سنڌي شاعري جو جڏهن ذڪر نڪرندو ته سڀ کان گهڻي شاعري شيخ اياز ئي ڪئي آهي۔ سندس وائي، بيت، غزل ۽ گيت سنڌ جي هر فنڪار ڳايا آهن۔ سندس ڪتاب وڄون وسڻ آيون پڻ بهترين شاعري تي مشتمل ڪتاب آهي۔ وائس آف سنڌ پاران هي ڪتاب اي بوڪ جي صورت ۾ محترم عبداللطيف انصاري صاحب (سکر) جي محنتن سان اسان تائين پهتو آهي۔ ڪتاب جو مهاڳ محترم ابراهيم جويو صاحب جو لکيل آهي۔ 271 صفحن تي مشتمل هن ڪتاب ۾ بيت، غزل ، لوليون، گيت ، پروليون، وايون، لوڪ گيت ۽ نظم شامل آهن۔ هن ڪتاب مان هڪ غزل هت پيش ڪجي ٿو: ميلي ۾ تُون تنها تنها، ڪنهن کي ڳولين ٿو؟اک ۾ ڳوڙها، هٿ ۾ گجرا، ڪنهن کي ڳولين ٿو؟ سَر سوتيءَ جي مندر ڀرسان بيٺو واجھائين،ڪنهن لئه ترسي تنهنجي وِينا، ڪنهن کي ڳولين ٿو؟ تُنهنجون اکڙيون پو به اُڃايون، تَل تَرايون سَوَ،هرڻيءَ جھڙا منهنجا هِردا، ڪنهن کي ڳولين ٿو؟ سانجھيءَ ٽاڻي ڪارا ڪڻڇي آکيري آيا،پرڙا کولي پيار ـــــ پکيئڙا، ڪنهن کي ڳولين ٿو؟ ساري جيون مايا سپنو، تنهن ۾ سَوَ سپنا،او سپنا، سپني جا سپنا! ڪنهن کي ڳولين ٿو؟ پير پَٽيءَ تي ناهي تُنهنجو، ڪهڙو تنهنجو ماڳ؟رستي مان نڪتا سَوَ رستا، ڪنهن کي ڳولين ٿو؟ او رکوالا! کوٽين ڇو ٿو هيءَ جيون جي رکَ،آڻي اگنيءَ جھڙي آشا، ڪنهن کي ڳولين ٿو؟ اونهاري جو سِجُ ته ناهي، آهه ازل جي اکَ،هاءِ، ڇڏي ڇَنَ جا ڇانورڙا، ڪنهن کي ڳولين ٿو؟ دانهون ٿو درياهُه ڪري، ٻُڌ ڪُن ڪُن جا ڪڙڪا،ٻيڙيءَ ٻيڙيءَ ۾ او ٻوڙا! ڪنهن کي ڳولين ٿو؟ ڪاري رات، ڪَتيءَ ڏي ڪَرڪِي، ڪائي ڪُونج اُڏي،پيارا تُون به تڪيندي تارا، ڪنهن کي ڳولين ٿو؟ وَسندو رهندو آهي تو وٽ، سانَوَڻ ساري رات،ڳوڙها ڳوڙها نيڻ نماڻا! ڪنهن کي ڳولين ٿو؟ ڪوبه نه ايندو ، ڪوبه نه ايندو، ڪوبه نه تُنهنجي دُوار!بند ڪري ڇڏ هي دروازا، ڪنهن کي ڳولين ٿو؟ اَڻ ٿيڻيءَ کي چاهين، تنهنجي ٿِڻيءَ سان نه پَوي،ڏِس ٿيڻيءَ جا ٿوڻيون ٿنڀا! ڪنهن کي ڳولين ٿو؟ هي مَٿرا جا مندر، سانجھيءَ ويلي جمنا گھاٽَ،مَنَ ۾ سِنڌوءَ جا سَوَ سپنا، ڪنهنن کي ڳولين ٿو؟ برندا بَن ۾ آيو آهين، ڪنهن جي لاءِ ڪَوي،ڪنهن جي بنسي! ڪهڙي راڌا؟ ڪنهن کي ڳولين ٿو؟ شايد تُون ئي پاڳل پُري پاڳل خاني ۾ ــــــپاڳل گڏجي توتي کِلندا! ڪنهن کي ڳولين ٿو؟ هارُ هندوري ۾ ڪيرايو، جيڪو مُنڌَ مُئيءَ،موتي موتي ٿي ويو پيارا! ڪنهن کي ڳولين ٿو؟ خاڪ اُڏاڻي، ڪاڪ ڪري پئي، پوئين پهر ’اياز‘!ڪهڙي مُومل منهنجا راڻا! ڪنهن کي ڳولين ٿو؟ هتي ڪلڪ ڪري ڪتاب ڊائونلوڊ ڪيو