اٺ گاڏو هلائيندڙ سنڌي بڻيو آمريڪا جو مهمان

'مختلف موضوع' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏7 جون 2011۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    اٺ گاڏو هلائيندڙ بڻيو آمريڪا جو مهمان


    [JUSTIFY]مئي 1961ع تائين بشير احمد هڪ عام اٺ گاڏو هلائيندڙ هو جيڪو غربت واري زندگي گهاري رهيو هو ۽ ٻين اٺ گاڏو هلائيندڙن جيان ڪراچي جي ڳتيل آبادي ۾ رهندو هو. پر پوءِ ان وقت قسمت کي مٿس رحم اچي ويو جڏهن مئي 1961ع ۾ آمريڪا جو نائب صدر لنڊن بي جانسن پاڪستان جي خيرسگالي جي دوري تي آيو. ڪراچي ۾ ايئرپورٽ کان اسٽيٽ گيسٽ هائوس موٽر ڪيڊ ۾ ويندي هن ڏٺو ته رستي تي بيٺل ماڻهن وٽ بيٺل هڪ اٺ به کيس ڀليڪار چئي رهيو آهي. هو بيهي رهيو ۽ گاڏي مان لهي ان غريب اٺ گاڏو هلائيندڙ وٽ ويو ۽ پاڪستاني عوام سان خيرسگالي جي جذبي جو اظهار ڪيائين. هن اٺ کي هٿ لاتو ۽ پنهنجي نرم زبان ۾ اٺ مالڪ کان پڇيائين ڪنهن وقت توهان سڀ واشنگٽن اچي اسان سان ملندئو؟ اهو شخص بشير احمد هو جنهن يڪدم آڇ قبول ڪئي. اهو ئي وقت هو جتان هو مشهور ٿيو.

    ساڳئي سال آڪٽوبر ۾ بشير احمد عرف بشير سرٻاڻ آمريڪا ۽ ريڊرز ڊائجسٽ جي گڏيل مهمان طور آمريڪا جو دورو ڪيو. نائب صدر جانسن پاڻ نيويارڪ هوائي اڏي تي سندس آجيان ڪئي. ٽائيم ميگزين جي رپورٽ هئي ته ڪراڪلي ٽوپي ۽ فراڪ ڪوٽ پهريل شخص 500 واٽ جي مرڪ سان اٺ گاڏو هلائيندڙ پريس ۽ عوام جو ”حملو“ برداشت ڪندي مغل شهزادي جيان پهتو. جانسن نروس ٿيندي ٿڌي موسم جي معافي ورتي جنهن تي بشير وراڻيو ته ٿڌ نه پر ماڻهن جي دلين جي گرمائش آهي جيڪا معنيٰ رکي ٿي.

    بشير کي شاهي مهمان جي حيثيت ڏني وئي ٽائيم ۽ لائيف ميگزين مٿس خاص ليک شايع ڪيا. جتي به ويو آمريڪين سندس شاندار آڌر ڀاءُ ڪيو. ٻين عالمي رسالن به فرنٽ پيج تي سندس ڀرپور مرڪ واريون تصويرون شايع ڪيون. سندس لفظ سڄي آمريڪا ۾ رباعيون بڻجي گونجڻ لڳا ڪنساس شهر ۾ هيري ٿرومين کيس هز ايڪسيلينسي ڪري سڏيو. هن جانسن جي ٽيڪساس واري شڪار گاهه تي ٿيل دعوت ۾ چيو ته مون کي پنهنجي ننڍي ڌيءُ ڏاڍي پياري آهي ڇو ته خاندان ۾ ڌيءُ موسمن ۾ بهار جيان آهي. سندس اٺ ڪراچي ۾ هن لاءِ پريشان هو هن چيو ته اٺ به عورت جيان آهي ڪابه خبر ناهي ته ايندڙ لمحي ڇا ڪري ويهندو.

    هڪ هفتي جي سرڪاري دوري دوران بشير واشنگٽن به ويو جتي کيس لنڪن ميموريل سينيٽ فلور ۽ صدر ڪينيڊي جي آفيس به ڏيکاري وئي. هن ابراهام لنڪن جو مجسمو ڏسي چيو ته جڏهن ڪو شخص ملڪ لاءِ زندگي گهوريندو آهي ته قوم سندس مجسمو ٺاهيندي آهي جيڪو سدائين ياد رکيو ويندو آهي. سينيٽ ۾ هن چيو ته جڏهن هڪ مسئلي تي گهڻا دماغ غور ڪن ته ان جو بهتري حل نڪرندو آهي پر هڪ دماغ اهڙو حل نه ڪڍي سگهندو. بشير ليڊي برڊ جانسن ۽ لوسي بينز جانسن سان گڏ وينا ورجينا ۾ اسڪول جو به دورو ڪري هڪ مترجم جي مدد سان خطاب ڪيو. واپسي تي هوائي اڏي تي کيس جانسن جي تار ملي ته واپس ويندي تون مڪي جي ڀرسان گذرندين تنهنجي مڪي ۾ ترسڻ جو به بندوبست ڪيو ويو آهي. اهو پڙهي سندس لڙڪ لڙي آيا ۽ هن الله اڪبر جو نعرو هنيو.

    بشير آمريڪا مان تحفا ۽ پيار کڻي موٽيو جنهن کيس ملڪ اندر ۽ ٻاهر سرخين ۾ رکيو. ملڪ ۾ به هر هنڌ سندس آڌر ڀاءُ ڪيو ويو. فورڊ ڪمپني جي دوري وقت کيس هڪ فورڊ ٽرڪ تحفي ۾ ڏني وئي هئي. لائيف ميگزين موجب وٽس پنهنجو وزيٽنگ ڪارڊ هو جنهن تي لکيل هو بشير احمد سرٻاڻ، صدر سٽي ريلوي اسپيشل ويلويئر آرگنائيزيشن بشير چوڪ ويجهو بلاڪ 238 سٽي ريلوي ڪالوني ڪراچي پاڪستان. قصو اتي ئي ختم نه ٿيو پر 1963ع ۾ جيڪي ڪينيڊي پاڪستان جو دورو ڪيو ته بشير کي راولپنڊي ۾ ايوان صدر جي روز گارڊن ۾ گهرايو ويو جتي هو اٺ سان گڏ روايتي پاڪستاني ڪپڙا پهري ويو ۽ اتي مسز ڪينڊي بشير ۽ سندس اٺ سان گڏ فوٽو به ڪڍرايا. بشير احمد 70ع جي ڏهاڪي ۾ لاڏاڻو ڪري ويو ۽ پنهنجي پويان دوستي جو اهو ورثو ڇڏي ويو جنهن جي شروعات لنڊن جانسن ڏانهس هٿ وڌائي ڪئي هئي. [/JUSTIFY]

    عوامي آواز سنڊي ميگزين تان ورتل
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سيد بشارت حسين

    سيد بشارت حسين
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏21 مئي 2011
    تحريرون:
    53
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    جواب: اٺ گاڏو هلائيندڙ سنڌي بڻيو آمريڪا جو مهمان

    سائين سلمان صاحب توهان جون وڏيون مهربانيون جو اوهان اسان سان تاريخي معلومات ونڍ ڪئي۔ يقينن اسان سنڌين لاءِ فخر جي ڳالهه آهي۔
     
  3. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: اٺ گاڏو هلائيندڙ سنڌي بڻيو آمريڪا جو مهمان

    مهرباني ادا

    بلڪل ادا ۔۔۔۔

    هن اٺ چاريندڙ جون ڳالهيون ڪيڏيون وڏيون ۽ گهريون آهن۔
     
  4. غلام شبير ڪيريو

    غلام شبير ڪيريو
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏24 مارچ 2011
    تحريرون:
    180
    ورتل پسنديدگيون:
    50
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    ڳوٺ محمد حسن ڪيريو نزد هالانوان
    جواب: اٺ گاڏو هلائيندڙ سنڌي بڻيو آمريڪا جو مهمان

    مهرباني ادا سليمان اهڙي تاريخي معلومات اسان تائين پهچائڻ لا سچ پڇو ته پڙهي ڏاڍي حيرت ٿي آهي
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو