• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سنڌ ۽ بلوچستان جي ساحلي علائقن ۾ سامونڊي طوفان جي اڳڪٿي

سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر
انتظامي رڪن
لائيبريرين
Sea-view-wall-378x252.jpg


Cyclone-Phet111.jpg



موسميات کاتي اڳڪٿي ڪندي چيو آهي ته عربي سمنڊ ۾ هوا جو گهٽ دٻاءُ اڄ طوفان جي شڪل اختيار ڪري ويندو ۽ سڀاڻي کان سنڌ جي ساحلي پٽي تي تيز طوفان ۽ تيز برسات جو امڪان آهي جنهن سبب تيز بارسن جو سلسلو به لاڳيتو ٽن ڏينهن تائين رهڻ جو امڪان اهي۔ سنڌ ۽ بلوچستان حڪومت لاڳاپيل ادارن کي وارننگ جاري ڪري ڇڏي آهي۔

موسميات کاتي جي ڊائريڪٽر جنرل سنڌ جي ساحلي پٽي جي مهاڻن کي پڻ اها صلاح ڏني آهي ته هو سومر تائين سمنڊ ڏانهن رخ نه ڪن ۽ نه ئي ٻيڙيون سمنڊ ۾ لاهين ۽ جيڪي سمنڊ ۾ ويل آهن اهي جمعي جي شام کان اڳ ئي واپس هليا وڃن، هن ٻڌايو آهي ته سنڌ ۽ بلوچستان جي 960 ڪلوميٽرن جي ساحلي پٽي تي طوفان اچي سگهي ٿو، جنهن ۾ ڪراچي، ٺٽو، بدين، گوادر، پسني وارا علائقا شامل آهن، موسميات کاتي جي ڊائريڪٽر محمد حنيف چيو ته هن وقت انڊيا ۾ سامونڊي علائقي ۾ گهرا بادل موجود آهن، جنهن جو رخ سنڌ جي ساحلي پٽي ڏانهن آهي، هن چيو ته طوفان پاڪستان جي ساحلي پٽي کي ڪيتري شدت سان ٽڪرائيندو، ان بابت ڪجهه چئي نٿو سگهجي، طوفان جو رخ ۽ شدت 24 ڪلاڪن کان 36 ڪلاڪن تائين مٽبو آهي، طوفان جي رخ ۽ شدت جي وڌيڪ معلومات اڄ پوندي ۽ هن وقت تائين طوفان جي رخ سنڌ ۽ بلوچستان جي ساحلي پٽي آهي، جنهن جي نتيجي ۾ ڪراچي، سجاول، ٽنڊو محمد خان، ٺٽو، بدين، ڪيٽي بندر جي علائقي ۾ تيز طوفان ۽ تيز برسات پوندي۔

هوڏانهن موسميات کاتي پاران جاري ڪيل ايڊوائيزري موجب سمنڊ ۾ موجود گهُٽ طوفاني صورت اختيار ڪري رهي آهي، جنهن جي نتيجي ۾ سنڌ ۽ بلوچستان جي سامونڊي پٽيءَ ۾ جمعي جي ڏينهن کان گجگوڙ سان طوفاني مينهن وسندو ۽ جيڪڏهن هوا جو رخ ميداني علائقن ڏانهن مڙيو ته برساتن جو اهو سلسلو اتر سنڌ ۽ پنجاب تائين پکڙجي ويندو، موسميات کاتي جي ڪراچيءَ ۾ قائم ٽراپيڪل سائڪلون وارننگ سسٽم پاران جاري ڪيل ايڊوائيزري ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته هن وقت عربي سمنڊ ۾ موجود گهٽ ۽ هوا جو گهٽ داٻ طوفان جي شڪل اختيار ڪري رهيو آهي ۽ گهڻو امڪان آهي ته اهو طوفان اتر اولهه واري ڪنڊ کان ٿيندو وچ اوڀر جي سامونڊي ڪنارن سان ٽڪرائجي پر ان جي باوجود في الحال طوفان جي صحيح رخ بابت اڃا ڪجهه نٿو چئي سگهجي. رابطو ڪرڻ تي ٽي سي ڊبليو سي جي ڊائريڪٽر سردار سرفراز ”ڪاوش“ کي ٻڌايو ته اڄ تائين طوفان ۽ هوا جي صحيح رُخ جي خبر پئجي ويندي. هن ٻڌايو ته بنگال واري نار ۾ هن موسم دوران هوا جو اهڙو گهٽ داٻ معمول جي موسمياتي تبديليءَ جو حصو آهي، گذريل سال به ڦيٽ نالي هڪ طوفان آيو، جيڪو ڪراچي کان گهڻو پري هو پر موجوده ڊپريشن جي ڪري پيدا ٿيندڙ طوفان ڪراچي جي بندرگاهه کان 800 ميل پري آهي، جيڪڏهن هوا جو رخ سنڌ ۽ بلوچستان ڏانهن ٿيو ته پاڪستان جي ميداني ۽ سنڌ بلوچستان جي سامونڊي علائقن ۾ شديد برسات پوندي ۽ ٿي سگهي ٿو ته ملير، لياري، حب ۽ هنگول ندين ۾ ٻوڏ اچي پر في الحال ڪجهه نٿو چئي سگهجي. هن ٻڌايو ته اڄ تائين طوفان جي جوڙجڪ مڪمل ٿيڻ کان پوءِ ان جو نالو به تجويز ڪيو ويندو، في الحال سامونڊي ڪنارن ۽ کليل سمنڊ ۾ مڇي جو شڪار ڪندڙ مهاڻن کي وارننگ جاري ڪئي وئي آهي. سامونڊي پٽي ۾ امڪاني سامونڊي طوفان ۽ زوردار برساتن جي امڪاني خطري سبب ٺٽي ۽ بدين ۾ ريڊ الرٽ واري صورتحال آهي، ٺٽي جي ضلعي انتظاميا سمنڊ اندر ملاحن جي داخلا تي قلم 144 لاڳو ڪري ڇڏيو آهي ۽ امڪاني صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ ڊي سي او جي صدارت ۾ هنگامي گڏجاڻي طلب ڪري سمورن ادارن کي الرٽ رهڻ جون هدايتون جاري ڪيون ويون آهن، جڏهن ته پاڪ نيوي کان ملاحن جي واپسي لاءِ پڻ مدد طلب ڪئي وئيِ آهي ۽ فوج کي الرٽ رهڻ جي درخواست ڪئي وئي آهي۔

ڪاوش تان ورتل خبر​
 
جواب: سنڌ ۽ بلوچستان جي ساحلي علائقن ۾ سامونڊي طوفان جي اڳڪٿي

رب ٻاجهه ڪندو ۔۔۔ هونئن ته فطري طوفان آهن ۽ نظام ڪشش ۽ نظام آبهوا جا عجيب چڪر آهن ۔۔۔ جاپاڻ جهڙو ترقي يافته ملڪ يا آمريڪا جهڙو ملڪ پڻ اهڙن طوفانن جي ضد ۾ رهندو آهي ۽ ڪافي نقصان برداشت ڪيو اٿن ۔۔۔۔

احتياط ۽ سٺي منصوبه بندي سان اهڙين قدرتي آفتن جو مقابلو ڪرڻ آسان هوندو آهي، سنڌ سلامت جي هن اوطاق تان سڀني سنڌين کي گذارش ڪجي ٿو ته هو احتياطي تدابير سان گڏ هڪٻئي جي مدد ڪرڻ لا تيار هجن ته جيئن وقت سر هڪٻئي جو ٻانهن ٻيلي ٿي سگهجي ۔۔۔ سنڌي جي تنظيمن الائجي ڪي قدم کنيا آهن الائجي نه پر ايم ڪيو ايم جي الطاف حسين پنهنجي تنظيم کي هدايت ڪئي آهي ته هو ٺٺي، بدين ۽ ڪراچي جي علائقن ۾ ماڻهن جي مدد جي تياري ڪن ۔۔۔!!!!

رب العالمين سنڌين کي پنهنجي امان ۾ رکي ۔۔۔ آمين
 
Back
Top