڻ جو سليقو آهي، ۽ پنهنجي شين جو خيال رکن ٿا۔