هي انسان به عجيب مخلوق آهي۔

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ گل حسن لاکو طرفان آندل موضوعَ ‏7 جون 2011۔

  1. گل حسن لاکو

    گل حسن لاکو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏18 جولائي 2010
    تحريرون:
    407
    ورتل پسنديدگيون:
    821
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    لائبريري اسسٽنٽ، مهراڻ يونيورسٽي ڄامشورو
    ماڳ:
    مهراڻ ٽائون، شهدادپور ضلع سانگهڙ
    دنيا ڪمائڻ جي حرص ۾
    پنهنجي صحت وڃائي ٿو ويهي
    ۽ پوءِ پنهنجي صحت ٻيهر حاصل ڪرڻ لاءِ
    دولت کپائي ويهي ٿو.

    مستقبل جي خوف ۾
    حال کي وڃائي ٿو ڇڏي
    ۽ پوءِ وري ماضي کي ياد ڪندي
    روئندو رهي ٿو.

    زندگيءَ کي ايئن ٿو سمجھي
    ڄڻ کيس ڪڏهن موت اچڻو ئي ناهي
    ۽ پوءِ جڏهن انسان مري وڃي ٿو
    ته ڄڻ ڪڏهن هو ئي نه.



    انتخاب؛ گل حسن لاکو
     
  2. ڏاڏل شينو

    ڏاڏل شينو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏30 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    2,207
    ورتل پسنديدگيون:
    2,171
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي
    جواب: هي انسان به عجيب مخلوق آهي۔

    سائين الله اوهان جي حاضري قبول ڪري الله اوهان کي انساني قدرن کي سڃاڻڻ وارن ونڊن ونڊڻ تي اجرِ عظيم عطا فرمائي اوهان عظيم فرامين عظيم هستي جا ونڊ ڪيا الله اوهان اسان سڀني جو حامي و ناصر۔
    وسلام
     
  3. غلام مصطفي ميمڻ

    غلام مصطفي ميمڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏8 آڪٽوبر 2010
    تحريرون:
    1,524
    ورتل پسنديدگيون:
    3,476
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Govt job
    ماڳ:
    karachi, originally district Dadu
    جواب: هي انسان به عجيب مخلوق آهي۔

    گل حسن لاکو صاحب اسلام عليڪم۔بهترين ۽ حساس خيالن تي مبني توهان جا ويچار انسان جي عرواج ۽ زوال جي ترجماني ڪري رهيوآهي۔ان قسم جا ويچار هڪ نرم ۽ صاف دل ۾ ئي پيدا ٿيندا آهن۔بهترين ليک ونڊ ڪرڻ تي توهان جون مهربانيون۔ان ڪوشش کي جاري رکندا۔
     
  4. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,891
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: هي انسان به عجيب مخلوق آهي۔

    گل حسن لاکي صاحب تمام سهڻا قول ونڊ ڪيا آهن، جيتوڻيڪ اهي ساڳيا قول اڳ به ونڊ ٿيندا رهيا آهن، پر چوندا آهن ته سٺي شئي جيترا ڀيرا به پڙهجي اوترو ڀلو ٿيندو آهي ۔۔۔ سچ کي هميشه ور ور ڪري ٻيو ٻڌجي ته ايمان تازو ٿيندو آهي ۔۔۔

    لک ٿورا سائين محترم ۔۔۔

    سنڌ سلامت ساٿ سلامت
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو