• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

دنيا جي مذهبن ۾ خدا جو تصور - ڊاڪٽر ذاڪر نائيڪ

سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر
انتظامي رڪن
لائيبريرين
ڊاڪٽر ذاڪر نائيڪ هڪ وڏو عالم ۽ مقرر آهي جنهن دين جي علم تي لاتعداد تقريرون ڪيون آهن۔ هي به سندس اهم تقرير آهي جنهن ۾اسلام ۽ ٻين مذهبن ۾ خدا جي تصور جو ذڪر ڪيل آهي۔

هن ڪتاب کي ڪمپوزنگ ڪندڙ دوست محترم عبدالجبار شيخ کي سلام آهي جنهن محنت ڪري هي ڪتاب اسان سان اي بوڪ جي صورت م ونڊ ڪيو آهي ۽ وائيس آف سنڌ ڊاٽ نيٽ پاران هي ڪتاب متعارف ڪرايو ويو آهي۔

مڪمل ڪتاب ڊائونلود ڪيو يا هتان پڙهو:



 
ذاڪر نائيڪ عالم اسلام جو تمام وڏو عالم آهي،
هن جي علم ء عقلء عمل کي ڏسي روزانو سوين ماڻهو مسلمان ٿيندا آهن۔۔
ساندس هي ڪتاب ب بهترين ڪتابن مان هڪ آهي۔۔۔۔۔
 
ڊاڪٽر صاحب موجوده وقت ۾
اسلام جو عالمي مفڪر آهي
سندس هي ڪتاب وجود خدا جي
انڪارين جي منهن تي چماٽ وانگي آ۔
مون وٽ اردو ۾ پيل آهي ڪتاب جي صورت ۾۔
 
ڊاڪٽر ذاڪر عبد الڪريم نائيڪ آڪٽوبر1965ع ڀارت ۾ پيدا ٿيو، پاڻ مذاهب عالم ۾ مناظرن جي حوالي سان سڃاتا وڃن ٿا،عيسائي، يهودي، هندو، بدهمت، سک مت، سان گڏوگڏ پاڻ ڪيترن ئي مذهبن تي عبوررکن ٿا، پاڻ دين جي تبليغ جو ڪم1991 کان شروع ڪيائين، سندس مشهور تقريرن ۾ ڊاڪٽر وليم ڪيمبل سان ٿيل تقرير شهر آفاق آهي. هُوءُشيخ احمد ديدات جو سڌو سنئون شاگرد آهن. هن وقت اسلامڪ ريسرچ فائونڊيشن ممبي جا صدر آهي.
ڊاڪٽر ذاڪر نائڪ موجوده دور جو بهترين مبلغ، عالم دين ۽ مجدد آهي، ڊاڪٽر صاحب اڄ جي جديد دور ۾ عقلي ۽ سائنسي حوالن سان مذهب اسلام کي پيش ڪرڻ جي بهترين ڪوشش ڪري رهيو آهي، ۔۔۔۔۔۔۔ڪجهه ماڻهن کي مسلڪ جي ڪري هن عالم دين سان ڪي اختلاف به هجن ڇا ڪاڻ ته ڊاڪٽر صاحب هڪ موحد ۽ توحيد پرست عالم دين آهي، ۽ ان تمام وهمن ۽ وسوسن کي نديندو رهندو آهي جنهن جو دين اسلام سان ڪو به واسطو ڪونهي۔( اسان جي بد قسمتي چئبي جو جنهن کي دين جو حصو بنايو ويو آهي )۔۔۔۔۔سندس علم مان نه صرف مسلمان پر دنيا جا غير مسلم ماڻهون به فيض حاصل ڪري رهيا آهن، ۽ دائره اسلام ۾ شامل ٿئي رهيا آهن موجوده دور ۾ اهڙو ناليوارو عالم ٻيو ڪو شايد هجي، جنهن ايتري شهرت حاصل ڪئي هجياهڙا ماڻهون صدين کان پوءِ پيدا ٿيندا آهن .اهڙن انسانن کي غيرمعمولي انسان سڏيو ويندو آهي دعا آهي ته رب پاڪ سندس ڪم کي ترقي عطاء ڪري ۽ هر دشمن جي نظرکان پناهه ۾ رکي۔ آمين اسان جي دوست محترم سليمان وساڻ صاحبکي جس هجي جو هن عظيم عالم جي تقريرن جو هي مجموعو سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ ونڊ ڪيو اٿس۔سندس سنڌ سلامت تي ڪيل خدمتون وسرڻ جون نه آهن۔

1474429_10201580300287734_1190769480_n.jpg
 
ڊاڪٽر ذاڪر عبد الڪريم نائيڪ آڪٽوبر1965ع ڀارت ۾ پيدا ٿيو، پاڻ مذاهب عالم ۾ مناظرن جي حوالي سان سڃاتا وڃن ٿا،عيسائي، يهودي، هندو، بدهمت، سک مت، سان گڏوگڏ پاڻ ڪيترن ئي مذهبن تي عبوررکن ٿا، پاڻ دين جي تبليغ جو ڪم1991 کان شروع ڪيائين، سندس مشهور تقريرن ۾ ڊاڪٽر وليم ڪيمبل سان ٿيل تقرير شهر آفاق آهي. هُوءُشيخ احمد ديدات جو سڌو سنئون شاگرد آهن. هن وقت اسلامڪ ريسرچ فائونڊيشن ممبي جا صدر آهي.
ڊاڪٽر ذاڪر نائڪ موجوده دور جو بهترين مبلغ، عالم دين ۽ مجدد آهي، ڊاڪٽر صاحب اڄ جي جديد دور ۾ عقلي ۽ سائنسي حوالن سان مذهب اسلام کي پيش ڪرڻ جي بهترين ڪوشش ڪري رهيو آهي، ۔۔۔۔۔۔۔ڪجهه ماڻهن کي مسلڪ جي ڪري هن عالم دين سان ڪي اختلاف به هجن ڇا ڪاڻ ته ڊاڪٽر صاحب هڪ موحد ۽ توحيد پرست عالم دين آهي، ۽ ان تمام وهمن ۽ وسوسن کي نديندو رهندو آهي جنهن جو دين اسلام سان ڪو به واسطو ڪونهي۔( اسان جي بد قسمتي چئبي جو جنهن کي دين جو حصو بنايو ويو آهي )۔۔۔۔۔سندس علم مان نه صرف مسلمان پر دنيا جا غير مسلم ماڻهون به فيض حاصل ڪري رهيا آهن، ۽ دائره اسلام ۾ شامل ٿئي رهيا آهن موجوده دور ۾ اهڙو ناليوارو عالم ٻيو ڪو شايد هجي، جنهن ايتري شهرت حاصل ڪئي ۔هجي۔۔دعا آهي ته رب پاڪ سندس ڪم کي ترقي عطاء ڪري ۽ هر دشمن جي نظرکان پناهه ۾ رکي۔ آمين اسان جي دوست محترم سليمان وساڻ صاحبکي جس هجي جو هن عظيم عالم جي تقريرن جو هي مجموعو سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ ونڊ ڪيو اٿس۔سندس سنڌ سلامت تي ڪيل خدمتون وسرڻ جون نه آهن۔

1474429_10201580300287734_1190769480_n.jpg
الله اڪبر، ايئن هوندا آهن الله جا شير مجاهد۔۔۔۔ الله تعالا سندن حفاظت فرمائي۔
 
Back
Top