خميسي خان "خانوٺي" جي شاعري

Abdul Wahid Soomro

سينيئر رڪن
چنڊ چانڊوڪي سان روڪيو رات کي،
پابوسي محبوب لئهِ پرڀات کي.

مست منظر پيار جا خاموشي ٿيا،
بي قراري پئي جھلي جذبات کي.

چاھتن جي انتظاري بي وسي،
ھر ڪو پل ڪيڏو تڪي پيو ڏات کي.

کوڙ تنھائي تي ٿيون سرگوشيون،
ڪيئن روڪيان چشمِ تر سوغات کي.

گلن جي ڳلڙن تي لِک شيرين بيان،
ھِجر لکجي يا وفا جي بات کي.

رونقِ افروز ٿئي بس مھه لقا،
دل جي حالت پئي سڏي سڪرات کي.

ھِن خميسي اڄ جنونِ عشق ۾،
زندگي ارپي ڇڏي ان ذات کي.
 
Back
Top