جيڪڏهن هو سنڌ جو ڀَلو چاهين ٿا...

'شل سنڌ ۽ سنڌو آباد رهي' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏8 جون 2011۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جيڪڏهن هو سنڌ جو ڀَلو چاهين ٿا...

    شبنم بلوچ


    [JUSTIFY]دنيا جي تاريخ تي اگر نگاهه وجهجي ته اسان کي ماضي ۾ به دنيا تي اُهي ئي قومون حڪومتون ڪندي نظر اينديون جن وٽ باقي قومن کان وڌيڪ شين جو علم به هو ته ڄاڻ به. اڄ به ائين ئي آهي. ڪجهه ملڪ آهن جيڪي باقي سڄي دنيا جي تقديرن جو فيصلو ڪن ٿا ان جي پٺيان به هڪ ئي وجهه آهي ته هو باقي ٻين ملڪن جي قومن کان وڌيڪ ڄاڻن ٿا. هٿيار هُجن يا اڪانامي هُجي هو هر شيءِ ۾ ڀاري آهن. غريب ملڪن جي ٻارن جا فيصلا هي ملڪ ان وقت ڪري ٿا ڇڏين جڏهن هو اڃان ڄاوا به نه هوندا آهن، هي قومون پڙهيون، ڄاڻو ٿيون ۽ اُن ڄاڻ کي هٿيارن ۽ معاشيات تي استعمال ڪيائون ۽ ائين اڄ هو حاڪم آهن ٻيا محڪوم، هو مالڪ آهن ته اسين محڪوم. آگاهي ۽ علم جو ڪمال آهي چائنا امريڪا جي ٽڪر ۾ آ ته جاپاني هيڏي سونامي بعد به پراُميد آهن ته هو هڪ دفعو وري پاڻ ڀرو ٿيندا جيئن اڳ ۾ ٿيا. اِها علم جي دهشت آ جو اوباما مجبور ٿي سندي ملڪ جي نوجوانن کي چوي ٿو ته ”تياري ڪيو ته اوهان جو مقابلو چائنا ۽ انڊيا جي ٻارن سان آهي ڪٿي هو اوهان کان اڳيان نڪري اوهان کان اوهان جو روزگار نه کسي وٺن.“

    پاڪستان جي حڪمران ۽ elite ڪلاس کي اُن جو احساس ئي ناهي تڏهن ته هو اڄ به بجيٽ جو وڏو حصو دفاع جي نالي تي خرچ ڪن ٿا. هي فورس پياري پاڪستان جو دفاع ڏينهن رات هڪ ڪري ڪيئن ڪري پئي اهو پاڻ سڀ ڏسي چڪا آهيون. امريڪي هيليڪاپٽرن تي اچي سندن نڪ هيٺيان ڪارروائي ڪري هليا ٿا وڃن پر هنن کي خبر ئي نه ٿي پوي. مهراڻ بيس تي ٿيل حملو اهو سمجهائڻ لاءِ ڪافي آهي ته اسان جا انٽليجنس ادارا ڪيترا ايڪٽو (چئوڪس) آهن.

    جيتري دلچسپي، دلجوئي ۽ يڪسوئي آمر ۽ ڊيموڪريٽڪ حڪمرانن دفاع ۽ ايٽم بم ٺاهڻ تي ڏيکاري اگر ان جي ان جيتري دلچسپي تعليم تي لڳائن ها ته شايد شيون ۽ حالات گهڻو مختلف هجن ها. مان اهو ان ڪري چوان ٿي جو عالمي اداري جي ڪيل سروي رپورٽ منهنجو روح ڏڪائي ڇڏيو آهي. عالمي اداري گذريل سال سنڌ ۾ سروي ڪئي ۽ ان مطابق سنڌ ۾ ٽئين ڪلاس ۾ پڙهندڙ ڪُل ٻارن مان 63 سيڪڙو ٻار ڪلاس ون جا ڪتاب پڙهي نه پيا سگهن، پرائمري اسڪولن ۾ پڙهندڙ 75 سيڪڙو ٻار انگريزي جا لفظ اُچاري نه ٿا سگهن ۽ ڪلاس چوٿين ۾ پڙهندڙ 63 سيڪڙو ٻار جوڙ ڪٽ جو حساب نه پيا ڪري سگهن. ٻين صوبن جي حالت به سنڌ کان ڪو خاص بهتر ناهي. رپورٽ ڇپي سال ٿي چڪو پر حڪمرانن جي ڪنن تي جونءِ به نه چري. حڪمرانن جي تعليم کان لاتعلقي آ جو چوٿين ڪلاس ۾ پڙهندڙ ٻار جوڙ ڪٽ نه پيا ڪري سگهن. انگريزي ته پري رهي. سنڌ جي ٻهراڙي ۾ الائي ڪيترا اهڙا اسڪول آهن جتي ٻارن کي اِها خبر ناهي ته سليٽ تي ليڪ پائي اکر ڪيئن لکبو آ. ناقص پاليسين ۽ سياسي ڀرتين تعليم جو ڇا حشر ڪيو آ سو مٿي ڏنل انگن اکرن مان سمجهي سگهجي ٿو پيو. ڊگريون هٿن ۾ کڻي هي نوجوان جڏهن يونيورسٽين کان ٻاهر اچن ٿا ته هو ان قابل ئي نه ٿا هُجن جو ڪٿي پرائيويٽ سيڪٽر ۾ کپجي سگهن.

    تعليم جي بهتري جي نالي تي الاءِ ڪيترا غير سرڪاري ادارا به ڳوٺ ڳوٺ ۾ ۾ ڪم ڪن ٿا پيا پر اُهي سڀ ڪن ڇا پيا ڪٿي به نظر نه پيو اچي. هڪ ئي ڳوٺ ۾ سرڪاري اسڪول به آهي ته وري يونيسيف، NCHD ۽ سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن وارن جا به اسڪول آهن، هڪ ئي وقت ٽن چئن پاسن کان پئسو خرچ ٿيٿي رهيو آهي پر Out Come ڪجهه به نه هوندو آ. غير سرڪاري ادارا سرڪار جي مشينري مان مايوس پيا ملندا ته وري سرڪار غير سرڪاري ادارن تي اعتبار ڪرڻ لاءِ تيار ناهي. هر ڪنهن جو الڳ رڌڻو ٺهيل آ باقي قوم ڏينهون ڏينهن پٺيان پئي وڃي ان جو فڪر ڪنهن کي به ناهي. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته غير سرڪاري ادارا ڪڏهن به سرڪار جو متبادل نه ٿا ٿي سگهن. ساڳي طرح سرڪار جي رسائي عوام تائين اين جي اوز جيتري مضبوط ناهي ته ڇا ائين ممڪن ناهي ته سرڪار، غير سرڪاري ادارا هڪ ٻئي جي strengthen جو فائدو وٺندي گڏ ڪم ڪن ۽ پاڻ سان گڏ سنڌ جي ڏاهن ۽ قوم جي خير خوبي گهرندڙن کي به گڏ وٺي هلن بشمول قوم پرستن جي اگر هي سڀ گڏ ڪم ڪن ته شايد ٻه ڏهاڪا کوڙ هن جو پاڻ به باقي دنيا سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي سگهون. قومپرست ۽ ڏاهن کي ڇو گڏ هلائجي اهو اڳتي موضوع ۾ بيان ڪنديس. ٻهراڙي جا اڌ کان مٿي اسڪول اهڙا آهن جتي پهرين کان پنجين ڪلاس تائين لاءِ هڪ ئي استاد مقرر ٿيل ملندو، ظاهر آ هڪ ئي وقت پنجين ڪلاس ۽ هر ڪلاس جا الڳ سبجيڪٽ پڙهائڻ آسان ڳالهه نه چئبي هر سبجيڪٽ لاءِ 20 کان 25 منٽ کپن مطلب ته ٽائيم کپجي ٿو پڙهائڻ لاءِ. سو هڪ استاد لاءِ اهو ڏکيو ٿو ٿي پوي ته هو ڪيئن پڙهائي پنجين ڪلاس جي 5. 5 ڪتاب کي آئيڊيل صورتحال ته اها چئبي ته هر سبجيڪٽ لاءِ نه به سهي هر ڪلاس لاءِ الڳ الڳ استاد هُجي پر اگر اهو فوري طور ممڪن ناهي ته ان جو حل ملٽي گريڊ ڪلاس وٺجن. ملٽي گريڊ ڪلاسز مان مراد هي آ ته هڪ ئي وقت هڪ Topic ٻن کان ٽن ڪلاسن کي پڙهائجي. مثال طور اگر پاڻ سڳورن تي سنڌي ڪتاب ۾ سبق آهي ته ان سان ئي ملندڙ سبق اسان کي ٻئين کان پنجين ڪلاس تائين ملندو سو استاد ٻئي کان پنجين ڪلاس جي ٻارن کي هڪ ئي وقت گڏ ويهاري پاڻ سڳورن جي زندگي جي باري ۾ ٻڌائي ۽ سمجهائي سگهي ٿو. اهو ساڳيو طريقو ٻين سبقن ۽ ڪتابن لاءِ به اپنائي سگهجي پيو پر بشرطيڪه ٻار جو بنياد مضبوط هُجي، هُن جي صورتخطي ۽ هِجي مضبوط هجي ته جيئن گهر وڃي ان موضوع کي سندي گهر ۾ ڪتاب مان ڏسي پڙهي سگهي.

    مائٽن جي عدم توجهي:

    استاد کان اڪثر اهو چوندي ٻڌو ويندو آهي ته والدين سنجيده ئي نه هوندا آهن ته ٻار اسڪول اچي به پيو يا نه. عرض ڪريان ته والدين جي عدم توجهي جا ٻه سبب آهن:

    (1) هڪ تعليم جي اهميت کان بي خبري

    (2) ٻار جو علم پرائي به بي روزگار رهڻ

    مٿيان ٻه سبب آهن جن جي ڪري والدين ان طرف ڌيان ئي نه ڏيندو آهي ته ٻار اسڪول وڃي ٿو يا نه. هڪ پيءُ جڏهن تعليم جا ڳاٽي ٽوڙ خرچ به ڀري ٿو ۽ ٻار کي نوڪري به نه مليس ته هو ٻار کي پڙهائي به ڇو پڙهائي؟ (توڙي جو علم جو نوڪري سان تعلق نه هُجڻ کپي)

    بيروزگار اولاد کي ڏسي والدين جو پڙهائي کان ارواهه ئي کڄي وڃي ٿو سو ان جو حل اهو آهي ته ٻهراڙي جي ٻار جي رسائي جديد دور سان ناهي. هُن کي اها خبر ئي نه ٿي هجي ته ايندڙ وقت جي ڊمانڊ ڇا هوندي ۽ کيس ان لاءِ ڪهڙي ڊگري گهربل هوندي سو اهو ڪم انهن ڏاهن جو آ ته هو اسڪولن ۽ ڪاليجن جا ۽ ٻهراڙي جي ڳوٺن جا دورا ڪري ٻارن ۽ والدين کي ٻڌائين ته ٻار کي هينئر جي دور جي تقاضا مطابق ڪهڙي ڊگري وٺڻ کپي. ٻيو مسئلو آهي علم جي اهميت کان بي خبري. اڄڪلهه هڪ نامور صحافي آ جيڪو تبديلي جي اُميد کڻي شهر شهر، ڳوٺ ڳوٺ جا دورا ڪري ماڻهن سان ملي ٿو پيو. اهو ساڳيو ڪم اسان جا قومپرست به ڪري سگهن ٿا، ڳوٺ ڳوٺ ۾ ڪچهري culture کي جياري ان ۾ سنڌي قوم کي ٻڌائي ۽ سمجهائي سگهن ٿا پيا ته علم ڇو ضروري آ؟

    مٿي ٻڌائي آئي آهيان ته کوڙ اهڙا ڳوٺ آهن جن ۾ هڪ ئي وقت سرڪاري اسڪول به آهي ته غير سرڪاري ادارن جا اسڪول به هلن ٿا پيا ۽ Result ڪجهه به ناهي. ان لاءِ بهتر آ ته سرڪار ۽ غير سرڪاري ادارا گڏ ويهي ان Application کي ختم ڪن ۽ الڳ الڳ خرچن بجاءِ گڏيل حڪمت عملي طئي ڪن مثلن: سرڪار اها ذميداري کڻي ته استاد جي حاضري اسڪول ۾ يقيني هُجي ۽ غير سرڪاري ادارا وري ٽيچر جي تربيت ۽ اسڪول ۾ ٽيچنگ مٽيريل جي موجودگي جي ذميواري کڻن. ان سان نتيجا به بهتر ملندا ته پئسي جي بچت ٿيندي، بچيل پئسو وري اسڪالر شپس تي خرچ ڪري سگهجي ٿو پيو.

    مان سجهان ٿي ته وقت جي اهم ضرورت آهي ته هاڻ سرڪار سڳوري کي فروغ تعليم طرف هنگامي بنيادن تي توجهه ڏيڻ کپي ۽ ملڪ جو مسئلو دفاع کان وڌيڪ جهالت آ سو ان لاءِ سرڪار، غير سرڪاري ادارن، ڏاهن ۽ قومپرستن جو گڏ ويهڻ ۽ ان تي ڪم ڪرڻ اڳ جي ڀيٽ ۾ الاهي ضروري آهي ۽ ائين ڪرڻ سان ئي معيارِ تعليم بهتر ڪري سگهجي پيو.

    نوٽ: ڪي ڏهاڪا اڳ تائين هند ۽ سنڌ ۾ سرندي وارا سندي خرچ تي اسڪول هلائيندا هئا، ان لاءِ ٽنڊي باگي ۾ سائين غلام حيدر ٽالپر، سانگهڙ ۾ سائين عثمان مري ۽ هالا ۾ مخدوم قابل ذڪر آهن جتي جي اسڪولن ۾ پريان پريان کان ٻار اچي اُتي رهي علم حاصل ڪندا هئا. ڇا اڄ جي دور ۾ ان قسم جا ادارا وري سنڌ ۾ کولي نه پيا سگهجن؟

    ڊاڪٽر سونو کنگهاراڻي، ڊاڪٽر سليمان شيخ، سليمان ابڙو، ڊاڪٽر تنوير جوڻيجو هي اُها نالا آهن جيڪي سنڌ جي پٺتي پيل علائقن ۾ هر ضلعي ۾ موجود آهن ۽ Development لاءِ پاڻ پتوڙي رهيا آهن. هي سندي کيسي مان نه سهي ڊونر جي ۽ سرندي وارن جي مدد سان ڇا اهڙا ادارا سنڌ جي ڪن ضلعن ۾ نه پيا کولي سگهن جن جي Duration (مدو) هڪ ٻه سال نه بلڪه مستقل هجي.

    [/JUSTIFY]

    روزانه عبرت جي ٿورن سان
     
  2. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,891
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: جيڪڏهن هو سنڌ جو ڀَلو چاهين ٿا...

    سائين سليمان ! محترمه شبنم بلوچ تمام ڏاهپ سان هي ليک لکيو آهي ۽ اندر جي باهه چئجي يا پنهنجي قومي اتساهه کي نظر ۾ رکي، سڀ ڳالهيون سچ چيون آهن۔

    ۔۔۔۔۔۔۔۔ پر ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
    ٻلي کي گهنڊڙي ڪير ٻڌندو؟

    سنڌ جا حڪومتي ادارا به اسانجي سامهون آهن، سماجي ادارا به ڪو ٻوٽو ٻاري نه سگهيا آهن ۽ سياسي قومي ادارا پڻ قبضاخوري جي موذي مرض ۾ مبتلا ٿي سنڌين جي تعليم جي تباهي جو ڪارڻ ٿي رهيا آهن ۔۔۔ ان جو مثال سچل ڳوٺ ۾ نياڻين جي تعليم لا ڏنل زمين به قبضو ڪري ويٺا آهن ۔۔۔
    اڳ اسين چوندا هئاسون ته اسانکي ڌارين قومن نقصان رسايو آهي، بيشڪ اهو به سچ آهي پر جيڪو نقصان اسانجا سنڌي ڪري رهيا آهن انجو نه مثال نه ڪو تدارڪ ۔۔۔ پنهنجو منهن ۽ پنهنجو ڀونڊو ۔۔۔۔

    بس ڙي يار ڪو پيغمبر اچي اسانکي سڌاري باقي ته هاڻ اندر جي باهه اسانکي ساڙي ڇڏيندي ۔۔۔

    هٿ مٿي آهن

    سنڌ سلامت ساٿ سلامت
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو