• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

هڪ گذارش!

عبدالحفيظ لغاري

منتظم
انتظامي رڪن
مون هي گذارش الاهي دوستن کي اڳي به ڪئي هئي ته هن تي عمل ڪيو پر اڪثر دوست سنڌ جي اشوز تي وڏا وڏا مسج لکن ٿا پر اردو م۔ ۽ هن عمل ۾ رومن سنڌي جي وڌڻ ويجهڻ جا پڻ چانس آهن جيڪا اسان لاءِ ضريوري آهي۔ اميد ته دوست هن کي سيريس وٺندا ۽ دوستن ۾ به ڦهلائيندا۔
20zec0l.jpg
[/img][/IMG]
 
جواب: هڪ گذارش!

سائين لغاري صاحب۔ تمام سهڻي ۽ ڪارائتي التجا آهي، بيشڪ اسانکي سائين ابو سراج جي ڳالهه کي ڌيان ۾ آڻي اها ڳالهه عام ڪرڻ گهرجي ۽ پنهنجي سيل فون تان ايس ايم ايس سنڌيءَ ۾ فارميٽ ڪري موڪلڻ گهرجن، بيشڪ اهي رومن سنڌيءَ ۾ ئي ڇو نه هجن، باقي ٻيو عرض ته ڇون عربن جيئان اسانجا سنڌي ڪمپيوٽنگ جا ماهر اهڙو ڪو سوفٽ ويئر ايجاد ڪن جنهن سان اسين سيل فون ۾ به سنڌي ڊائونلوڊ ڪري لکي سگهون ۔۔۔

پر حقيقت اها آهي ته قومي جاڳرتا نه هجڻ سبب ۽ سنڌي ٻوليءَ جي روز بروز ڪرندڙ ساک سبب اسانجو نئون نسل سنڌي ٻوليءَ لکڻ کي آسان نٿو سمجهي ۽ ڪترائي وڃي ٿو ۔۔۔ انڪري اسانجي به گذارش آهي اسانجي نوجوانن کي يا هر طبقي کي ته هو ڪمپيوٽر ۽ سيل فون ۾ سنڌي لکڻ بيشڪ اها رومن ئِي ڇو نه هجي ۔۔۔

خدارا پنهنجي ٻوليءَ جي مدد ڪريو ۽ سنڌي بچايو

سنڌ سلامت ساٿ سلامت
 
Back
Top