يونس ملڪاڻي
سينيئر رڪن
اسان کي مختلف فائيل ڪنوينٽرن جي گهرج پوندي رهندي آهي، ڪڏهن ورڊ مان پي ڊي ايف ته ڪڏهن پي ڊي ايف مان ورڊ، ڪڏهن وڊيو مان آڊيو ته ڪڏهن آڊيو جو فارميٽ تبديل ڪرڻو هوندو آهي، ڪڏهن جي پي جي مان گف ته ڪڏهن وري گف مان جي پي جي. مطلب ته ڪمپيوٽر يوزرس جو اهو روز جو ڪم آهي ظاهر آهي ته اسان کي انهن لاءِ الڳ الڳ ڪنوينٽر رکڻا پوندا آهن جيڪي هڪ ته ملن مشڪل سان ٿا ٻيو وري هوندا ٽرائيل پيرڊ ۾ آهن جيڪي ٻه چار ڏينهن ۾ ايڪسپائير ٿي ويندا آهن آئون انهن سڀني مسئلن جو حل هڪ ئي جاءِ تي پيش ڪري رهيو آهيان، هن ويب سائيٽ ۾ اوهان ڪنهن به فائيل جو فارميٽ تبديل ڪري سگهو ٿا فائيل فارميٽ تبديل ڪري اوهان کي هڪ لنڪ ڏنو ويندو جتان اوهان ان کي ڊائونلوڊ ڪري وٺـومزي جهڙي ڳالهه ته اوهان ڪنهن به ويب سائيٽ تان فائيل جو يو آر ايل ڊائريڪٽ کڻي هٿي پيسٽ ڪري ان پُٽ ۽ آئوٽ پُٽ سيٽ ڪريو ته اها فائيل به تبديل ٿيل فارميٽ ۾ اوهان آڏو هوندي، اوهان جڏهن هن سائيٽ تي ويندا ته پورو پيج هڪ اشتهار سان ڍڪيل نظر ايندو اوهان مٿي ساڄي پاسي اسڪپ ايڊ تي ڪلڪ ڪري ويب سائيٽ ۾ انٽر ٿي سگهو ٿا جتي اوهان پنهنجي ڪمپيوٽر مان فائيل کڻو ۽ آئوٽ پٽ سليڪٽ ڪري ڪنورٽ تي ڪلڪ ڪريوپوءِ اوهان جو ڪم ختم ۽ ويب سائيٽ جو ڪم شروع ٿي ويندو
ڪنورٽ لا هتي ڪلڪ ڪريو
ڪنورٽ لا هتي ڪلڪ ڪريو