سنڌي ادبي سنگت سکر جي دوستن کي واڌايون جن سنڌي ادب جي خدمت ۾ پاڻ پتوڙن وارو عمل جاري رکيو آهي ۔۔۔ سنڌي ٻوليءَ کي انٽرنيٽ جي دنيا ۾ وڌ کان وڌ متعرف ڪرائي، سنڌي ادب کي عام ڪرڻ وارن ڪوششن جي جيتري به ساراهه ڪجي گهٽ آهي ۔۔۔ سنڌ سلامت جا سڀ دوست سنڌ دوست آهن ۽ سنڌ سلامت هميشه سنڌ ۽ سنڌيت جي نعري هيٺ پنهنجي سڃاڻپ ڪرائي آهي ۽ هميشه هر ان عمل سان سهڪار ڪيو آهي جنهن سان سنڌي ادب، تاريخ، ثقافت ۽ ٻوليءَ جي واڌاري ۾ قدم اڳتي وڌندو هجي ۔۔۔
سنڌي ادب جي سڀني دوستن کي سنڌ سلامت پنهنجيون خدمتون هميشه پيش ڪندي رهندي، سڀني دوستن کي دعوت آهي ته هو هن سنڌ دوستن جي گڏيل اوطاق تي اچي حالي احوالي ٿيندا رهن ۔۔۔