• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

بي بي سي اردو جي وڊيو ڊائونلوڊ ڪرڻ؟

عبدالحفيظ لغاري

منتظم
انتظامي رڪن
ادا بي بي سي اردو۔ڪام تان وڊيو ڊائونلوڊ نه ٿي ٿئي۔ ان جو ڪو حل آهي ته ٻڌائيندا۔
آئي ڊي ايم سان به نه ٿي ٿئي۔
 
جواب: بي بي سي اردو جي وڊيو ڊائونلوڊ ڪرڻ؟

هن وقت اسد ميرجت عرف مست ويٺو آهي جي ڌاڳي تي نظر پئجي ويس ته جواب ضرور ڏيندو ۽ جي نه ته ممڪن فقير اچي ڪا صلاح ڏي يا وري اڃان ڳالهه چڙهي وئي ته محترم رشيد سمون موڪل تي ويل آهي، باقي پاڻ اوهانجهڙا ئي آهيون ۔۔۔ مطلب پاڻ کي به ان سوال جي جواب جو انتظار آهي، ته جيئن بي بي سي تان وڊيو کڻي سگهجن ۔۔۔

دعائن ۾ گڏ
 
جواب: بي بي سي اردو جي وڊيو ڊائونلوڊ ڪرڻ؟

ان سلسلي ۾ مان هائي ڊائونلوڊ نالي هي سافٽويئر استعمال ڪندو آهيان جنهنجو پلاٽينم ورجن پيسن تي آهي جڏهن ته ٽرائيل ورجن هتي ڪلڪ ڪري ڊائونلوڊ ڪريو۔۔۔
انسٽال ڪرڻ کان پوءِ جيڪڏهن هيٺ ڏنل تصوير وارو ايرر اچي ته ان کي ييس ڪري ڪلڪ ڪريو۔۔۔

ask-start-sniffer.gif

جنهن کان پوءِ بي بي سي جي وڊيو کي برائوزر ۾ کوليو ۽ "Watch" يا "Listen" تي ڪلڪ ڪريو۔۔۔ جنهن سان ڊائونلوڊر پڻ ڪم ڏيکاريندو ۽ توهان جي وڊيو ڊائونلوڊ ڪري وٺندو۔۔۔۔

ڪو مسئلو اچڻ جي صورت ۾ آگاهي ڏيندا۔۔۔
 
جواب: بي بي سي اردو جي وڊيو ڊائونلوڊ ڪرڻ؟

ادا رشيد اصل واه جو ڪم ڪيو اٿئو۔ يار اوهان ڪمال جو فن ٿا رکو۔ هتان سوال ٿيو ناهي هتان بهترين ونڊ ۽ مسئلو حل۔ مولا خوش رکي۔ سدا آباد هجو۔

باقي ابڙو صاحب الله پاڻ کي به وڌائيندو۔ دلجاءِ ڪريو۔
 
جواب: بي بي سي اردو جي وڊيو ڊائونلوڊ ڪرڻ؟

اميد ته سائين توهان جو مسئلو حل ٿئي ويو هوندو

سدائين گڏ
 
جواب: بي بي سي اردو جي وڊيو ڊائونلوڊ ڪرڻ؟

ادا معاف ڪجو مون وٽ انٽرنيٽ جو مسئلو اڄ ڪلهه تمام گهڻو پيو هلي، 10 منٽ هلي 20 منٽ بند ٿي وڃي ٿي ٻيو ته انٽرنيٽ جي اسپيڊ تي گوگل به مشڪل پئي کلي۔۔ بهرحال هي مسئلو وڏو ناهي۔۔۔ اوهان بي بي سي جو يوٽيوب چينل کوليو پوءِ ان وڊيو کي اوهان ڪلپ ڪنورٽر، ڪيپ وڊ، سَيو وڊ جهڙي ويب سائيٽن جي مدد سان ڊائون لوڊ ڪري سگهو ٿا۔۔​
 
مهرباني اسد

اهو به بلڪل آسان حل آهي۔
 
Back
Top