جواب: تعارف سائين جي ڪري آيا ڀلي ڪري آيا هي اڱڻ اوطاقون سائين اوهان جهڙن محبتين لاءِ جوڙيون ويون آهن۔ اسان هن سٿ ۾ شامل ٿيڻ تي اوهان کي ڀليڪار ٿا چؤن ۔ رات اچو ڏينهن اچ جنهن وقت گهرو اچو هي اڱڻ اوهان کي ڀريل ئي ڀريل ملندو ۔ هي اوطاق هميشه آباد رهي ٿي اوهان آيو اوهان جا لک لائق ڪروڙين قرب ۔سائين جاڏي پير تاڏي خير۔ وسلام
جواب: تعارف محترم مير حسن مينڌرا صاحب ۔۔۔ ڀلي ڪري آيا ۔۔۔ جي آيا ۔۔۔ اسانجون اکيون ٿڌيون ۔۔۔۔ سڄڻ آيا ڀلي آيا، سهڻن جو سلامي ٿيان ۔۔۔ سنڌ سلامت اڱڻ آهي سنڌ جو ، اوطاق آهي سنڌ جي دوستن جي، هي اڱڻ آهي پياري ٻولي جي واڌ ويجهه لا، هي اوطاق آهي سنڌ جي ڳالهه ۽ سنڌ جي مسئلن ۽ انهن جي حل جي تلاش جو ۔۔۔ اوهان سنڌي آهيو ۽ سنڌ دوست آهيو ته هي اڱڻ اوهانجو پنهنجو آهي جنهن ۾ اسين ۽ اوهان آهيون ئي ڪونه سڀ سنڌي آهيون ۔۔۔ بيشڪ پاڻ ڪجهه ڏينهن اڳ اچي ڪچهري مچائي آهي، اوهين اڄ آيا آهيو ۽ اميد ته اڳتي به ايندا، ڀيرو ڪندا ۽ ڪجهه هتان جي ٻڌندا ۽ ڪجهه پنهنجي ٻڌائيندا ۔۔۔ ۽ ائين ساٿ اڳتي وڌندو ۔۔۔ اوهانجو ڪجهه تعرف اڃان وڌيڪ اڳتي وڌندو ته ممڪن دوستي ۾ وڌيڪ مٺاس پئدا ٿئي ۔۔۔ انڪري عرض ته پنهنجو تفصيلي تعرف ڪرائيندا ته اکيون ٿڌيون ۔۔۔ سنڌ سلامت جو مقصد صرف سنڌ ۽ صرف سنڌ آهي ۔۔۔ سنڌ سان لاڳاپيل هر ڳالهه هن اوطاق جي ڳالهه آهي، انڪري اوهان کلي دل سان سنڌ ۽ سنڌيت تي ڏي وٺ ڪري سگهو ٿا ۔۔۔ هڪ دفعو ٻيهر دل جي گهراين سان ڀليڪار دوست وڌن ۔۔۔ ميلا لڳن ۔۔۔ هو جمالا ڳائجن سنڌ سلامت ساٿ سلامت
جواب: تعارف سائين مينڌرا صاحب اسان اوهان کي فورم تي خوش آمديد ٿا چئون اميد ته ڀيرو ڀڄندا رهندا سدائين گڏ
جواب: تعارف محترم دوست مير حسن منڌرو صاحب اوهان کي سنڌ سلامت جي سهڻي فورم تي ڀليڪار ٿا ڪيون تمام گهڻي خوشي ٿي جو اوهان پنهنجي سنڌ سلامت فورم جا ساٿي بڻيا آهيو جيڪو اسان سڀني سنڌين جو گڏيل فورم آهي ۽ اها اميد ته اوهان سٺا ليک ۽ نيون نيون ڳالهيون فورم تي شيئر ڪندا رهندا۔اڳ ۾ به اسان جو هڪ دوست منڌرو محمد رمضان اسان جي فورم جو ساٿي ۽ فورم جي سونهن آهي۔ اميد ته اوهان پنهنجي لکڻين سان فورم جي سونهن ۾ اضافو ڪندا رهندا ۽ اسان جو ساٿ اوهان سان هر دم گڏ هوندو۔
جواب: تعارف ادا منهجو نالو مير حسن آهي ادا آئون بدين شهر ۾ رهندو آهيان ۽ آئون بدين جي هڪ اسڪول ۾ يارهين ڪلاس ۾پڙهندو آهيان
جواب: تعارف ادا اوهان کي سنڌ سلامت جي سهڻي فورم تي ڀليڪار چئون ٿا اميد ته سنڌ سلامت تي ساٿ سلامت رهندو [/center][/img]
جواب: تعارف ادا مير حسن مينڌرا اسلام عليڪم پيارا ڀاءُ هن اڱڻ تي اچڻ تي اوهان کي دل جي گهراين سان خوش آمديد چوان ٿو
جواب: تعارف محترم دوست مير حسن ميندرو صاحب اوهان کي سنڌ سلامت جي سهڻي فورم تي ڀليڪار ٿا ڪيون تمام گهڻي خوشي ٿي جو اوهان پنهنجي سنڌ سلامت فورم جا ساٿي بڻيا آهيو جيڪو اسان سڀني سنڌين جو گڏيل فورم آهي ۽ اها اميد ته اوهان سٺا ليک ۽ نيون نيون ڳالهيون فورم تي شيئر ڪندا رهندا۔ سنڌ سلامت جو ساٿ انشاء الله دائم ۽ قائم رهندو۔ اميد ته اوهان پنهنجي لکڻين سان فورم جي سونهن ۾ اضافو ڪندا رهندا ۽ اسان جو ساٿ اوهان سان هر دم گڏ هوندو۔