نثارناز
سينيئر رڪن
پيارا سنڌ سلامت جا دوستو ۽ ساري دنيا جا سنڌي ساٿيو السلام عليڪم جيئي سنڌ
ساٿيو ڪالهه جڏهن قانون نافذ ڪرڻ وارن جي هٿان هڪ بيگناهه شخص کي کُلي عام گوليون هڻي هميشهه هميشهه لاءِ موت جي ننڊ سمهاريو پي ويو بلڪل انهي وقت مان سنڌ جي مهان شاعر مرحوم استاد بُخاري جي ڪتاب گيت اسان جا جيت اسانجي جي غزل جي هن بند کي پڙهي رهيو هُئس

جو ظلم سان جاري جنگ رکي سو انسان ابن انسان آ
جو ظلم سَهِي ڪُجهه ڪين ڪُڇي سو ڍور آهي سو ڍور ڪبو.
جو ظلم سَهِي ڪُجهه ڪين ڪُڇي سو ڍور آهي سو ڍور ڪبو.
دوستو دل چاهيو ته استاد بخاري جو اهو غزل چترڪاري ڪري توهان سان ونڊ ڪريان، اُستاد بخاريءَ جو هي غزل استاد بخاري جي ڪتاب “ گيت اسانجا جيت اسانجِي ” جي پيج نمبر 94 مان ورتو ويو آهي، مهان شاعر مرحوم استاد بخاري جي شاعري جي باري ۾ مان ڇا لکان اهي لفظ ئي نٿا ملن جيڪي استاد بخاري جهڙي محبتي مينار جهڙي شاعر جي شاعريءَ کي ڀيٽا طور ڏيئي سگهان ان ڪري پنهنجي لفظن کي ڇڏي استاد بخاري جا پنهنجا لکيل شبد جيڪي هن پنهنجي ڪتاب گيت اسانجا جيت اسانجيءَ جي صفحي نمبر 6 ۽ 7 نمبر تي لکياهُئا اهي توهان سان ونڊ ڪري ٿو ڇڏيان. استاد بُخاري مرحوم“ عرض حال عنوان تحت لکيو آهي ته ، شاعري ڏات آهي ، پر هي ڏات به هر شاعر کي پنهنجي ڏانءُ ۽ ٿانءُ جيتري ملي ٿي،ڪٿي اڌجيتري اوت، ڪٿي واهڙ وارا وهڪرا، ته ڪٿي بنهه مهراڻ جون موجون ، مطلب ته وس آهر رس ۽ هستي سارو مستي ڏسجي ٿِي.
شاعر هڪ اهو به آهي جو پنهنجي قوم، پنهنجي بلڪه سڄي انسان ذات جي زبان بڻجي، امن جو آواز اٿاري، ظلم سان جنگ جوٽي، جيڪي اُڌمان اندر ۾ اچنس سي اوتي، پر جي (اڳ پوءِ جاچي) کڻي روڪي ته رڪجي نه سگهجنس، آخر اُٻاءُ ڪيو اوڳاڇيو ويهي.
مضمون : اڻ کُٽ عنوان انيڪ ڪنهن تي لکي ڪنهن تي لکجي،

ڇا قوم تي لکان مان، يا حُسن تي لکان مان
افسوس زندگي هڪ، پورو نه ٿو پوان مان
هُو وقت ٿو سڏي پيو هي يار ٿو اچي پيو
بيهان وڃان ، ڪريان ڇا، بيٺو ٻُڏان تران مان
هِي قوم پئي ٿي ڦٿڪي، هِي دل به پئِي ٿي تڙپي
هن قوم تي رُئان يا هن حال تي رُئان مان
مظلوم ٿو پُڪاري محبوب پيو نهاري
ڪيڏي ڀڄي ڀڄان مان ، ڪيڏي ڊُڪي وڃان مان
(اُستاد بُخاري)

سو هڪ دل چيو ته هن ئي ڪتاب ۾ بئي راهون گڏي ڇڏيان پر هڪ صُفحي تي محبوب جا ماڻا ٽاڻا، ۽ ٻئي مظلوم جون ڪيهون ريهون، اها ڳالهه سڀاءَ کي سٺي نه لڳي، حقيقت ۾ “ وقت جي پُڪار“ ۽ پرينءَ جي پچار مُنهنجي شاعراڻي دل جا ٻه پاسا آهن جن مان وقت جي پُڪار هن مجموعي ۾ حاضر آهي باقي پرينءَ جي پچار وري ٻئي ڪتاب ۾ ( انشاالله)
مان مطمئن آهيان ، ڇو ته جيڪي به لکيو اٿم سو هڪ ته پنهنجي پياري زبان ۾ ٻيو ساڻيهه جي سُڪار عالم جي آبادي ۽ انسان ذات جي ڀلائيءَ لاءِ لکيو اٿم.
مان مطمئن آهيان ، ڇو ته جيڪي به لکيو اٿم سو هڪ ته پنهنجي پياري زبان ۾ ٻيو ساڻيهه جي سُڪار عالم جي آبادي ۽ انسان ذات جي ڀلائيءَ لاءِ لکيو اٿم.
سائينم سدائين ڪرين مٿي سُنڌ سُڪار
دوست تون دلدار عالم سڀ آباد ڪرين(شاهه سائين)
استاد بخاري”دوست تون دلدار عالم سڀ آباد ڪرين(شاهه سائين)
ڪيئن دوستو مهان شاعر اُستاد بُخاري جا لکيل ويچار توهان پڙهيا ، مان هميشهه چوندو آهيان ته جيڪڏهن پنهنجي پاڻ کي ڪجهه بنائڻ ٿا چاهيو ته مطالعو لازمي ڪريو چووهين ڪلاڪن جي ڏينهن رات دوران صرف ٻه ڪلاڪ سنڌي ڪتاب سنڌي رسالا، يا ڪنهن به ٻولي ءَ جو ادب ضرور توهان کي پڙهڻ گهرجي، توهان محسوس ڪندا ته توهان ۾ خود اعتمادي ڪيتري وڌي ويئي آهي بُري ڀلي جي تميز توهان بهتر طور ڪري سگهڻ جي قابل ٿي ويا آهيو، دوستو منهنجي صفا غريباڻي لائبريري جنهن ۾ مشڪل سان پنجاهه سٺ ڪتاب هوندا انهن ڪتابن جو مطالعو مان لازمي ڪندو آهيان، ان کان علاوه جيڪڏهن دوستن جي لائبريرين ۾ وڃڻ جو موقعو ملندو آهي ته مطالعي واسطي اتان به ڪتاب کڻي ضرور پڙهندو آهيان. استاد بُخاري جو هي ڪتاب “گيت اسانجا جيت اسانجي” سنڌي ساهت گهر حيدرآباد پاران ڇاپو ٽيون جي صورت ۾ 1997ع شايع ڪرايو ويو هو ان وقت هن ڪتاب جي قيمت صرف 100 روپيا پاڪستاني هُئي.
دعاڳو
نثاراحمدناز
ٽنڊو محمدخان
10-6-2011
دعاڳو
نثاراحمدناز
ٽنڊو محمدخان
10-6-2011
غزل
اُستاد بخاري
ڪُجهه جاچ ڪبِي ، ڪُجهه سوچَ ڪبِي ڪُجهه ماٺ ڪبِي ڪُجهه شور ڪبو
ڪُجهه هوش ڪبو، ڪُجهه جوش ڪبو، ڪُجهه غور ڪبو، ڪُجهه زور ڪبو
هر حالت ۾ ، هر صورت ۾، هِن حالت کي هُونئن ڪرڻو آ
جي هينئن نه ٿيو. پوءِ هُونئن ڪبو، جي هُونئن نه ٿيو ڪُجهه اور ڪبو
جو ظلم سان جاري جنگ رکي، سو انسان ابن انسان آ
جو ظلم سَهِي، ڪُجهه ڪين ڪُڇي ، سو ڍور آهي سو ڍور ڪبو
جو ديو هُجي ڪوهه قاف ڀَڄي ، جو آهه فرشتو عرش وڃي،
ماڻهن ۾ جيڪو ماڻهو آ، هن محفل جو سو مور ڪبو
جو ڪالهه هيو سو اڄ ناهي، جو اڄ آ سو نه سُڀان هوندو،
ڪلهه دور ٻيو، اڄ دور ٻيو، هر دور مٿان نئون دور ڪبو
“اُستاد” اسان کان ڪو نه ڊڄي ، هڪ ڳالهه سوا ٻيو ڪجهه نه ڪبو
جو ڀاڳيو سو ڀاڳيو رهندو، جو چور آهي سو چور ڪبو
ڪتاب گيت اسانجا جيت اسانجِي مان ورتل مهان شاعر اُستاد بُخاري جو خوبصورت ترين غزل