هڪ نه، ٻه نه، اڻڳڻيون زالون رکڻ وارو انسان

'مزاحيه ۽ مرڪائيندڙ' فورم ۾ نثارابڙو طرفان آندل موضوعَ ‏6 جون 2011۔

  1. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,891
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    دوستو، اڄ هڪ همراهه کي ڏسي حيرانگي سان آڱر ڏندن ۾ اچي وئي بلڪ آڱر کي ڏندن زخمي ڪري وڌو ۔۔۔ يار اسين آهيون جو هڪ زال ۾ ئي پورا ٿي ويا آهيون هي همراهه ته ڏسو، الائي ڪئين ٿو ڪم هليس ۔۔۔؟

    هي تصوير سندس زالن سان آهي، آ ته ڳڻي به نٿو سگهان، اوهان ڳڻي سگهو ته ڀل ڳڻيون

    [​IMG]


    هي تصوير انهن زالن مان ٿيندڙ ٻارن جي اٿس، الائي گهڻا آهن، منهنجي ڳڙپ ڪمزور آهي، آ اوهانکي نه چوندس ته ڳڻيون ڇاڪاڻ جو اوهانجو وقت به قيمتي هوندو۔

    [​IMG]


    هي تصوير ان گهر جي آهي جنهن ۾ اهي سڀ زالون پنهنجن پنهنجن ٻارن سان گڏ رهن ٿيون ۽ نه ته ڪو انهن ۾ جهيڙو ٿيندو آهي ۽ نه وري ڪا ڪنهن کي تڪليف آهي ۔۔۔ سڀ سان انصاف برابر ۔۔۔ ڪيترا ڪمرا آهن ۽ ڪيتر حمام ۔۔۔؟ اهو هڪ سوال آهي

    [​IMG]


    دوست جن کي گهڻين شادين جو شوق آهي سي دل نه لاهن ۽ هن مان اتساه وٺن ۔۔۔ وڌي واڙي لڳي ڀاڳ
     
  2. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: هڪ نه، ٻه نه، اڻڳڻيون زالون رکڻ وارو انسان

    مطلب ته هن کي دنيا جون اٺون عجوبو ڪوٺيون ته گهٽتائي نه ٿيندي۔۔۔۔
    سائين هڪ جملي ۾ ڳالهه کُٽايان۔۔۔۔ هي موضوع پڙهي۔۔۔۔ ”مست کي چڪر اچي ويو“
     
  3. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: هڪ نه، ٻه نه، اڻڳڻيون زالون رکڻ وارو انسان

    سائين نثار ابڙا يار ڳالهه ڳاٽي کان چڙهيل آهي جو مستن کي چڪر پيا اچن، هوش مندن جو ته هنن تصويرن کي ڏسي الائي ڪهڙو حال ٿيو هوندو همراهه اهو ايترن زالن وارو مونکي ته ٻيلي هڏ ڏوکي ٿو نظر اچي جو ايتريون شاديون ڪري عزيزن قريبن ، يارن دوستن، راڄ ڀاڳن ۽ سڀ کان وڏي اهم ڳالهه ته پاڙي وارن جو سُک ڪريو ويٺو آهي، مست کي مفت ۾ مشورو آهي ته جلدي مستي ختم ڪري انهي همراهه جي پاڙي ۾ وڃي پکڙا اڏي پاڻهي چڪر وغيره لهي ويندس۔ ۽ سُک ڇا پر اصل جاوا ٿي ويندس۔
     
  4. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: هڪ نه، ٻه نه، اڻڳڻيون زالون رکڻ وارو انسان

    واقعي ئي عجب جهڙي ڳالهه آهي ۔۔۔۔۔۔

    ڪٿي ايتريون ساريون زالون ۽ ڪٿي وري اسان جهڙا ۔۔۔۔۔۔۔ هاهاها۔۔۔ انهن کي سنڀالي ڪيئن ٿو اهو به سوچڻ گهرجي۔۔
     
  5. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,891
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: هڪ نه، ٻه نه، اڻڳڻيون زالون رکڻ وارو انسان

    همراه جون ٽنگون ٽيڙيون لڳيون پيون آهن پر پوءِ به باسيندو ڪون ۔۔۔

    ادا سليمان تون گهٻراءِ نه پنهنجي مشن کي جاري رک ۔۔۔ اسانجون دعائون اوهان سان گڏ آهن ۔۔۔
     
  6. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,891
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: هڪ نه، ٻه نه، اڻڳڻيون زالون رکڻ وارو انسان

    دنيا جو وڏي ۾ وڏو خاندان
    زيونا چنا دنيا جي سڀ کان وڏي خاندان جو سربراهه آهي، ۽ سندس چوڻ آهي ته هن تي الله جا ڪرم آهن جو کيس 39 زالون آهن،
    زيونا چنا، کي 94 ٻار آهن، 14 ننهون اهن ۽ 33 پوٽا ۽ پوٽيون آهن.
    کيس هندستان جي رياست ميزورام جي هڪ ڳوٺ بڪتوانگ ۾ 4 منزله، 100 ڪمرن تي مشتمل گهر آهي.
    سندس چوڻ آهي ته آءُ الله جو خاص بندو آهيان جنهن مونکي ايترو وڏو خاندان ڏنو آهي جنهن جي آءُ پرورش ڪرڻ جي قابل آهيان ... هي همراهه پنهنجي هڪ مذهبي فرقي جو اڳواڻ آهي، جنهن ۾ 4000 ميمبر آهن.
    سندس وڏي زال سڄي گهر جي ڪمانڊر آهي ۽ سڄي گهر جي صفائي سٿرائي ۽ انجي کاڌي پيتي جو حساب ڪتاب رکندي آهي ... گهر ۾ فوجي اصولن تي عمل ڪيو ويندو آهي.
    هڪ شام جي کاڌي لاءِ 30 ڪڪڙ 132 پائونڊ پٽاٽا ۽ 220 پائونڊ چانور پچايا ويندا آهن.
     
  7. رحيم بخش

    رحيم بخش ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    3,284
    ورتل پسنديدگيون:
    2,924
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    جواب: هڪ نه، ٻه نه، اڻڳڻيون زالون رکڻ وارو انسان

    سائين آهي واقعي حيرت جي ڳالهه ته هي هڪ شخص ايترن فردن سان ڪيئن نڀاهي ٿو ايترا نالا به ياد هوندس لڳي ٿو ته فارغ البال هوندو ورنه پاڪستاني هجي ته هوندي پنجن ٻارن جي به پرورش ۾ سندس وار مٿي جي کسي وڃن ها ۔ بهرحال اها ڳالهه آهي حيرت ۾ وجهندڙ ته دنيا ۾ اهڙا ماڻهو به آهن جيڪي عام ماڻهن کان بالڪل مختلف آهن۔
     
  8. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,891
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: هڪ نه، ٻه نه، اڻڳڻيون زالون رکڻ وارو انسان

    دوست رحيم بخش بيشڪ انسان عجوبو آهي، ۽ رب جي ذات هي ڪائنات به عجيب ٺاهي آهي،

    صاحب! تنهنجي صاحبـي، عجب ڏٺيسون،
    پـــن ٻــــوڙي پاتـال ۾، پهـــڻ تـــاري تــون،
    جي راضي ٿئين تون ته، ميريائي مان لهـان۔

    هن همراه جي نالي سان جڏهن مون ” چنا“ پڙهيو ته حيرت ٿي ۽ سوچيم سنڌ جو ڪو چنو هندستان لڏي ويو هجي ۽ اتي وڃي اهو ڪارنامو ڏنو هجيس، ڇاڪاڻ ته سنڌ جو چنا قبيلو هميشه حيران ڪندڙ ڪم ڪندو آهي، جيئن عالم چنا پڻ دنيا کي حيران ڪندو رهيو ۔۔۔ هي به ذات جو چنو آهي پو سنڌ نه ته هند ئي سهي ۔۔۔

    بهرحال ۔۔۔ حال حبيبان پيش پريان
     
  9. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: هڪ نه، ٻه نه، اڻڳڻيون زالون رکڻ وارو انسان

    سائين مان به اهو ئي سوچيان پيو۔۔۔ پنهنجي سنڌ سلامت ۾ به ڪجهه دوست آهن چنا ذات جا ۔۔ هڪ ته عبدالستار چنا۔۔ ماڻهو ڏاڍو ڀلو آهي، ان کي به ڪارناما ڪرڻ اچن ٿا۔۔۔ جيئن گم ٿيڻ جو ڪارنامو۔۔۔ جيئن سنڌ سلامت تان يڪو گم ٿو ٿئي ته وري چڪر نه ٿو هڻي۔۔ او منهنجا دوست عبدالستار چنا صاحب۔۔ ڪاٿي آهين​
     
  10. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: هڪ نه، ٻه نه، اڻڳڻيون زالون رکڻ وارو انسان


    سائين۔۔۔ هن ماڻهو جي سولائيءَ لاءِ علي علي هڪ ٿريڊ شروع ڪئي آهي، ”ڇا توهان به گاڏي وٺڻ چاهيو ٿا۔“ جيڪڏهن اهو شخص اها ٿريڊ پڙهي ها ته پوءِ هن شخص جو جواب هجي ها ته ها۔۔۔ مون کي يا ته جهاز وٺي ڏيو يا وري ريل گاڏي۔۔۔۔۔۔۔ هههههه​
     
  11. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,891
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: هڪ نه، ٻه نه، اڻڳڻيون زالون رکڻ وارو انسان

    ها يار مست، همراه تمام سلڇڻو دوست هوندو هو پر جڏهن کان سنڌي چاٽ وارن سان ياري رکي اٿس تڏهن کان الائجي ڇو اسان کان منهن موڙي ويو آهي، هونءَ فيسبڪ تي مڙئي پيو ديدار ڪرائيندو آهي پر شايد سنڌي چاٽ وارن جي چنڊ جي چانڊوڪيءَ ۾ پرنور آهي انڪري اسان کيس نظر ڪون ٿا اچون ۔۔۔ باقي اوهان سچ چيو ته گم ٿيڻ جو رڪارڊ قائم ڪيو اٿس ۔۔۔

    دوست خوش هجن جت به هجن ۔۔۔
     
  12. غلام شبير ڪيريو

    غلام شبير ڪيريو
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏24 مارچ 2011
    تحريرون:
    180
    ورتل پسنديدگيون:
    50
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    ڳوٺ محمد حسن ڪيريو نزد هالانوان
    جواب: هڪ نه، ٻه نه، اڻڳڻيون زالون رکڻ وارو انسان

    هـــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــل ڙي اوڻيتاليه زالون
    سائين نثار ناز جي ڳالهه وڻي ته اوسي پاسي جو سک ڪيو ويٺو هوندو منهنجون ته آڱريون اصل ڏندن ڪٽي ڌار ڪري ڇڏيون
    مطلب ته روز هڪڙيءَ سان وقت گزاري ته وري اوڻيتاليه ڏينهن کان پوءِ ان جو وارو ايندو جيسين ڀلي اوسيئڙي ۾ وقت گذاري
     
  13. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,891
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: هڪ نه، ٻه نه، اڻڳڻيون زالون رکڻ وارو انسان

    نه سائين شبير سندس وڏي زال سڀ جو خيال ڪندي آهي ۽ هر روز ٻه زالون ساڻس رهاڻ ڪنديون آهن، انجو فارمولو به طع ٿيل آهي، هڪ ڪراڙي ته هڪ نوجوان (سڀ کان وڏي ۽ سڀ کان ننڍي ) ۔۔۔۔ اهڙي نموني هر هڪ جو وارو جلد اچيو وڃي ۔۔۔۔

    تجربي جون ڳالهيون ۔۔۔ سندس زباني
     
  14. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: هڪ نه، ٻه نه، اڻڳڻيون زالون رکڻ وارو انسان

    واهه سائين واهه
    زبردست ادا
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو