• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

شڪارپور جي سهڻي نوجوان سان ملاقات جو شرف

رحيم بخش

ايڊيٽر
هڪ رات شڪارپور جي سهڻي جوان ڦلپوٽو فقير جن وٽ​
آچر جي رات هڪ دوست ڪراچي کان آيو جيڪو سنڌ جون اسلامي لائبرريون ان موضوع تي پي ايڇ ڊي ڪري رهيو آهي مون کي چيائين ته مون کي سنڌ جي رستن جي خبر نه آهي مهرباني ڪري مون سان گڏ هلو ته اسلامي لائبرريون وزٽ ڪيون پوء ان دوست سان گڏ نڪتاسين گهمندي ڦرندي سنڌ سلامت جي سپر ايڊيٽر جناب عبدالوحيد عرف ڦلپوٽو فقير جن جي آستانه عاليه تي پهتاسين پاڻ تمام حد نهايت خدمت ڪيائون گهڻو قرضي ڪري موڪليائون گهڻي تعريف ان ڪري نه ٿو ڪيان متان نظر نه لڳي وڃيس اهو دوست اردو نوئنگ هو چوي پيو ته واقعي سنڌي بهت مهمان نواز هين مون چيو ته ڪراچي ۾ توهان جي مهاجرن کان رڳو رستو ٿو پڇجي ته به صحيح نه ٿا ٻڌائين ليڪن اسان جي سنڌ ۾ الله جي مهرباني سان جنهن به دوست وٽ وياسين تمام گهڻي عزت ملي ليڪن ادا عبدالوحيد پنهنجو مٽ پاڻ هو. الله تعالى سندس عزت ۽ مال ۾ اڃا وڌيڪ اضافو فرمائي. آمين
۔​
 
جواب: شڪارپور جي سهڻي نوجوان سان ملاقات جو شرف

سائين آمين فقيرن ۾ اها ڳالھ ته هوندي آهي جهڙا ٻڌبا آهن اهڙا ڏسبا آهن سائين جن جو لکڻيون ئي عجيب هونديو آهن ته پاڻ به عجيب ئي هوندا۔ الله ڪري اهريون ڪچهريون قائم و دائم رهن ۔
مينهن وسن روڊ پسن ڀلي گهمن راڻا۔​
وسلام
 
جواب: شڪارپور جي سهڻي نوجوان سان ملاقات جو شرف

سائين اوهان خوش نصيب آهيون جو فقير سائين سان اوهان جي ملاقات ٿي

سائين رحيم بخش صاحب جا قرب آهن جيڪي دوستن تائين وڃي پهچن ٿا۔

پاڻ جڏهن لاڙڪاڻي هليا هئاسون ته فقير کي به اتي اچڻو هو پر گوهي ڪري ويو هو۔ خير فقير آهي مکڻ ماڻهو ۔۔۔ اسان جي دعا آهي ته سدائين خوش رهي باقي ڪراچي ته اچي ڪونه ٿو سندس مرضي۔

سنڌ ۾ مهمان نوازي اڃان به آهي ڇو ته اهو اسان جي قدرن ۾ شامل آهي ، جيتونيڪ اسان کي بدلي ۾ لاتعداد ڌوڪا مليا آهن۔
 
جواب: شڪارپور جي سهڻي نوجوان سان ملاقات جو شرف

جڏهن آ مئٽرڪ پاس ڪري ڪاليج ۾ ويس ته هڪ قومي سياست ڪندڙ تنظيم جو سرگرم رڪن ٿي ويس، ان تنظيم جي رڪن جي حيثيت سان سنڌ سموري گهمڻ جو موقعو مليو، هڪ ڏينهن امڙ سڳوري ناراض ٿي چوڻ لڳي ته تون پنهنجيون اهي سرگرميون بند ڪر نه ته گهر مان ڪڍي ڇڏينديسان ۔۔۔ امڙ جي ڌمڪي سر اکين تي هئي پر مون کيس جواب ڏنو ته امڙ هاڻ تنهنجو پٽ هزارن دوستن وارو آهي ۽ سڄي سنڌ ۾ ايترا دوست آهن جو جيڪڏهن اڄ نڪرندس ۽ هڪ دوست وٽ هڪ ويلو يا هڪ ڏينهن به رهندس ته وري اچڻ ۾ سال لڳندا، دوست به اهڙا جو ماني به کارائيندا، رات به رهائيندا، ڀاڙو به ڏيندا ته ٻيون ضرورتون پڻ پوريون ڪندا ۔۔۔ انڪري اهڙيون ڌمڪيون نه ڏي ته آ واقعي هليو نه وڃان ۔۔۔ امڙ سڳوري سمجهي وئي ۽ چيائين پر ابا خيال ڪر آ پاڪستان جي ظالم ادارن کان ٿي ڊڄان ۔۔۔؟؟؟؟

فقير ڦلپوٽي جهڙا دوست هجن ته ماڻهون سيني تي هٿ هڻي پنهنجي ڪٽنب کي چئي سگهي ٿو ته آ دوستي وارو آهيان ۔۔۔

سنڌي ماڻهون سهڻا جڳ جڳ شال جيئن ۔۔۔ چڱان ڪن چڱايون ۔۔۔ سنڌ ۾ تمام گهڻا سهڻا نوجوان آهن، جن جو اخلاق ۽ مهمانوازي ڳائڻ جهڙي آهي، رب العالمين اوهان دوستن جون دوستيون قائم ۽ دائم رکي ۔۔۔ سنڌ سلامت جا دوست به تمام سلڇڻا، وفادار ۽ دوست شناس آهن، اها خوشي جي ڳالهه آهي ۔۔۔ فخر آهي اسانکي ته اسين اهڙن دوستن جا دوست آهيون ۔۔۔

جيئو هزارين سال ۔۔۔ سنڌ سلامت ساٿ سلامت
 
جواب: شڪارپور جي سهڻي نوجوان سان ملاقات جو شرف

فقير سائين جي ڇا ڳالهه ڪجي، جهڙو صورت ۾ سهڻو اهڙو ڳالهائڻ ٻولهائڻ ۾ تڪ تور رکڻ وارو سلڇڻو ماڻهو، سائين سان مختصر ملاقات ۾ ئي اسان سندن چاهڻ وارن جي لسٽ ۾ شامل ٿي وياسين۔۔ فقير سائين مهمان ٿيڻ وارن تي به احسان ڪندو آهي ته مهماني ڪرڻ وارن تي به۔۔۔۔ فقير جهڙا سنگتي سنڌ سلامت جي ڪري ئي مليا آهن۔۔۔۔​
 
جواب: شڪارپور جي سهڻي نوجوان سان ملاقات جو شرف

سائين رحيم بخش صاحب اصل ۾ توهان ڪافي ڪجهه لکيو آهي جنهن جي لائق مان بلڪل نه آهيان

اصل ۾ قرب ته توهان جا ليکبا جو توهان اسان کي پنهنجو ديدار ڪرايو

اسان جي ته دل ۾ خواهش هئي ته اڄا توهان هڪ ٻه ڏينهن رهو پر توهان سان توهان جو دوست جيڪو ڪنهن ڪم جي

حوالي سان نڪتل هيو وري سائين توهان جون مصروفيتون ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔

قرب سائين

لک لائق

سدائين گڏ
 
جواب: شڪارپور جي سهڻي نوجوان سان ملاقات جو شرف

بلي۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
مطلب (اسان) پاڙي وارن کي خبر ئي ڪونه ته دوست ويجهو اچي هليا به ويا، خير۔۔۔۔
ڪالهه آءُ به ڪنهن ڪم سانگي شڪارپور ويو هوس، جت منهنجي به ڪجهه سهڻن دوستن سان ملاقات ٿي۔
سائين محترم پروفيسر اسرار احمد علوي صاحب جن جي شخصيت ڀانيان ڪنهن کان ڳجهي نه هوندي، سندن سان به علمي ملاقات جي سلسلي ۾ وڃڻ ٿيو، پاڻ مخدوم محمد هاشم ٺٽوي رحمت الله عليه جن جي عربي ۾ لکيل ڪتاب بذل القوه في حوادث سني النبوه جو سنڌي ۾ ترجمو ڪيو آهي جنهن جو نالو سيرت هاشمي آهي اهو به سائين جن مونکي تحفي ۾ عنايت ڪيو۔
اسان جي سنڌ سلامت جي پياري دوست شڪيل يعني آرزو صاحب سان ته تمام گهڻي ڪچهري ٿي، جن کي مون شڪوو ضرور ڪيو ته پاڻ اڱڻ تي حاضر گهٽ ٿا ٿين ته پاڻ پنهنجي مصروف ترين ڪم جي باري ۾ اشارو ڪيائون انهن جي ڳالهه به واقعي صحيح هئي جو وقت گهٽ پيو ملين پر وري به اڱڻ تي گهڻي دير تائين غير حاضر نه ٿيڻ جو واعدو ورتو مان۔

سائين پروفيسر اسرار احمد علوي صاحب عاجز کي مشهور ڪتاب سيرت هاشمي تحفي ۾ ڏيڻ لاءِ ٻه اکر لکندي

7107qg.jpg


1411p8z.jpg


2rfd1nc.jpg


ادا شڪيل آرزو سان گڏ
ctg6e.jpg


محترم فقير ڦلپوٽي صاحب جن سان فون تي ڳالهه ٿي جن جي مائٽن جي ڳوٺ ۾ فوتگي ٿي وئي هئي ۽ پاڻ ان طرف ويا هئا ملاقات نه ٿي سگهي۔
محترم دوست فرحان سومرو صاحب جن سان به ملاقات ٿي جيڪي سنڌ يونيورسٽي ۾ هن سال جي ايم فل بيچ اسلامڪ ڪلچر ۾ آهن۔
تمام دوستن ڏاڍي محبت ڏني جن جو ٿورائتو آهيان۔
 
جواب: شڪارپور جي سهڻي نوجوان سان ملاقات جو شرف



سائين ڦلپوٽو فقير سان ٽيلفون تي ڪچهري جو موقعو مليو آهي۔سائين پنهنجي گفتگو مان به هڪ مهمان نواز شخص محسوس ٿيندا آهن۔ انهن سان جڏهن به ڳاله ٻوله ٿيندي آهي ته هنن کي هميشه هن محبتي اوطاق جي فڪر لڳي پئي هوندي آهي ۔هو هر طرح جي جاکوڙ ڪرڻ لاء هميشه تيار نظر ايند آهن ته جيئن هن فورم کي آسمان جي بلندين جهڙي شهرت ۽ ڪاميابيون ملن۔سائين جن اسان جي ڪمپيوٽر جي معلومات جي اضعافي جو به سبب آهن ۔ ادا رحيم بخش سائين جي عملي مهمان نوازي جو ذڪر ڪري انهن جو قد هن فورم تي تمام مٿائون ڪيو آهي ،جنهن جا هو اصل ۾ حقدار به آهن ۔آلله پاڪ هنن کي نظر بد کان بچائي۔آمين۔دعاگو۔
 
جواب: شڪارپور جي سهڻي نوجوان سان ملاقات جو شرف



سائين ڦلپوٽو فقير سان ٽيلفون تي ڪچهري جو موقعو مليو آهي۔سائين پنهنجي گفتگو مان به هڪ مهمان نواز شخص محسوس ٿيندا آهن۔ انهن سان جڏهن به ڳاله ٻوله ٿيندي آهي ته هنن کي هميشه هن محبتي اوطاق جي فڪر لڳي پئي هوندي آهي ۔هو هر طرح جي جاکوڙ ڪرڻ لاء هميشه تيار نظر ايند آهن ته جيئن هن فورم کي آسمان جي بلندين جهڙي شهرت ۽ ڪاميابيون ملن۔سائين جن اسان جي ڪمپيوٽر جي معلومات جي اضعافي جو به سبب آهن ۔ ادا رحيم بخش سائين جي عملي مهمان نوازي جو ذڪر ڪري انهن جو قد هن فورم تي تمام مٿائون ڪيو آهي ،جنهن جا هو اصل ۾ حقدار به آهن ۔آلله پاڪ هنن کي نظر بد کان بچائي۔آمين۔دعاگو۔

ثم آمين

سائين دعا ڏيڻ لا۽ مهرباني

توهان سان فون تي ڪچهري ڪندي اصل سڪون ايندو آهي ڄڻ ته ڪنهن پنهنجي ويجهي عزيز يا پرين پياري سان پيو ڪچهري ڪريان

سائين هون ته سنڌ سلامت فورم فورم جي سڀني دوستن سان ملڻ جي خواهش آهي پر انهن سڀني سان ته ملاقات ٿئي نه ٿئي سگهي

پر جيڪا مون وٽ لسٽ آهي انهي لسٽ ۾ سائين توهان سرفهرست آهيو ۔


مهرباني

سدائين گڏ
 
جواب: شڪارپور جي سهڻي نوجوان سان ملاقات جو شرف

ادا طاهر جي مهرباني

آرزو جا ايس ايم ايس ملندا رهندا آهن پر پاڻ فورم تي صفا گهٽ ٿا اچن۔ مان پاڻ به فون ڪري کين عرض ڪيو آهي ۽ اميد ته دوست ٻيهر فورم تي سرگرم رهندو۔ ادا طاهر جا قرب جنهن شڪارپور جي دوستن جون تصويرون ونڊ ڪيون آهن۔
 
Back
Top