الطاف شيخ جي شروعاتي سفرنامن مان مان هڪ سفرنامو ڇا جو ديس ڇا جو وديس هي ڪتاب سنڌي ادبي سنگت سٽي سکر جي محترم عبداللطيف انصاري جي ڪوششن سان اي بوڪ جي صورت ۾ متعارف ڪرايو ويو آهي۔ سامونڊي جهاز بابت دلچسپ حقيقتون ۽ ڄاڻ ، سامونڊين ۽ جهاز جي ملازمن جا حال احوال ۽ مسئلا ۽ گهڻين ڄاڻ وارين خبرن تي مشتمل ڪتاب آهي۔