• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

جن آزادي جو سفر ڪيو آهي

ڏاڏل شينو

سينيئر رڪن
جن آزادي جو سفر ڪيو آهي​

جن آزادي جو سفر ڪيو آهي
تن پنهنجو پاڻ کي سچ چيو آهي

ڪنهن کان پڇان ڪير ٻڌائي؟
مسلمان ڪڏهن غلام رهيو آهي

رسم و رواج آهي مذهب اسانجو
ائين اسان وڏڙن کي ڏٺو آهي

دين رهيو آهي نه دينداري رهي آهي
حلال حرام ڇا؟ پنهنجوآ جو ڦٻيو آهي

جوا هوٽل تاش تي سڀ گڏ ها
آئي آذان هر پنهنجي مسجد ڀڳو آهي

جو لا الا چوين ۽ لا نه ڪرين جي
ڄڻ خيال ۾ زاهد جنت ڦِريو آهي

انا ، عُجب، رياڪاري، مان ڌوڪو
ڪهڙي مذهب کان مسلمان سکيو آهي

تنهنجي عدالت جي تاب نه سهي سگهنداسين
ڏاڏل نه سوا ڪوڙ ڪجه ڪمايو آهي

جواب: جن آزادي جو سفر ڪيو آهي

يار ڏاڏل ڇا چئجي۔۔۔۔

ماٺ رهان ته مشرڪ ٿيان ڪڇان تان ڪافر ۔۔۔۔۔۔

ٿورو لکيو گهڻو سمجهندا ۔۔۔۔۔
 
جواب: جن آزادي جو سفر ڪيو آهي

ادا ڏاڏل سائين توهان جون لکڻيون ۽ توهان جي شاعري جو اسان کي هميشه انتظار هوندو آهي۔ ڇاڪاڻ توهان سنجيده قسم جون لکڻيون ۽ تمام سٺي ۽ سبق واري شاعري اسان ونڊ ڪندا آهيون۔ توهان جون مهربانيون۔ ڌڻي پاڪ توهان جي علم ۾ اضافو ڪري ۽ توهان اسان سان ونڊ ڪندا رهو۔ آمين
 
سائين شاھ صاحب اوهان جا قرب اوهان مانائتو قرب ڏيندا آهيو توهان جهڙن سڄڻن جون مهربانيون پهريان به رهينديون آهن ۽ هاڻي به منظر رهندا آهيون۔
وسلام
 
Back
Top