ڪافي دوستن جيان مون کي به اها شڪايت هئي ته فورم تي تحريرون ڳولڻ ڏکيو ڪم آهي۔ ۽ الاهي تحريرون مس ٿيو وڃن ڇو ته ريسينٽ ايڪٽوٽي جو ڪو آپشن ناهي۔ پر اڄ شام اسان جي پياري دوست ۽ مئنجنگ ايڊيٽر سليمان وساڻ سان تفصيلي ملاقات ٿي ۽ ان بابت ذڪر ڇڙيو ته سائين ان جو حل ٻڌايو ته جيڪڏنهن اوهان سنڌسلامت جا ريگيولر وزيٽر آهيو ته فعال موضوع جو ضرور ڦيرو ڀريندا ڪريو۔ اهو حل ته واه جو آهي پر مون وانگي اڪثر ٻين دوستن به اڃان فعال موضوع کي نه سمجهيو هوندو يا ان ۾ نه ويا هوندا سو انهي لاءِ وساڻ صاحب کي عرض ڪيم ته انهي ٽيب جو نالو مٽايو۔ مثلاً انگلش ۾ ريسينٽ ايڪٽوٽي آهي اهڙو ڪو نالو ڏيو۔ وساڻ ضاحب ان تي غور ڪرڻ جي حامي ڀري ۽ ڪجه نالا به تجويز ڪيا۔
مثلاً "تازه ترين سرگرميون"
"تازه ترين ليک" وغيره۔
پر هاڻي اها سنگت جي گڏيل صلاح سان تبديلي اچي ته بهتر ٿيندو۔
مثلاً "تازه ترين سرگرميون"
"تازه ترين ليک" وغيره۔
پر هاڻي اها سنگت جي گڏيل صلاح سان تبديلي اچي ته بهتر ٿيندو۔