• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

"بجيٽ"۔۔۔۔۔۔۔۔اسد علي سيال

  • موضوع موڪليندڙ موضوع موڪليندڙ Asad Ali Siyal
  • شروعاتي تاريخ شروعاتي تاريخ

Asad Ali Siyal

سينيئر رڪن
"بجيٽ"

ٻڌو آ اڄ وري نئين سال جي بجيٽ آئي آ
ڪرڻ خالي غريبن جا وري پاڪيٽ آئي آ

پگهارون به و ڌيون آهن ، مليا پئيڪيج به آهن
غريبن جي اميرن سان ، ڪرڻ هي ڀيٽ آئي آ

ڪرڻ نازل مهانگائي جو ، ڏمر دورِ جمهوريت ۾
و ڌ ائي آسمانن تائين شين جا ر يٽ آئي آ

وئي گذري حياتي به رليفن جي اوسيئڙ ي ۾
مگر سکڻا دلاسا ڏيئي ڪٽڻ هي پيٽ آئي آ

ٍ"سيال" سوچيو جمهوريت آ ٿيندو پنهنجو ڀلو آخر
مگر هي ته آمريت جي ئي ليڪي هيٺ آئي آ
اسد علي سيال
حيدرآباد​
*****
 
جواب: "بجيٽ"۔۔۔۔۔۔۔۔اسد علي سيال

پاڪستان جي بجيٽ کي واضح ڪندڙ نظم آهي ۔۔۔

ادا سيال نه پڇ اندر جون ڳالهيون
اسانجون ته متيون منجهائڻ آئي آ
پاڪستان جي بجيٽ واه جو آئي آ
 
جواب: "بجيٽ"۔۔۔۔۔۔۔۔اسد علي سيال

ٻڌو آ اڄ وري نئين سال جي بجيٽ آئي آ
ڪرڻ خالي غريبن جا وري پاڪيٽ آئي آ

بس ڇا ڪجي ۔۔۔ بجيٽ جو انتظار ڪونه ڪندو آهيان پر هن دفعي گهڻو مصروف هجڻ ڪري گهر جو سودو سامان بجيٽ جي ٻئي ڏينهن تي وٺڻ ويس ۔۔۔گذريل مهيني وارو ساڳيو سامان ورتم پر بل 1600 وڌيڪ ڀريم ۔۔۔۔۔ هاء ڙي بجيٽ
 
Back
Top