غزل ڊاڪٽر آزاد منگي

ڊاڪٽر آزاد منگي

سينيئر رڪن
غزل
ياد ناهي عذاب آ جاني
ننڊ کي اڄ جواب آ جاني

نفرتن جي اٿاهه ساگر ۾
پيار هڪ انقلاب آ جاني

هن سان گھاريل حسين لمحن کي
دل سان سارڻ ثواب آ جاني

سُور، صدما، عذاب چاهت جِي
موٽَ اهڙي خراب آ جاني

مست نظرون ۽ چال هرڻيءَ جي
ڇا ته ڇانيو شباب آ جاني

رخ تا پردا هٽائي ڏيو درشن
ڇو اسان کان حجاب آ جاني

پيار، محبت، پريت ئي منهنجي
زندگيءَ جو نصاب آ جاني

کوڙ ”آزاد“ کي وڻيا مُکَ پي
هُو ته ڪو ماهتاب آ جاني
 
Back
Top