الطاف شيخ جيڪو سفرنامن جي ڪري سنڌ جو ابنِ بطوطه يا سنڌ باد جي نالي سان به سڃاتو ويندو آهي 79 کان مٿي ڪتاب لکيا آهن جن مان 65 سفرنامه آهن۔ سندس هي سفرنامو اڇن جي ملڪ ۾ اسين ڪارا سنڌي ادبي سنگت سٽي سکر جي محترم عبداللطيف انصاري جي ڪوششن سان اي بوڪ جي صورت ۾ متعارف ڪرايو ويو آهي۔ هن ڪتاب جو پيش لفظ مخدوم جميل الزمان لکيو آهي، الطاف شيخ جو هي سفرنامو سئيڊن بابت آهي جيڪو يورپ جي آخري ڇيڙي تي واقع آهي۔