Abdul Wahid Soomro
سينيئر رڪن
خوب جيون عاشقانه ٿي ويا،
دل جا ڦٽ تازا توانه ٿي ويا.
درشن دلبر سان ديوانو ٿيس،
روز پٿرن جا نشانه ٿي ويا.
مون نه شڪوه ڪئي ڪا رسوائي ملي،
۽ محبت جا فسانه ٿي ويا.
وصل جا سڀ واعده اقرار ويا،
کوڙ سارا بس بھانه ٿي ويا.
آندي آمد جي خبر چوڏس صبا،
من اڱڻ ۾ شادمانه ٿي ويا.
رونقِ افروز محفل ۾ ٿيو،
ڪھڪشان جا رنگ سھانه ٿي ويا.
ھر زبان حيران ٿي ويا چو حُسن جا،
اڻ ميا اڻ کٽ خزانه ٿي ويا.
زلف رخسارن مٿان ڄڻ چنڊ تي،
بادلن جا شاميانه ٿي ويا.
گل ٽڙيو خوشبو گھلي بلبل سندا،
اڄ چمن ۾ آشيانه ٿي ويا.
دل جا ڦٽ تازا توانه ٿي ويا.
درشن دلبر سان ديوانو ٿيس،
روز پٿرن جا نشانه ٿي ويا.
مون نه شڪوه ڪئي ڪا رسوائي ملي،
۽ محبت جا فسانه ٿي ويا.
وصل جا سڀ واعده اقرار ويا،
کوڙ سارا بس بھانه ٿي ويا.
آندي آمد جي خبر چوڏس صبا،
من اڱڻ ۾ شادمانه ٿي ويا.
رونقِ افروز محفل ۾ ٿيو،
ڪھڪشان جا رنگ سھانه ٿي ويا.
ھر زبان حيران ٿي ويا چو حُسن جا،
اڻ ميا اڻ کٽ خزانه ٿي ويا.
زلف رخسارن مٿان ڄڻ چنڊ تي،
بادلن جا شاميانه ٿي ويا.
گل ٽڙيو خوشبو گھلي بلبل سندا،
اڄ چمن ۾ آشيانه ٿي ويا.