ملير ۾ نياڻين جي تعليم بابت سيمينار

'مختلف موضوع' فورم ۾ جاويدجوکيو طرفان آندل موضوعَ ‏9 جون 2011۔

  1. جاويدجوکيو

    جاويدجوکيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏16 آگسٽ 2009
    تحريرون:
    10
    ورتل پسنديدگيون:
    10
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    273
    ماڳ:
    ڪراچي

    رپورٽ جاويد جوکيو
    وطن جي ٻچن لئـ لُڇون ٿا،ڪڙهون ٿا،
    سياست نـ ڄاڻون، اُڪابر نـ آهيون
    وطن جي زمين لئـ جيئون ٿا،مرون ٿا،
    اسين واٽ ويندڙ مسافر نـ آهيون​
    ڪميونٽي ڊيولپمنٽ نيٽ ورڪ ( سي ڊي اين ) ملير سنڌ جي اُنهن آڱرين تي ڳڻڻ جيترين سماجي تنظيمن منجهان هڪ آهي جيڪي سنڌ جي پسمانده علائقن ۾ تعليم خاص ڪري نياڻين جي تعليم لاءِ جاکوڙي رهيون آهن،سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن جي اشتراڪ سان سي ڊي اين ملير هن وقت ملير جي هٺين پندرهن ڳوٺن جنهن ۾ 1 علي نواز جوکيو،2 فقير محمد بلوچ، 3 محمود ڄاموٽ،4 دودو ڪنڀير،5 حاجي حسين بلوچ،6 ٽنڊو کوسو ،7 حاجي ابراهيم8 عيسب جوکيو 9 محمد آچار جوکيو9 حاجي مهيار جوکيو10 عبدالرحمٰن جوکيو11 عبدالحڪيم رند12 ولي داد سالار13 يوسف بلوچ 14 ڏهيسر جوکيو پهرين درجي کان اٺين ڪلاس تائين نياڻين جي تعليم جا اسڪول گذريل ڏهاڪو سالن کان هلائي تعليم جي ميدان ۾ پنهنجي حصي جو ڪردار نڀائي رهي آهي.گذريل ڏينهن سي ڊي اين ملير جي دوستن پاران گڏاپ ٽائون،بن قاسم ٽائون جي تعاون سان درساڻو ڇنو جي علي نواز جوکيو ڳوٺ ۾ ( ملير تعليمي سيمينار ) جي تقريب منعقد ڪئي ويئي هئي .جنهن جا خاص مهمان سنڌ جي زڪوات ۽ عشر وارا صوبائي وزير محمد ساجد جوکيو، اڳوڻون صوبائي وزير عبدالحڪيم بلوچ،ڄام اويس بجار خان جوکيو،راجـ عبدالرزاق بلوچ صدر پ پ ملير، ضلح ڪائونسل ڪراچي جو اڳوڻون چيرمين شفيح محمد ڄاموٽ، بن قاسم جو اڳوڻون ناظم خدا ڏنو شاه، مير عباس ٽالپر، سابق ناظم مجاهد احمد جوکيو،امداد جوکيو، نورحسن جوکيو، ڪرنل رٽائرڊ عمران محمد خان ۽ ٻيون اهم سياسي،سماجي شخصيتون موجود هُيون.دير سان پهچڻ واري روايتن کان هٽي ڪري خاص مهمان ۽ اعزازي مهمان مقرر وقت تي صُبح يارهين وڳي سنڌيت جي رنگن سان سجايل پنڊال ۾ پهتا تـ اسڪولن جي معصوم ٻارڙين کين گل پيش ڪري گلاب جي پنکڙين جي ورکا ۾ سندن مانائتو استقبال ڪيو.
    ٻن مرحلن تي ٻڌل هن تعليمي سيمينار جي شروع ۾ معزز مهمانن کي اسٽيج جي سامهون واران صوفن تي ويهاريو ويو.
    مون جاويد اٺين ڪلاس جي ادڙي ڪومل۽ سيما گڏيل طور تي اسٽيج سيڪريٽري جا فرائض انجام ڏيڻ شروع ڪيا.
    حسب روايت تقريب جو آغاز تلاوت ڪلام پاڪ سان ٿيو جنهن جي سعادت ولي داد سالار اسڪول جي شاگرد نظام الدين حاصل ڪئي ۽ نبي ڪريم صلٰي الله عليـ واليـ وسلم جي عقيدت ۾ نعت شريف جا گل ڏهيسر جوکيو اسڪول جي ٻارڙين عروسـ ،مديحا پيش ڪيا،ملي نغمون بلندي ڄاموٽ اسڪول جي شاگردياڻي فضيلا ڄاموٽ پيش ڪيو.هن کانپوءِ سي ايس ايس علي نواز جوکيو جي ٻارڙين ” ويلڪم ٽيبلو“ پيش ڪري سمورن مهمانن جو آڌر ڀاءُ ڪيو، جنهن کان بعد شاه مراد دودو ڪنڀير محمد سالار اسڪول جي ٻارڙين سنڌ جي لوڪ روايتي گيت ” اديون منهنجو ڇلڙو پاڻي ۾ “ پيش ڪيو ۽ حاضرين کان داد وصول ڪيو تنهن بعد انمول اسڪول فقير محمد بلوچ ڳوٺ جي ٻارڙين ( جوڳي مون کي هڻي ڏي تون ڍارو ) تي بهترين پرفارمنس جو مظاهرو ڪندي وڏو داد وصول ڪيوهن کانپوءِ مهراڻ اسڪول ٽنڊو کوسوگهگهر جي ٻارڙين سنڌي نياڻيءَ کي تعليم جي حصول ۾ درپيش روايتي سنڌي ريتن ۽ رسمن تي ٻڌل رنڊڪن کي( سنڌي نياڻيءَ ۽ تعليم ) تي ٽيبلو ذريعي وائکو ڪري ويٺلن تي سڪتو طاري ڪري ڇڏيو،هن موقعي تي يقينن سڀني کي اهو احساس ٿيو تـ اڄ جي ترقي يافتـ دور ۾ بـ سنڌي سماج ۾ نياڻيءَ جي تعليم کي عيب ٿو سمجهو وڃي جيڪو عمل هر طرح سان نندڻ جوڳو آهي.
    هن کانپوءِ هن تعليمي سيمينار جو ٻيو مرحلو شروع ڪندي مٿي ڄاڻايل خاص مهمان ۽ اعزازي مهمانن کي واري واري سان سڏائي اسٽيج تي رکرايل صوفن تي تشريف فرما ٿيڻ جي درخواست ڪئي ويئي هتي سي ڊي اين جي ميمبر ۽ هن ڳوٺ جي نوجوان براد جوکيو کي آيل تمام مهمانن کي باضابط طور تي ڀلي ڪار چوڻ لاءِ ڊائس تي سڏيو ويو،هن ڪنهن شاعر جي هنن سٽن
    ” جنهن وير اچين مٺا تنهن وير
    ، منهنجيون اکيون تنهنجا پير مٺا“
    ” اسان هي اڱڻ سجايا اوهان لئـ ،
    اوهان اچڻ ۾ ڪئي ڇو دير مٺا“​
    سان پنهنجي ڳالهـ شروع ڪندي چيو تـ توهان سڀني کي سي ڊي اين ملير پاران اڄوڪي هن تعليمي سيمينار ۾ شريڪ ٿيڻ تي دل جي طح گهيراين سان ڀلي ڪار چوان ٿو، توهان جي هتي موجودگي ثابت ٿي ڪري تـ توهان کي پنهنجي ٻارڙن جي مستقبل جو اونو ۽ فڪر ضرور آهي ۽ اهو فڪر ئي توهان جي اچڻ وارن نسلن جي تعليم يافتـ هئڻ جو بنياد بڻبو، هن چيو تـ سي ڊي اين پاران اڄوڪي تعليمي سيمينار منعقد ڪرڻ جو مقصد اهو آهي تـ هڪ تـ ٻارڙن کي پنهنجي نصابي ۽ غير نصابي سرگرمين جي اظهار جو موقعو فراهم ڪجي ۽ ٻيو اهو تـ ملير جي سياسي ۽ سماجي قيادت کي گڏ ويهاري انهن جي تجويزن جي روشني ۾ هتي ملير خاص ڪري ملير جي نياڻين جي تعليم لاءِ جوڳا اپاءَ وٺڻ طرف قدم کڻڻ آهي ، هن ان عزم جو اظهار ڪيو تـ جيڪڏهن توهان سڀني جو ساٿ رهيو تـ انشاالله سي ڊي اين جي عملي ڪوشش جي نتيجي ۾ ايندڙ ڏهن سالن ۾ ملير جوڪوبـ فرد ڪابـ نياڻي اڻپڙهيل نـ رهندي .
    آجياڻي تقرير کانپوءِ سي ڊي اين ملير جي صدر خالد حسين جوکيو ڄام اويس بجار خان کي اجرڪ پارائي جنرل سيڪريٽري سليم احمد بلوچ صوبائي وزير محمد ساجد جوکيو کي اجرڪ پارائي، خليفي ستار جوکيو اڳوڻي صوبائي وزير عبدالحڪيم بلوچ کي اجرڪ پارائي ، براد جوکيئ سائين خداد ڏني شاه کي اجرڪ پارائي، صنم بلوچ ايس اي ايف جي ڊاڪٽر طيبـ ۽ مسرت پليجو کي اجرڪ پارائي، ماستر قيوم، حاجي شفيح محمد ڄاموٽ کي اجرڪ پارائي، عظيم سالار مير عباس ٽالپر کي اجرڪ پارائي، پنهون جوکيو ڪرنل رٽائرڊ عمران محمد خان کي اجرڪ پارائي شفيح محمد درس راجا عبدالرزاق کي اجرڪ اوڍي،نوردين جوکيو،نور حسن جوکيو کي اجرڪ اوڍي مجاهد جوکيو کي ولي محمد بلوچ، ۽ امداد علي جوکيو کي عبداصمد لاسي اجرڪ اوڍائي اهڙي نموني سي ڊي اين جي ڪارڪنن هٿان ٻين به سمورن مهمانن کي اجرڪ جي اوڍ سان عزت افزائي ڪئي ويئي.
    تنهن کانپوءِ جنرل سيڪريٽري سليم بلوچ سي ڊي اين جي ڍانچي ۽ ڏهاڪو سالن جي ڪارڪردگيءَ تي تفصيلي روشني وڌي.
    هتي وري مهمانن هٿان پوزيشن هولڊر ٻارڙن ۾ گفٽ تقسيم ڪيا ويا ۽ بهترين ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ ٽيچرز1.ادي خالده بلوچ 2.ادي نوربانو ڄاموٽ 3.ادي آسيه کي ترتيب وار صوبائي وزيرمحمد ساجد جوکئي، عبدالحڪيم بلوچ ڄاماويس بجار خان جوکيو راجه عبدالرزاق هٿان بهترين ٽيچرز جون شيلڊ ڏياريون ويون، جڏهن ته سي ڊي اين پاران يادگار تعليمي خدمتن تي مرحوم سيڪينڊري ٽيچر بهدي خان جوکيو جي شيلڊ خاص مهمان هٿان سندس نياڻي کي ڏياري ويئي . اُستاد بخاريءَ جي هن چوسٽي
    ،مُنهن ڪڍن ٿا موت جهڙا مسئلا،منهن ڏين ٿا زندگيءَ جا حوصلا
    فيصلا قسمت اسان جا ڇو ڪندي،پاڻ ئي پنهنجا ڪنداسين فيصلا..
    سان هن تنظيم سي ڊي اين ملير جي صدر خالد حسين جوکيو کي سڏيو ويو. هن سي ڊي اين جي ويزن جو چٽي نموني اظهار ڪندي چيو ته ملير جي هر ڳوٺ ۾ نياڻين جا بهترين اسڪول قائم ڪرڻ ۽ اتان اهڙيون سنڌي ڀينرون پيدا ڪرڻ آهي، جيڪي سڀاڻي سڄي دنيا ۾ اهي سنڌيت جون سفير ۽ صوفي عزم جون پرچارڪ بڻجي اُڀرن. هن چيو ته هتي ملير ۾ ديهه چوهڙ ۾ جنهن ديهه ۾ پاڻ سڀ موجود آهيون کي سنڌ حڪومت ايجوڪيشن سٽي رٿا ۾آڻي مختلف ادارن کي مفت ۾ يا بنهي سستي اگهه تي زمينون الاٽ ڪيون آهن، پر مقامي ماڻهن جي تعليمي ۽ معاشي حقن جي ڪابه پرواهه ناهي ڪئي ويئي، جيڪا وڏي ناانصافي آهي، هن صوبائي وزير ساجد جوکيو جو ڌيان ڇڪائيندي گهر ڪئي ته سنڌ اسيمبلي مان اهڙو قانون منظور ڪرايو وڃي جنهن تحت ديهه چوهڙ ۾ قائم ٿيندڙ سمورا تعليمي ادارا ملير جي ماروئڙن جي بي پهچ ۽ ڳريون فيون نه ڀري سگهندڙ ٻارڙن کي پنهنجي ادارن ۾ 20 سيڪڙو ڪوٽا تحت مفت اعليٰ تعليم ڏيڻ جا پابند هجن. ٻي صورت ۾ هتي ايجوڪيشن سٽي جي قيام جو مقامي ماڻهن کي ڪو به فائدو نه ٿيندو، رهندو ڌاري آبادي جي اچڻ سان نقصان ئي ٿيندو، جيڪو هميشه کان سنڌ سان ٿيندو آيو آهي، هن زور ڏيندي چيو ته هن وقت توهان عوامي حڪومت جا وزير ۽ نمائندا آهيو، ڪجهه ڪرڻ جي پوزيشن ۾ به آيو جيڪڏهن هينئر توهان ڪجهه نه ڪيو ۽ هن معاملي تي سنجيده نه ٿيا ته سڀاڻي ائين ئي ٿيندو جيئن اڄ ڪراچيءَ جا اعليٰ تعليمي ادارا وزيراعليٰ سنڌ جي هدايتن کي خاطر ۾ نه آڻيندي سنڌي شاگردن لاءِ پنهنجن ادارن جي دروازن تي ”سنڌي اسٽوڊنٽ نو انٽري“ جو بورڊ لڳايو ويٺا آهن. ان سان گڏ هتي قائم ٿيندڙ سمورن تعليمي ۽ ٻين ادارن کي پابند بڻايو وڃي ته پنهنجن ادارن ۾ ترجيح بنيادن تي مقامي ماڻهن کي روزگار ڏين جيڪو اسان جو حق آهي، هن علي نواز جوکيو ڳوٺ ۾ اسڪول بلڊنگ نه هجڻ جو مسئلو پڻ صوبائي وزير اڳيان اٿاريو، هن پ پ ملير جي صدر راجه عبدالرزاق کان مطالبو ڪيو ته درساڻي ڇني جي نوجوان نسل کي انيڪ براين مان ڇوٽڪارو ڏيارڻ لاءِ ملير ڊيولپمينٽ فنڊ مان لائبريري جو قيام عمل ۾آندو وڃي ۽ ڪمپيوٽر سينٽر قائم ڪري ڏنو وڃي.
    سي ڊي اين صدر جي هنن مطالبن جي پنڊال ۾ موجود 800 کان وڌي ماڻهن زوردار تاڙيون وڄائي ڀرپور تائيد ڪئي.
    هن کانپوءِ معزز مهمانن جي تقرير ن جو سلسلو شروع ٿيو
    ڪرنل عمران چيو ته اسڪولي بارڙن جنهن نموني پرفامنس ۽ اعتماد جو مظاهرو ڪيو آهي اهو واقعي قابل رشڪ آهي،هن چيو ته لڪي سمينٽ فيڪٽري سي ڊي اين سان تعليم جي بهتري لاءِ وڌيڪ تعاون جاري رکندي.
    هن کانپوءِ پ پ اڳواڻ مير عباس ٽالپر ڳالهائيندي چيو ته آئون سي ڊي اين جي دوستن کي جس ٿو ڏيان جيڪي ملير جهڙي پسمانده علائقي ۾محدود وسيلن جي باوجود جنهن جذبي سان ڪم ڪري رهيا آهن، اهو سنڌ جي مختلف علائقن ۾ ڪم ڪندڙ ڪاغذي تنظيمن جو ضمير جهنجوڙڻ لاءِ ڪافي آهي، هن چيو ته آئون ۽ پ پ هميشه هنن دوستن سان گڏ رهيا آهيون ۽ اڳتي به انشاءَ الله هر قدم تي ساڻن اسان جو ساٿ جاري رهندو.
    حاجي شفيع محمد ڄاموٽ چيو ته هن انداز سان نياڻين جي تعليم لاءِ جاکوڙڻ ان ڳالهه طرف پيش قدمي آهي ته اسان مستقبل قريب ۾ اهڙو معاشرو اڏڻ ۾ ڪامياب ٿينداسين جنهن معاشري ۾ نياڻين ۽ ڇوڪرن کي تعليم کانسواءِ زندگي جي هر شعبي ۾ امتيازي سلوڪ کان مٿانهون ٿي هڪ جهڙا حق حاصل هوندا.
    سائين خدا ڏني شاهه پنهنجي تقرير دوران چيو ته آئون هتي توهان جي سامهون بيهي اها هام نٿو هڻان ته اسان ملير ۽ سنڌ جي ماڻهن لاءِ هي ڪيو هو ڪيو اسان جيڪو ڪجهه ڪيو آهي ۽ ڪريون پيا ملير جا ماڻهو ان ڳالهه کان بخوبي واقف آهن. اسان جو ڪيل ڪم ملير جي سرزمين تي موجود ۽ ماڻهن جي اکين اڳيان آهي، پر تنهن هوندي ضمير گهٽ ڪم جو طعنو ڏيندو رهندو آهي، جيستائين زنده هونداسين ملير جي ماڻهن جي ڀلائيءَ لاءِ ڪم ڪندا رهنداسين.
    ان موقعي تي اڳوڻي صوبائي وزير عبدالحڪيم بلوچ پنهنجي خطاب دوران چيو ته مون پيپلز پارٽي ملير جي قيادت اڳيان اها ڳالهه رکي آهي ته ملير ڊيولپمينٽ فنڊ جا پئسه ٻين اسڪيمن بجاءِ ملير ۾ تعليمي ادارن جي تعمير تي خرچ ڪيا وڃن، ڇو ته آئون سمجهان ٿو ته اسين ملير ۾ اڃا تعليم جو سهي بنياد ئي وجهي نه سگهيا آهيون. هن چيو ته سڄي سنڌ ۾ ڪراچي جي ٻهراڙي جا ڳوٺ تعليم جي حوالي سان وڌيڪ پسمانده ۽ غريب آهن، اسان کي هن طرف وڌيڪ ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي، نه ته ايندڙ نسل اڳيان اسين جوابده هونداسين.
    پ پ ضلعي ملير جي صدر راجه عبدالرزاق پنهنجي مخصوص انداز ۾ تقرير ڪندي چيو ته ملير ۾ تعليم جو هن کان ٻيو وڏو الميو ڪهڙو ٿيندو جو ماڻهو اسان کي ان ڳالهه لاءِ اچي روز ڀريندا آهن ته بابا فلاڻي اسڪول ڪاليج ۾ منهنجي ڇوڪري يا ڇوڪريءَ جو سينٽر لڳو آهي، توهان ان اسڪول ۽ ڪاليج جي پرنسپال کي سفارش ڪريو ته جيئن اهو پرنسپال منهنجي ڇوڪري ۽ ڇوڪريءَ کي نقل ڪرائڻ ۾ مدد ڪري. هڪ ته اسان اڳ ئي تعليم جي ميدان ۾ بنهي پوئتي پيل آهيون، ٻيو رهي سهي ڪسر نقل وارو ڪينسر پوري ڪري اسانجو ڪم تمام ڪري رهيو آهي، هن بي حسي بي ايماني جي ڪڌي عمل نقل مان جند ڇڏائڻ کانسواءِ تعليمي بهتري آڻڻ صفا ڏکي ڳالهه هوندي. ان موقعي تي هن سي ڊي اين صدر طرفان لائبريري جي قيام واري مطالبي کي منظور ڪندي ملير ڊيولپمينٽ فنڊ مان لائبريري ٺهرائي ڏيڻ جو اعلان ڪيو ته پنڊال تاڙين سان گونجي اٿيو. هن چيو ته هي تنظيم وارا دوست عملي ڪم ڪندڙ ماڻهو آهن، آئون هنن کي قدر جي نظر سان ڏسان ٿو. انشاءَ الله چند ڏينهن ۾ آئون ملير ترقياتي پروجيڪٽ جي انجنيئرن کي موڪليان ٿو جيڪي جلد ئي توهان سان ملي لائبريري جو ڪم شروع ڪرائيندا.
    منزل ملي وڃي ٿي، جي وک ڪو وڌائي،
    مشڪل مڃي ٿي، شرط آهه ڪو مڃائي
    گرمي هجي يا سردي، طوفان هجي يا باران،
    محفل متي رهي ٿي، پر مڙس ڪو مچائي​
    اُستاد بخاريءَ جي هن سٽ سان هن سيمينار جي چيف گيسٽ زڪوات عشر جي صوبائي وزير محمد ساجد جوکئي کي ڳالهائڻ جي دعوت ڏني ويئي . هن چيو ته وڏي افسوس جي ڳالهه آهي جو سرڪاري اسڪولن جا استاد ڪلاس ۾ پڙهائڻ دوران پان ۽ گهٽڪو کائيندا رهندا آهن، ڀلا اهي ٻارن کي ڪهڙي تربيت ڪهڙي پڙهائي ڪهڙو ماحول فراهم ڪري رهيا آهن. هن چيو ته اها ڳالهه ڪڙي ضرورر آهي، پر 90 سيڪڙو سرڪاري ٽيچرز جو حال اهو ئي آهي. هن چيو ته ڪيترائي اهڙا ٽيچر آهن، جن کي آئون ذاتي طور سڃاڻا ٿو جيڪي گهر ويٺي پگهارون کڻي رهيا آهن. هن موقعي تي موجود اي ڊي ئي او گڏاپ قاسم بلوچ کي هدايت ڪئي ته اهڙن گهوسڙو ۽ اڻ سلڇُڻن ماسترن جي لسٽ ٺاهي ڏي ته جيئن اعليٰ سطح کان هنن خلاف محڪماتي ڪارروائي ڪئي وڃي. هن ملير ۾منشيات جي سرعام واهپي تي سخت ڳڻتيءَ جو اظهار ڪندي سندن خلاف قانوني ڪارروائي ڪرائن جو اعلان ڪيو. هن سي ڊي اين جي تعليمي ڪارڪردگي کي ساراهيندي چيو ته دوست جيڪا محنت ڪري رهيا آهن اها تعريف لائق آهي. هتي نياڻين جي تعليم تدريس جا گهٽ ئي ادارا آهن، انهن ۾ سي ڊي اين جو ڪردار نمايان آهي. هن چيو ته مون کان هتي ڪمپيوٽر سينٽر قائم ڪرڻجي جيڪا گهر ڪئي ويئي آهي. آئون توهان جي اها گهر پوري ڪندي هتي درساڻي ڇني۾ ڪمپيوٽر سينٽر قائم ڪري ڏيڻ جو اعلان ڪريان ٿو. جلد ئي ان جو تعميراتي ڪم۽ ڪمپيوٽر فراهم ڪيا ويندا، باقي علي نواز جوکيو ڳوٺ لاءِ جيڪا اسڪول بلڊنگ جي ڳالهه ڪئي ويئي آهي، في الحال سنڌ حڪومت جي پاليسي تحت نيون بلڊنگون ڏيڻ تي پابندي وڌل آهي، جيئن پابندي هٽي آئون هن ڳوٺ لاءِ بلڪل اسڪول بلڊنگ ڏياريندس، باقي فوري طور ريپيئر جو ڪم ڪرائي ڏينداسين.
    صوبائي وزير ساجد جوکئي چيو ته ڪڏهن ڪڏهن نوڪرين جا چانس نڪري ايندا آهن، پر تڏهن ڏک ٿيندو آهي، جڏهن ان تعليمي قابليت جا حامل نوجوان سڄي ملير مان ملي ناهن سگهندا. نياڻين جي نوڪرين جي ته ڳالهه اڃا پري پئي آهي، پر اُميد آهي ته هنن دوست جي ڪوشش ۽ حڪومتي سطح تي کڄندڙ قدمن سان ملير تعليم ۾ سنڌ جو مثالي ضلعو ٿي اُڀرندو. هن چيو ته مون ڪوششون ڪري هتي گرلز ڊگري ڪاليج ۽ ڪيڊٽ ڏياريو آهي، جنهن جو ڪم توهان پاڻ ڏسو ٿا ته درساڻي ڇني ۾ هلي رهيو آهي. اڃا به تعليم جي سيڪٽر ۾ ڪم جي وڏي گنجائش ۽ ضرورت موجود آهي. انشاءَ الله گڏجي ڪم ڪنداسين، ملير ۽ سنڌ کي تعليم يافته معاشري طور متعارف ڪرائينداسين اهو ئي اسان جو عزم پارٽيءَ جو منشور آهي. تنهن کانپوءِ ملير ۾ نياڻين جي تعليمي خدمتن جي مڃتا طور صوبائي وزير پاران سي ڊي اين جي صدر خالد حسين جوکيو کي شيلڊ ڏني ويئي ۽ هن موقعي تي ملير ۾ ويلفيئر جا ڪم ڪرڻ تي لڪي سمينٽ فيڪٽري جي ايڊمن آفيسر ڪرنل عمران کي به شيلڊ ڏني وئي.
    پرگرام جي آخر ۾ سمورن حاضرين ۽ ٻارڙن ۾ جوس ۽ لنچ باڪس ورهايا ويا.
    سيمينار جي اختتام پزير ٿيڻ کان اڳ ستار خليفي سيمينار ۾شرڪت ڪندڙن جا ٿورا مڃيا
    عمر رات سپنو سدورو لدم،
    انهي سپني همت وڏيءَ ۾ وڌم،
    ڏسان ٿي :ٻُڪل پئي ٿي گهوگهو ڏئيم
    ڳڄيءَ مان ڪڍي ڳٽ،سندرو ٻڌم،​
     
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: ملير ۾ نياڻين جي تعليم بابت سيمينار

    مهرباني ادا جاويد

    تمام سٺي ۽ تفصيلي رپورٽ۔ سي ڊي اين جي دوستن کيرون لهڻيون جيڪي تعليم جهڙي اهم ڪم تي ڌيان ڏئي پنهنجو ڪوششون وٺي رهيا آهن۔ هن وقت سنڌ جي بقا جو سوال آهي ۽ تعليم کانسواء ڪنهن انقلاب جو اچڻ ڏاڍو مشڪل آهي۔

    سلام دوستن کي ، سلام اوهان کي ۽ ڳوٺ وارن کي پڻ۔ لک ٿورا اهڙي سهڻي ونڊ جا۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو