• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

منهنجو نئون غزل

ڊاڪٽر آزاد منگي

سينيئر رڪن
غزل
ڇو اسان کي پرين وساريو ٿا
ڏوهه ڪهڙو جو اڄ ڌڪاريو ٿا

پيار، محبت جي پاڪ وستيءَ کي
بي سبب اوچتو اجاڙيو ٿا

منهن ٿا موڙيو ته ٿا وجھو ماري
مرڪ هڪ سان وري جياريو ٿا

مست جوڀن جا ڏينهڙا سائين
ڪيئن ڀلا مون سوا گذاريو ٿا

روز مِس ڪال ڏئي وري من ۾
آس جا ديپ ڪيئي ٻاريو ٿا

رنگ موسم جا ٿا عجيب لڳن
زلف پنهنجا جڏهن سنواريو ٿا

سونهن ۾ سرس هو سڀن کان پر
دل صفا ٻار واري ڌاريو ٿا

لفظ ”آزاد“ جا پون جھومي
پنهنجي چپڙن سان جڏ اچاريو ٿا
 
Back
Top