جلد غائب ٿيندڙ ايجادون

'آئي ٽي بابت تازيون خبرون' فورم ۾ يونس ملڪاڻي طرفان آندل موضوعَ ‏9 جون 2011۔

  1. يونس ملڪاڻي

    يونس ملڪاڻي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2011
    تحريرون:
    499
    ورتل پسنديدگيون:
    834
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ڌنڌو:
    پرائمري ٽيچر، تعليم کاتو حڪومت سنڌ
    ماڳ:
    ملڪاڻي شريف ضلع بدين
    اوهان اهڙيون خبرون ته ٻڌيون هونديون ته جانورن ۽ وڻن ٽڻن جا ڪيترائي قسم هن ڪا.نات تان غائب ٿي چڪا آهن يا انهن جي غائب ٿيڻ جو خطرو آهن اهو سڀ ماحالياتي تبديلين جي ڪري ٿي رهيو آهي ۽ ماحولياتي تبديلي انسان جي ترقي جي ڪري پيدا ٿي رهي آهي ، پر هاڻي اهو خطرو فقط جانورن ۽ وڻن ٽڻن تائين محدود ناهي رهيو انسان جي ترقي هاڻي خود انسان جي ڪيل ايجادن کي ڳڙڪائڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي، اهڙيون کوڙ شيون جيڪي ڪجهه سال اڳ ۾ اسان جي آس پاس موجود هيون اهي اڄ اسان کي نظر نه پيون اچن ماهرن جو چوڻ آهي ته کوڙ شيون جيڪي اسان جي استعمال ۾ آهن اهي ڪجهه وقت کانپوءِ نظر نه اينديون.
    يورپ ۾ ڪجهه وقت اڳ وڏي پيماني تي بجلي جي پراڻي ماڊل جي بلبن جي خريداري شروع ٿي ، ماڻهن اهي بلب گهرن ۾ لڳائڻ لاءِ نه پر محفوظ ڪرڻ لاءِ خريد ڪيا جيئن ايندڙ نسل کي اهو ٻڌائي سگهن ته انهن جي دور ۾ ڪهڙا بلب استعمال ٿيندا هئا سندن اهڙي عمل جو سبب هي هو ته يورپ جي اڪثر ملڪن ۾ بلبن جي خريداري تي پابندي لڳي وئي هئي ۽ هاڻي اتي فقط انرجي سيور استعمال ڪيا ويندا آهن.
    هن وقت اسان ڪجهه اهڙين شين جو ذڪر ڪري رهيا آهيون جيڪي گهڻيون مقبول آهن پر هاڻي انهن جي آخرت جو سفر شروع ٿي رهيو آهي اوهان چاهيو ته انهن کي پنهنجي ذهنن ۾ محفوظ ڪري سگهو ٿا.
    فيڪس مشين: گهڻي پراڻي ڳالهه ناهي جڏهن فيڪس مشين جو شاندار اسقتبال ڪيوويو هو، شايد 25-30 سال پراڻي ڳالهه آهي وڏن ڪاروباري ادارن پنهنجي اشتهارن ۾ وڏي فخر سان لکڻ شروع ڪيو ته اسان وٽ فيڪس موجود آهي، ماهرن جو چوڻ آهي ته اي ميل ، سمارٽ فونز۽ ٽچ اسڪرين ٽيڪنالوجي فيڪس مشين جي گهرج تقريبن ختم ڪري ڇڏي آهي، مهانگي فيڪس مشين هاڻي ڪو سستي پيسن ۾ خريد ڪرڻ لاءِ به تيار ناهي، فيڪس تيار ڪندڙ ڪمپنين به پنهنجا اسٽاڪ ترقي يافته ملڪن مان ڪڍڻ شروع ڪري ننڍن ملڪن ۾ موڪلڻ شروع ڪيا آهن جيئن مڪمل خاتمي کان اڳ جيڪي ٻه ڏوڪڙ نڪرن اهي چڱا!!!!
    ٽيلي فون: پندرنهن ويهه سال اڳ ۾ پاڪستان ۾ ٽيليفون جو ڪنڪشن لڳرائڻ وڏو عذاب هوندو هو، وڏين سفارشن ۽ رشوتن کان پوءِ به گهڻو وقت ٽيليفون لائين جو انتظار ڪرڻو پوندو هو، اڪثر ترقي يافته ملڪن ۾ به ڪجهه اهڙي ئي صورتحال هئي، پر هاڻي موبائيل فون ۽ آن لائين ويڊيو ۽ آڊيو چيٽنگ ٽيليفون کي ماضي جو قصو ٺاهي ڇڏيو آهي ماڻهو ڌڙا ڌڙ پنهنجا فون ڪٽرائي رهيا آهن صرف آمريڪا ۾ چوٿون حصو ماڻهن پنهنجا لينڊ لائين نمبر ڪٽرائي ڇڏيا آهن، ٽيليفون کان موبائين سستو ۽ آرامده آهي سو ماهرن جو چوڻ آهي ته ٽيليفون جلد ماضي جو قصو ٿي ويندو.
    ڊي وي ڊيز: ڊي وي ڊيز جي به وڏي مقبوليت هئي پر هاڻي يورپ جي مارڪيٽن مان ڊي وي ڊيز نڪري رهيون آهن ۽ انهن جي جڳهه تي بليوري ڊسڪ اچي رهي آهي ، ڇو ته بليوري ڊسڪ عام ڊي وي ڊي پليئر تي نٿي هلي سو مارڪيٽ مان ڊي وي ڊي پليئر به گهٽ پيا کڄن.
    فلم پروجيڪٽر: پاڪستان ۾ ته فلمي صنعت الائي ڪڏهن کان ختم ٿي وئي آهي سينيمائن جي جاءِ تي شاپنگ سينٽر ٺهي چڪا آهن پر ترقي يافته ملڪن ۾ ماڻهو اڃان به سينيما گهرن ڏانهن رک ڪن ٿا، پر آمريڪا ۾ پراڻا فلم پروجيڪٽر غائب ٿي چڪا آهن ۽ انهن جي جاءِ تي ڊجيٽل فلم پروجيڪٽر اچي ويا آهن آمريڪا جي سينما گهرن ۾ 16 هزار ڊجيٽل فلم پروجيڪٽر لڳي چڪا آهن، ماهرن جو اندازو آهي ته ايندڙ ڪجهه وقت ۾ پراڻا فلم پروجيڪٽر مڪمل ختم ٿي ويندا.
    ڪمپيوٽر مائوس: ڪمپيوٽر کي آسان بنائڻ ۾ مائوس جو وڏو هٿ آهي ، پر ماهرن جو چوڻ آهي ته مائوس کي گڊ بائي چوڻ جو وقت ويجهو آهي ۽ ان جو سبب آهي تيزي سان مشهور ٿيندڙ ميجڪ ٽيڪ پيڊ، جنهن کي تار جي گهرج ناهي ۽ اهو بليو ٽوٿ فرينڪوئنسي تي ڪم ڪندو آهي ان سان نه فقط ڪارڪردگي بهتر ٿيندي آهي پر استعمال به آسان آهي.
    موبائيل فون چارجر: موبيل فون استعمال ڪندڙن لاءَ فون چارج ڪرڻ وڏو مسئلو آهي هر ڪمپني جو پنهنجو چارجر آهن، جيڪر ڪيڏانهن ويندي ماڻهو پنهنجو چارجر وساري وڃي ٿو ته ڪافي پريشاني ٿيندي آهي ان جو نئون حل آهي وائرليس چارجر، ان ۾ نه تار کپي نه ٻيو ڪجهه ، هن ننڍڙي پرزي کي اوهان گهر آفيس يا ڪٿي به هڻي ڇڏيو ان چارديواري ۾ موجود موبائيل پاڻهي چارج ٿيڻ شروع ٿي ويندا ۽ جڏهن بيٽري چارج ٿي ويندي ته پاڻهي چارجنگ بند ٿي ويندي جنهن سان بجلي جي بچت به ٿيندي.
    پلازما ٽيلي وزن: اڳ ۾ پالزما ٽيلي وزن جا هر هنڌ چرچا هيا پر هاڻي ڪمپنين اهي بند ڪري ايل سي ڊي ٽيليوزن ٺاهڻ شروع ڪيا آهن جيڪو نه فقط سستو آهي پر بجلي به گهٽ استعمال ٿيندي آهي سڀ کان وڏي ڳالهه اها ته ايل سي ڊي فليٽ اسڪرين ٻين کان وڌيڪ هلي ٿو.
    ڪريڊٽ ڪارڊ: ڪجهه ماڻهو ترقي يافته ملڪن جي ترقي جو راز ڪريڊٽ ڪارڊ ٻڌائين ٿا جنهن خريد ۽ وڪري کي آسان ڪري ڇڏيو آهي پر ماهرن جو چوڻ آهي ته ڪريڊٽ ڪارڊ جا ڏينهن به ڳڻجڻ شروع ٿي ويا آهن ڪريڊٽ ڪارڊ جي جاءِ وٺڻ لاءِ جيڪا شيء تيزي سان اڳتي پئي اچي اها آهي موبائيل!! اسمارٽ فونز ۾ اڄ ڪلهه ريڊيو فرينڪوئنسي جي ذريعي شناخت جي سهولت ڏني پئي وڃي جيڪا مالياتي ڏيتي ليتي جي ڪم ايندي آهي ماهرن جو چوڻ آهي ته جڏهن اوهان موبائيل فون سان خريداري ڪري سگهو ٿا ته پوءِ هڪ اضافي ڪارڊ کيسي ۾ رکڻ جي ڪهڙي گهرج آهي.
     
  2. عبدالحفيظ لغاري

    عبدالحفيظ لغاري
    منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏23 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    1,776
    ورتل پسنديدگيون:
    5,826
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سائنٽيفڪ آفيسر، پي سي ايس آءِ آر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي
    جواب: جلد غائب ٿيندڙ ايجادون

    ڪنهن ڏاهي چيو آهي ته ڪجه ڊهڻ به تعميري عمل آهي سو جڏنهن ڪجه نئون تعمير ٿيو آهي ته پراڻو ڊٺو آهي۔ هي به ايئن ئي آهي۔
     
  3. رحيم بخش

    رحيم بخش ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    3,284
    ورتل پسنديدگيون:
    2,924
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    جواب: جلد غائب ٿيندڙ ايجادون

    سائين تمام خوبصورت معلومات آهي الله تعالى توهان جي علم ۾ مزيد اضافو فرمائي۔
     
  4. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: جلد غائب ٿيندڙ ايجادون

    تمام سهڻو ونڊ

    بلڪل ٽيڪنالاجي جي ايتري جلدي ترقي نه صرف سولايون پيدا ڪري رهي آهي پر ان سان گڏ خرچ به وڌن ٿا ۽ پراڻيون ايجادات بس نمائش لاء رکي سگهجن ٿيون۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو