ڇا هن رات جو صبح آهي؟

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ muhammad طرفان آندل موضوعَ ‏10 جون 2011۔

  1. muhammad

    muhammad
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏4 مارچ 2011
    تحريرون:
    117
    ورتل پسنديدگيون:
    17
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    student
    ماڳ:
    ghotki
    ”ادا ڏي خبر توهان جي علائقي ۾ بجلي آهي؟“

    ”نه يار، رات لاڪون بند آهي، گرمي ۽ ٻوسٽ ۾ اوجاڳا ڪري ڪري چريا ٿي پيا آهيون...ڀلا توهان وٽ ڇا پوزيشن آ؟“

    ”اسان وٽ به چون ٿا ته فيڊر ٽرپ ٿي ويو، ڪا خبر ناهي ته ڪڏهن ايندي!“

    ”پوءِ ڪيئن پيو گذارو ٿئي؟“

    ”گذارو ڪهڙو ٿيندو، بس اهو ڊپ آهي ته ڪٿي گذاري نه وڃون!“

    هيءَ ڪنهن وقت جي روشنين جي شهر ڪراچي جي اڪثر علائقن جي رهواسين جي صورتحال آهي، جيڪي اوندهه جي عذاب ۾ مبتلا ٿي ذهني بيمار بڻجندا پيا وڃن. نه رڳو ڪراچي پر سموري سنڌ جي شهرن جي حالت لڳ ڀڳ ساڳي آهي. نٽهڻ اس ۽ قهر جي گرمي هجي، سوڙِهن ڪمرن وارا غير هوادار فليٽ هجن ۽ مٿان وري ڪلاڪن جا ڪلاڪ بجلي بند هجي ته ڪو به ذي شعور ماڻهو اهڙي حالت جي نتيجن کان بخوبي واقف ٿي سگهي ٿو، هن کي ٻيو ڪجهه ٻڌائڻ جي ضرورت ناهي. اسان جي سانڀر جي ڳالهه آهي ته جڏهن شڪارپور جهڙي شهر ۾ گرمي جي مند دوران ڪو ٽرانسفارمر ڦاٽي پوندو هو يا ڪنهن سبب جي ڪري بجلي بند ٿي ويندي هئي ته اوڙي پاڙي جا پيرسن وڻن جي ڇانوَ هيٺان گڏ ٿي نوٽڻ يا لوڊو راند ڪندا ۽ ڪچهريون ڪندا هئا، ڪي وري چوباز ۾ لڳا پيا هوندا هئا، ڪن وٽ هٿ جا پکا هوندا هئا، جن جي ڳنيءَ سان رکي رکي اگهاڙي پٺيءَ کي کنهندا هئا، گوڏ ۽ گنجي ۾ اهي ماڻهو ان پريشاني کان بي نياز هوندا هئا ته بجلي ڪڏهن ايندي، ٿڌي پاڻي جو بندوبست ڪيئن ٿيندو، گهڻو ٿيو ته کٽ وڻ جي هيٺان رکي پاڻي ۾ پوتڙو پسائي مٿان وجهي سمهي رهندا هئا. انهي پسيل پوتڙي مان جڏهن هوا گذر ڪري جسم کي لڳندي هئي ته اصل فرحت اچي ويندي هئي. مايون نلڪن کي گيڙا ڏيئي ڏيئي ايترو پاڻي جمع ڪنديون هيون جو ٻار ٻچا پيا ان ۾ وهنجندا هئا. ٽٻر ٽٻر ڇورا قميص جا بٽڻ کولي، ڳلي ۾ رومال وجهي پيا لوڏ ڪندا هلندا هئا، قبن وارو اسڪول يعني هاءِ اسڪول نمبر 2 هجي يا هاءِ اسڪول نمبر ون، ٻئي پراڻي دور جا اهڙا اسڪول آهن جتي بجلي هجڻ يا نه هجڻ سان فرق نٿو پوي. اهڙا کليل، هوادار اسڪول مٿان وري گهر به اهڙا ٺهيل هوندا هئا، جن ۾ هوا ۽ روشني جو گذر سولائي سان ٿيندو رهي. گهرن جي ڇتين جي اڪثر ڪري مٽي جي گاري جو ليپ ڏنل هوندو هو، جنهن سان اس جو سيڪ گهٽجي ويندو هو. گرمي گهڻي ٿي ويندي هئي ته پوءِ تارو ماڻهو بيگاري يا رئيس واهه جو رخ ڪندا هئا، جتي پاڻ سان گڏ انب ۽ کاڌي پيتي جون شيون به کڻي ويندا هئا، اها انهن وقتن جي پڪنڪ هوندي هئي. اڻ تارو وري ٽيوب وسيلي يا ڪناري تي رسي ٻڌي اها چيلهه ۾ وجهي پاڻي ۾ لهندا هئا. پاڻي کان ڊپ کائيندڙ وري ڪناري ڀرسان لڳل وڻن هيٺان سامان جي رکوالي به ڪندا هئا ته تڙڳندڙ ماڻهن سان مشڪري ۽ ڀوڳ چرچا به پيا هلندا هئا. هاڻي ته نه اهو شڪارپور رهيو آهي، نه اهي شڪارپوري.

    مون کي خبر ناهي ته اڄوڪين حالتن ۾ شڪارپور سميت بجلي جي اڻ هوند ۽ گرمي جو شڪار شهرن جا رهواسي ڇا ڪندا هوندا پر هتي ڪراچي ۾ رهندي ڪڏهن به ايئن محسوس نه ٿيو آهي جو اسين ڪنهن بين الاقوامي معيار جي شهر ۾ رهون پيا، ڪنهن ميٽرو پوليٽن شهر جا رهواسي آهيون. هي شهر هڪ اهڙي بيگار ڪيمپ ۾ تبديل ٿيندو پيو وڃي، جتي جا اڪثر رهواسي صبح جو روزگار جي تلاش سان گڏ بجلي جي ڳولا ۾ سرگردان هجن ٿا. بجلي هوندي به کين اهو ڊپ ورايون بيٺو هوندو آهي ته الائجي ڪهڙي مهل ٿي بجلي وڃي. بجلي وڃڻ کانپوءِ اها به خبر نه هوندي آهي ته آخر ڪيتري عرصي کانپوءِ بجلي جو ديدار نصيب ٿيندو. جڏهن بجلي ايندي آهي ته اردو جي محاوري وانگر ”شاديءِ مرگ“ جي ڪيفيت طاري ويندي آهي، جنهن کي لفظن ۾ بيان نٿو ڪري سگهجي، پر جڏهن بجلي ٺڪاءَ ڪري هلي ويندي آهي ته هڪ اهڙو ”داغ مفارقت“ ڏيئي ويندي آهي جنهن کي پڻ لفظن ۾ بيان نٿو ڪري سگهجي. وري بجلي ايندي ته وولٽيج ايتري هوندي جو زيرو جو بلب به ڪنجهي ڪنجهي ساهه کڻندو، فرج ۾ رکيل شيون ڌپ ڪري وينديون، ڪڏهن ڪهڙو بجلي جو سامان چٽ ته ڪڏهن ڪهڙو! جن جي گهرن ۾ يو پي ايس لڳل آهن، سي ٻن چئن ڪلاڪن جو انتظار ته برداشت ڪري سگهن ٿا، ان کانپوءِ اهڙي اونده ٿئي جو الامان والحفيظ، باقي جن جي گهرن ۾ جنريٽر آهن انهن جا آواز ملي جيڪا شاهڪار ماحولياتي گدلاڻ پيدا ڪن ٿا، سا ڇرڪ ڇڏايو ڇڏي. ڪي اي ايس کي جڏهن کان خانگايو ويو آهي تڏهن کان ان جي انتطاميه جو هڪ ئي مقصد رهيو آهي ته جيترو ٿي سگهي ته مال ڪمائجي باقي بجلي جي فراهمي جي ذميواري ڪيتري قدر پوري ڪرڻي آهي، ان سان سندن ڪو واسطو ڪانهي. هاڻ جيڪو پوري ڪراچي ۾ بجلي جو شديد بحران هلندڙ آهي، ان لاءِ سبب ملازمن جي هڙتال ٻڌايو پيو وڃي، جن کي هڙتال ڪندي هڪ مهيني کان وڌيڪ عرصو ٿي چڪو آهي. ان ڳالهه کي اڃان گهڻو عرصو ناهي ٿيو جو جڏهن ڪي ايس سي انتظاميه انهن ملازمن کي اضافي ڄاڻائي برطرف ڪيو هو ته ملازمن ڪي اي ايس سي آفيسن تي حملا ڪري ڏنا، باهيون ڏنيون ويون، ڀڃ ڊاهه ٿي ته فوري طور تي سياسي پارٽين ۽ حڪومت مداخلت ڪري انهن ملازمن کي بحال ته ڪيو، پر انتظاميه ان وقت ئي واضح ڪري ڇڏيو هو ته اها ساڻن ناانصافي ڪئي وئي آهي ۽ انهن ملازمن کي اڄ نه ته سڀاڻي ضرور نيڪالي ڏني ويندي. ڪجهه مهينا خيريت سان گذري ويا ته نيٺ انتظاميه کين سرپلس پول ۾ هجڻ جو جواز ڄاڻائي ڪم کان روڪي ڇڏيو. انهن ملازمن ۾ اڪثريت نان ٽيڪنيڪل اسٽاف جي آهي، پر پوءِ ٿيو ايئن جو ليبر يونين جي ٽيڪنيڪل اسٽاف به سروس سينٽر بند ڪري انهن ملازمن سان يڪجهتي جو اظهار ڪيو. پرامن احتجاج هجي ها ته کڻي ڳالهه هضم به ٿي وڃي ها پر ٿيو ايئن جو هڪ ته هٿ وٺي بجلي جا فالٽ پيدا ڪيا ويا، مٿان وري جيڪو عملو انهي فالٽ کي ٺاهڻ جي ڪوشش ڪري ته انهن کي زبردستي ڪم کان روڪيو پئي ويو. حالت اها وڃي بيٺي جو ڪن علائقن ۾ هفتن کان بجلي غائب ته ڪي وري ڪلاڪن جا ڪلاڪ عذاب ۾ مبتلا. جن ” مهربانن“ پوئين ڀيري وچ ۾ پئي ٽياڪڙي ڪري معاملو ٺاهيو، سي وري هن ڀيري ايئن غائب آهي ڄڻ گڏهن جي مٿي تان سڱ!

    لکين ماڻهو گرمي ۽ بجلي جي اڻ هوند جو عذاب ڀوڳي هيڻا ٿي چڪا آهن پر حڪومت نالي ڪا شيءِ چرندي نظر نٿي اچي، جهڙوڪر اهو سندن ترجيح جو معاملو ئي نه هجي. هڪ مهيني کان وڌيڪ عرصي تائين نه ته ملازمن ۽ انتظاميه ۾ معاملا حل ڪرائڻ جون حڪومتي ڪوششون ٿيون آهن، نه ئي ڪو سکڻو بيان سامهون اچي سگهيو آهي، آخر سبب ڇا آهي؟ حڪومت ۽ مختلف سياسي پارٽيون ان حوالي سان چپن کي چونو هڻي ڇو ويٺل آهن؟ ان سوال جو جواب خود ڪي اي ايس سي جا همراهه اهو ٻڌائين ٿا ته جڏهن ڪي اي ايس سي جي مينيجمينٽ ۾ هر سياسي پارٽي جي پٽن، ڀائرن، سوٽن ۽ ماساتن کي لکين رپين جي مفت پگهار تي رکي حصو ڏنو ويو آهي ته ڪير ڳالهائيندو؟ 5 لک کان ويندي 25 لک رپين تائين پگهار کڻندڙن کي ڪهڙي کٽيءَ کنيو آهي جو هو پگهر ڳاڙيندڙ عوام لاءِ آواز بلند ڪندو؟ باقي سندن ڪرسي جو معاملو اچي ٿو ته پوءِ هٿ وٺي هڙتال به ڪرائي وڃي ٿي ۽ سنڌ ڪارڊ جو استعمال ڪندي مخالفن کي اکيون به ڏيکاريون وڃن ٿيون ۽ جتي عوامي مفاد هجن ٿا، اتي هو واريءَ ۾ منڍي ڏيئي ويهي رهن ٿا!

    ڪو ادارو هجي يا حڪومت هجي هر ڪنهن جو هٿ سان پيدا ڪيل بحران جي وقت اهو ئي مطالبو هجي ٿو ته عوام ساڻن تعاون ڪري يا عوام قرباني ڏيئي، پر نه ته ڪو عوام سان تعاون ڪرڻ لاءِ تيار آهي ۽ نه ئي ڪو عوام خاطر قرباني ڏيڻ لاءِ. ان ڪري ئي اهي سامهون جا مثال آهن ته جنهن علائقي جا رهواسي مجبور ٿي روڊن رستن تي نڪري احتجاج ڪن ٿا، روڊ بلاڪ ڪن ٿا، پٿراءُ ڪري ٽائر ساڙين ٿا، انهن علائقن جي بجلي جلد اچيو وڃي ٿي ۽ جيڪي اشراف ماڻهو رڳو گهر ويهي گٿن لفظن جا ڌوڙيا لائين ٿا، انهن کي وري ڪجهه به ڪونه ٿو. هر حڪومت جي ترجيح ٿوري گهڻي فرق سان رڳو پنهنجي ڪرسي بچائڻ، وڌ کان وڌ مال ميڙڻ هجي ٿي ۽ ادارن جي حالت اها آهي، جو سياسي بنيادن تي ڀرتيون ڪري انهن جو حليو ئي بگاڙيو ويو آهي. تعليم کاتي کان ويندي صحت توڙي ٻين انيڪ ادارن جو مثال وٺو ته اتي اهڙي ڀينگ ڪئي وئي آهي جو انهن ادارن مان ڪنهن معمولي ڪارڪردگي جي توقع رکڻ به اجائي آهي. حڪمرانن به اهو سمجهي ڇڏيو آهي ته جيئن عرب ملڪن وٽ تيل جي دولت آهي تيئن اسان جي عوام وٽ به ڪافي ”تيل“ آهي. اهو تيل جيترو ڪڍبو اوترو کٽڻ جو ناهي، ان ڪري هر معاملي ۾ عوام کي جيترو پيڙهيو وڃي ٿو اوترو حڪومتون پنهنجا مطلب حاصل ڪري وٺن ٿيون. بجلي يا پيٽرول وغيره جا اگهه ڪيئن وڌائڻا آهن، مهانگائي ۽ امن امان جي صورتحال تي ماڻهن کي ڪهڙا ڏٽا ڏيڻا آهن، لوڊ شيڊنگ بابت ڪهڙو ابن بطوطه جو سفرنامو ٻڌائڻو آهي، اهي سموريون شيون هنن وٽ اڳواٽ تيار هجن ٿيون، پر افسوس جو عوام وٽ اهڙي ڪابه تياري، اهڙي ڪا به منظم سوچ نظر نٿي اچي ته عوامي مفادن لاءِ ڪيئن گڏيل رد عمل ظاهر ڪجي، حڪمرانن جي اهڙن ٽوپي ڊرامن کي ڪيئن رد ڪجي ۽ اهڙو ڪهڙو لائحه عمل اختيار ڪجي، جنهن سان انهي خناس مان جند آجي ڪرائي سگهجي.

    اجهو هاڻي بجيٽ به اچڻ واري آهي، تنهن ۾ هڪ ڀيرو وري ماڻهن کي ”عوام دوست بجيٽ“ جي پرڪارن جو اندازو ٿي ويندو، شيون ڪيتريون مهانگيون ٿينديون، ٽيڪس ڪيترا لڳندا ۽ عوام سان ڪهڙا ڪوڙا سوڙا واعدا ڪيا ويندا، اهي سڀ پڌرا ٿي ويندا. حڪمرانن جا عمل ڇا پر نيتون به واضح آهن پر سوچڻ جي ڳالهه اها آهي ته بحيثيت هڪ قوم جي اسان اجتماعي طور تي اڃان ڪيترو وقت انڌيرن ۾ رهي روشنائي جا فقط تمنائي ٿيڻ ۾ خوشي محسوس ڪنداسين. اسان کي آخر اها ڳالهه ڪڏهن سمجهه ۾ ايندي ته هيءَ رات جنهن جو ڪو صبح ڪونهي، تنهن ۾ نئون سج اڀارڻ لاءِ ڪو هٿ پير به هڻڻو پوندو، هن غليظ ۽ ڪرپٽ سسٽم کي سمنڊ ۾ غرق ڪرڻ لاءِ پاڻ ۾ همت ۽ حوصلو پيدا ڪرڻ سان پنهنجي ٻانهن تي ڀاڙڻو پوندو!؟ آئون جيتوڻيڪ pessimist ناهيان پر ايترو خوش فهم به ناهيان، تنهن هوندي به اها خواهش ضرور آهي ته هڪ ڏينهن پنهنجي ديس واسين کي سمورن نظرين توڙي ذاتي مفادن کان بالاتر ٿي پنهنجي حقن لاءِ هڪ ٿي وڙهندي ڏسان.
     
  2. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,891
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: ڇا هن رات جو صبح آهي؟

    سائين مٺڙا محمد، اڄ جي هن ليک تي کل به ڏاڍي آئي آهي ۽ روئڻ به ۔۔۔ شڪارپور کان ڪراچيءَ تائين بجليءَ جي آزار جي اوهان جيڪا تصوير ڪشي ڪئي آهي سا به پر اثر آهي ۔۔۔

    پر يار محمد! ڀلا ڪو هڪ آزار هجي ته ٻڌائجي؟ ڪراچيءَ ۾ چوريون، ڌاڙا، رستي ويندي ڦرون، بجليءَ جو آزار، جهيڙا ، روز روز هڙتالون، ماڻهن جو بيدرديءَ سان مارڻ ۽ مظلومانه انداز ۾ مرڻ ۔۔۔ ڪير ڏوهي آهي ته ڪير نه ۔۔۔ انجي ڪا خبر ئي نٿي پوي ۔۔۔

    ڪجهه ڏينهن هڪ ڪهاڻي ونڊ ٿئي هئي جنهن ۾ هڪ باز انسان جي دنيا ۾ زمين تي لهي اچي ٿو ۽ جڏهن موٽي وڃي ٿو ته پنهنجن ٻارن کي چوي ٿو ته الله جا شڪر جو اسين زمين جا رهواسي ناهيون ۔۔۔ انسان جي دنيا ظالمن ۽ قاتلن جي دنيا آهي ۔۔۔ سو مٺا ڀاءُ آءُ سوچيان ٿو ته شايد اهو باز ڪراچيءَ يا سنڌ م لهي آيو هوندو انڪري کيس اها تڪليف ٿي هوندي ۔۔۔ باقي ته انساني دنيا اڳتي کان اڳتي ٿيندو وڃي ۔۔۔ منهن ڪارو صرف ۽ صرف اسانجي ملڪ جي حڪمرانن ۽ عوام جو آهي ۔۔۔ اوندهه صرف اسان وٽ آهي باقي ته 80 فيصد انسانن پنهنجي دنيا روشن ڪري ورتي آهي ۔۔۔

    دانهن ڏجي ته ڪنهن کي ڏجي ۽ مٿو پٽجي ته ڪنهنجي سامهون ۔۔۔ سمجهه کان ڳالهه چڙهي وئي آهي۔ پوءِ به آءُ اهو چوندس ته ظلم ۽ ظلام جو وجود انڪري هوندو آهي جو ان ظلم کي سهڻ وارا موجود هوندا آهن ۔۔۔

    ٿورو لکيو گهڻو سمجهندا ۔۔

    تمام سهڻو ليک لکيل آهي ۽ حق ۽ سچ لکيل آهي ۔۔۔ واڪا ڪم مون، ٻڌڻ ڪم ٻروچ جو

    جو ظلم سان جاري جنگ رکي سو انسان ابن انسان آ
    جو ظلم سَهِي ڪُجهه ڪين ڪُڇي سو ڍور آهي سو ڍور ڪبو.
     
  3. muhammad

    muhammad
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏4 مارچ 2011
    تحريرون:
    117
    ورتل پسنديدگيون:
    17
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    student
    ماڳ:
    ghotki
    جواب: ڇا هن رات جو صبح آهي؟

    سائين واقعا سچ لکيو اٿو اسان جا حڪمران الاهي ڇو اسان سان ائين ڪري رهيا آهن خبر ناهي ڄاڻي واڻي ڪري رهيا آهن يا ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ مجبوري ۾ مونکي لڳي ٿو ته وڪي ليڪس کان پڇا ڪجي اها ڇا ڳاله آهي ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
     
  4. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: ڇا هن رات جو صبح آهي؟

    دوست سلام

    ڪجهه ڏينهن پهرين جي ڳالهه آهي ته لوڊ شيڊنگ جي ٽائيم تي بجلي نه وئي ته مان پريشان ٿي ويس۔ دوست کي فون ڪيم جيڪو ڪي اي ايس سي ۾ آهي چيائين يار بجلي نه وئي آهي ته اوهان خوش ٿيو پر اوهان ته پريشان ٿي پيا آهيو۔ مون کيس جواب ڏنو ته ان جو مطلب اهو آهي ته هاڻي ڪهڙي وقت بجلي ويندي اها خبر ناهي، بغير شيديول جي وئي ته پوء وڌيڪ پريشاني ٿيندي ۽ پوء ايئن ئي ٿيو هو رات جو اڍائي بجي بجلي وئي ۽ صبح جو پنجين بجي آئي۔

    پر هاڻي ته فون ڪري گهران پڇون ٿا ته بجلي آئي آهي يا نه ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ پر جواب هميشه نه ۾ ٿو ملي۔ ملازم هڙتال تي آهن، اڌ شهر اونداهي ۾ آهي۔

    اسان سان ظلم ته اهو آهي جو 1700 ميگا واٽ بجلي پيدا ڪرڻ جي صلاحيت رکندڙ ڪي اي ايس سي صرف 700 ميگا واٽ بجلي پئي پيدا ڪري، حبڪو، ڪئپڪو، واپڊا سڀني جي ساڳي حالت آهي ۔۔۔۔۔۔۔۔ ڪيپيسٽي آهي پر جنريشن ڪونه پئي ٿي۔
     
  5. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: ڇا هن رات جو صبح آهي؟

    ادا محمد هي ليک سائين اشفاق آزار صاحب جن جو آهي جيڪو ڪاوش ۾ پڻ مون ڏٺو آهي، موضوع جي شروع ۾ (اشفاق آذر) لکيل آهي ۽ آخر ۾ (me-azar@hotmail.com) سندن ايميل پڻ آهي انٽرنيٽ تي ڪاوش جي هن پيج تي هي آرٽيڪل آهي http://www.thekawish.com/Articl_column/writer(F).html

    اميد آهي ته آئنده ليکک جو نالو ضرورو ڏيندا تاڪِ سندن حوصله افزائي به ٿئي ۽ اسان به پنهنجو اخلاقي فرض نڀايون۔
    حوالو ضرور ڏيندا ڪريو دوست۔۔۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو