اوهان پنهنجي اي ميل اڪائنٽ کي تبديل ڪرڻ چاهيو ٿا يا اوهان جنهن مقصد لا اڪائونٽ کوليو هو اهو ختم ٿي ويو ته پو اوهان پنهنجي اڪائونٽ کي ڇا ڪندا؟ اڪثر دوست اڪائونٽ کي ان ايڪٽو ڪندا آهن پاڻهي اڳتي هلي بند ٿي ويندو آهي پر ان کان سٺو طريقو اهو اڪائونٽ ڊيليٽ ڪرڻ آهي جنهن سان اڳتي هلي ان اڪائونٽ جو غلط استعمال ٿيڻ جو خطرو به ختم ٿي ويندو آهي جي ميل مان اڪائونٽ ڊيليٽ ڪرڻ جو هيٺيون طريقو آهي۔ 1۔ سڀ کان پهرين اوهان پنهنجو اڪائونٽ کوليو [/img] 2۔ مين پيج تي مٿي ”سيٽنگ“ لکيل هوندو اتي ڪلڪ ڪريو 3۔ جيڪو پيج ايندو ان ۾ ڪيترائي ٽيب هوندا پر اوهان 2 نمبر ٽيب ” اڪائونٽس“ تي ڪلڪ ڪريو ۽ ان ۾ گوگل اڪائونٽ سيٽنگ تي ڪلڪ ڪريو 3۔ گوگل اڪائونٽ سيٽنگ تي ڪلڪ ڪرڻ سان هڪ ونڊو کلندي جنهن جي کاٻي پاسي پرسنل انفارميشن ۽ ساڄي پاسي مائي سروسز لکيل هوندو، مائي سروسز تي ڪلڪ ڪري ايڊٽ تي ڪلڪ ڪريو 4۔ توهان لا ٻه آپشن هوندا (1) ڊيليٽ سروسز ۽ (2) ڪلوز اڪائونٽ هتي اوهان ڊيليٽ سروسز تي ڪلڪ ڪريو 5۔ هاڻي اوهان کان پڇيو ويندو ته اوهان ڪهڙيون سروسز ڊيليٽ ڪريو ٿا، هتي اوهان جي ميل تي ٽڪ ڪريو، هڪ دفعو ڪنفرم ڪرڻ سان اوهان جو اڪائونٽ ڊيليٽ ٿي ويندو 6۔ توهان جي اسڪرين تي اڪائونٽ ڊيليٽ ٿيڻ جو ميسيج اچي ويندو، معنى اوهان جو اڪائونٽ ڪاميابي سان ڊيليٽ ٿي چڪو هوندو
جواب: جي ميل ۾ اڪائونٽ ڊيليٽ هئين ڪبو آهي واه سائين واه تمام لاجواب ٽٽوريل آهي توهان جي ان محنت مان ڪافي دوست فائدو حاصل ڪندا بهترين ڪوشش آهي جاري رکجو سدائين گڏ
جواب: جي ميل ۾ اڪائونٽ ڊيليٽ هئين ڪبو آهي ادا يونس توهان جي مهرباني توهان جون ڪافي تحريرون ڪمپيوٽر لرننگ جي حوالي سان تمام مفيد نظر آيون اهڙي شيئرنگ جاري رکندا اسان سميت ڪافي دوست توهان جي ان علمي ونڊ مان مستفيد ٿي رهيا آهن الله تعالى توهان جي علم مزيد اضافو فرمائي۔ آمين۔