• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

الطاف شيخ مڪليء کان ملاڪا تائين (الطاف شيخ)

سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر
انتظامي رڪن
لائيبريرين
book_004.jpg

محترم الطاف شيخ زندگيء جا ڪافي سال ملائيشيا ۾ ً پنهنجي فيملي سان گڏ گذاريا آهن ۽ اتان جي مئرين اڪيڊمي ۾ پڙهايو پڻ آهي۔ اهوئي سبب آهي جو سندس سان ڪچهري ڪرڻ دوران هو ملائيشيا جو گهڻو ذڪر ڪندو آهي۔ هو اهو به ٻڌائيندو آهي ته ڪيئن هن ملڪ ايڏو جلدي ترقي ڪئي آهي۔ سندس سفرنامو ”مڪليء کان ملاڪا تائين“ به ملائيشيا بابت آهي۔ سنڌي ادبي سنگت سٽي سکر پاران اي بوڪ جي صورت ۾ آندل هن ڪتاب لاء محترم عبداللطيف انصاريء جون ڪاوشون پڻ قابل تعريف آهن۔

سائين فائل ڊن جي ڊائونلوڊ لنڪ ڪم نه پئي ڪري مهرباني ڪري ان کي ڏسندا۔۔۔ ان ڪتاب جي مون کي سخت ضرورت آهي۔۔
 
مون ڪتاب ساس سٽي سکر تان ڊائونلوڊ ڪري 4 شيرڊ تي اپلوڊ به ڪيو آهي، پر ان کي ڊائريڪٽ هت ڏسارڻ لاءِ ايڊيٽر بار ۾ مونکي پي ڊي ايف ڪوڊ نه ٿو ملي، ڇا صرف لنڪ شامل ڪرڻ سان ڊائريڪٽ ڪتاب هت نظر اچي سگهي ٿو؟
 
ادا سليماڻ وساڻ صاحب توهان جيڪو مڪلي کان ملاڪا تائين الطاف شيخ صاحب جو جيڪو سفر نامو رکيو آهي سنڌ سلامت جي سائيڊ تي انهي ۾ ٽائيٽل تي توهان جيڪا تصوير ڏني آهي عورت جي ۽ منهنجي هٿ ۾ جيڪو سفر نامو ساڳيو ئي آهي انهي ۾ تصوير اتان جي ٽاور جي ڏنل آهي ۔ ۽ سفر نامو روشني پبليڪيشن وارن 1998 ۾ ڇپرايو آهي ۔توهان مهرباني ڪري ٻڌايو ته ڪهڙو ٽائيٽل صصيح آهي توهان جي مهرباني ٿيندي۔
 
انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم:

روشني پبليڪيشن پاران اهو ڪتاب شايد ٻيهر ڇپرايو ويو آهي۔ جڏهن ته پهرين ايڊيشن ۾ اهائي تصوير هئي جيڪا مٿي ڏنل آهي۔ اوهان الطاف شيخ پاران شيئر ڪيل ڪتابن جي ٽائيٽل جي تصوير هن لنڪ تي به ڏسي سگهو ٿا۔
 
Back
Top