سائين ڪافي ڏينهن ٿيا آهن جو اسان جي کل ڀوڳ واري سيڪشن ۾ ٻاڙائي لڳي پئي آهي۔ مون سوچيو ته ڇو نه ان ٻاڙائيءَ کي هڪ اڌ لطيفو ٻڌائي ڀڄائجي۔۔۔۔۔ ڪجهه چريا هڪ ڳوٺ مان شهر ڏانهن ويا، وڏيون وڏيون بلڊنگون ڏسي اصلي هنن جو ته وات ئي ڦاٽي پيو۔ پاڻ ۾ ڳالهيون ڪرڻ لڳا، مار ڀيڻا هي ته ڏس ڪيڏي نه وڏي بلڊنگ آهي ڏسي اصلي پٽڪو ئي پٽ تي هليو ٿو اچي، ڇونه پاڻ به ايڏي وڏي بلڊنگ ٺاهيون ۽ هو سڀئي هڪ ٻئي جي مٿان چڙهي بيهي رهيا ۽ وري چوڻ لڳا اسان جي بلڊنگ واه جي آهي۔ ايتري ۾ هڪ پوليس وارو اتي آيو ۽ هنن کي ڏٺائين ۽ جيڪو هيٺان بيٺو هو ان کي چماٽ وهائي ڪڍيائينس ايتري ۾ زوردار آواز ٿيو ۽ مٿيون مٿيون چريو چوڻ لڳو ته يار ڏسجو ته لڳي ٿو ڪنهن در کڙڪايو آهي۔۔۔۔۔
واه سائين رنجيت واه، تمام سٺو انهي لطيفي تي مون کي به هڪ لطيفو ياد اچي پيو۔ هڪ ٻروچ به شهر گهمڻ ويو، اتي وڏي منزل جي عمارت ڏسي وات ڦاڙي ڏسڻ لڳو۔ اتي بيٺل هڪ شهري بابو سوچيو ته موقعو سٺو آهي، ڇو نه هن کي ٺڳجي۔ سو اهو همراه ٻروچ وٽ آيو، وڏي رعب مان پڇيائين ته تون ڪهڙي منزل کي تڪين پيو؟ ٻروچ ڊپ مان وراڻيو ته سائين ڏهين ماڙ کي پئي ڏٺم۔ شهري بابو چيس ته هتي هر ماڙ کي ڏسڻ لاء ڏهه روپيا لڳندا آهن، ان حساب سان ڪڍ سئو روپيا!!! ٻروچ وائڙو ٿي ويو ۽ خوف مان سئو روپيا شهري کي پڪڙائي پويان پير ڪيائين ڳوٺ ڏانهن۔ ڳوٺ اچي سنگت ۾ ڊاڙ هڻڻ لڳو ته مان اڄ هڪ شهري کي بيوقوف بڻائي آيو آهيان، اهو ايئن ته شهر ۾ هر ماڙ کي ڏسڻ لاء پئسا ڏيڻا پوندا آهن، مون پندرهين ماڙ کي پئي ڏٺو پر شهري کي پئسا صرف ڏهين ماڙ جي ڏسڻ جا ڏئي آيو آهيان، بيوقوف کي ڪا ڪَل ئي ڪا نه پئي !!!
ادا ٻروچ، لطيفو ته اڳ به ٻڌل هو پر هاڻ ڪجه وڌيڪ مزو آيو جو اوهان پاڻ اهو لطيفو ٻڌايو، اسان هروڀرو ٻين ماڻهن تي شڪ ڪري رهيا هياسون، پر لعل ته گوديءَ ۾ ئي آهي ... ها ها ها shabashshabashshabash asul mattasul mattasul matt hall charihall charihall chari shal judy hujeen
جي سائين، ته توهان پاڻ کي اقرار ڪيو ته اهو شهري بابو توهان ئي هئا، ڪيستائين اهو ظلم ڪندا رهندو، ڪجهه خدا جو خوف ڪيو، ڇو ٿا مسڪينن جون آهون ٪۽ بد دعائون کڻو۔۔۔ HaqMojood چوڻ وارا به ناحق ڪن ته پوء حق جي ڳالهه ڪير ڪندو hatt-pare
ادا نثار واقعي مڃڻو پوندئي ته ”لال گودڙي ۾“ آهي” ٻروچ سائين “اصل ڪم کي کڻيو بيٺو اٿئي۔ ٻروچ قدم اڳتي وڌائي ”هم تمهاري ساٿ هين“۔
مونکي مون پرين، ٻڌي وڌو ٻار ۾ اڀا ايئن چون، متان پاند پسائين.. سائين، شهري بابو ٿيندا ئي اهڙا آهن، پاڻ به جڏهن ڳوٺان ايندا هئاسون ته اوهان وانگر لٽجي موٽندا هئاسون، پوءِ وري ٿيو ڇا جو پاڻ ئي پاڻ ٿي وياسون، هاڻ لٽجڻ ڇڏي لٽائڻ شروع ڪيو آهي، سو ادا لٽائڻ لئه وري ٻين کي لٽڻو ته پوندو .... باقي ته اوهانکي صلاح آهي ته نگاه هيٺ واري ماڙيءَ تي رکندا ڪريو ته کوڙ ساترا پئسه بچائي وٺندا ... پر هاڻ اسان جهڙن دوستن کي خبر پئجي وئي اٿئي تون ٻڌائيندي هڪ ماڙ ته پئسا ٻن ماڙن جا ڏيڻا پوندئي ... سو سنڀالي هلجانءِ ...
توهان جي هن اقراري بيان کانپوء توهان تي ڪيس ٿي سگهي ٿو، هاڻي هتڙي عدليه به آزاد آهي ۽ نثار ناز جو مڙساڻو واعدو آهي ته هو مون سان گڏ آهي۔۔ بس پوء عيد تي اچو پاڪستان۔۔ ڏسون ٿا ان ڳالهه کي۔۔۔ توهان کي به خبر پئجي ويندي ته HaqMojood آهي يا ڪونهي۔۔۔ ٻروچ سان ڦٽائڻ سولو آ پر هاڻي جان ڇڏائڻ سولو ڪونهي۔۔ نثار ناز صاحب، مڙسي ڏيکارجو۔۔۔ ساٿ ڏجو۔۔۔۔ hatt-pare
ٻروچ سائين مون ۾ آهين تون، متان تنهنجو ئي توکي لڳي ... باقي مون به هاڻ ٽڪيٽ وٺي ڇڏي آهي ... سو هاڻ سنڌ ته اچبو ضرور باقي اهڙيون ڌمڪيون به کوڙ مليل آهن ... سو هاڻ ڏسجي ته ڪير زور ... ڌمڪين ڏيڻ وارا يا قبول ڪرڻ وارا ... باقي ڪجه دوست به قاتلن سان هوندا ته اسانکي به قتل ٿيڻ ۾ مزو ايندو ۽ خبر به پئجي ويندي ... اي الله مونکي منهنجن دوستن کان بچاءِ، دشمنن سان آءُ پاڻ منهن ڏيندس ... سدائين سرهو هوندي، ادا ٻروچ، بس ڪاتي تکي ڪري ڇڏ
ٻروچ ۽ چوري ھڪ ٻروچ تي چوري جوالزام لڳو سو چيائونس ته قرآن کڻ. ھمراھه سمجھيو ته قرآن ڪا وڏي ڳوري شئي آھي سو چيائين ته پھرين مون کي ڏيکاريو، وٺي آيس مسجد ۾ ۽ جڏھن قرآن پاڪ ڏٺائين ته رڙ ڪري چيائين اھوته ڪجهه به ڪونھي، ان جي ته مون کي ڀري ٻڌي ڏيوته به کڻي ويندس. ٻروچ سائين ناراض نه ٿجو۔
مون کي سمجهه ۾ نه ٿو اچي ته ادا لکان يا ادي لکان، ڇو جو نالو اهڙو آهي، نومي۔ سو منجهائي وڌو انهي نالي۔۔ خير، توهان جيڪو مٿي جملو لکيو آ، اهو ڇا آهي، واقعو آهي، سوال آهي، جواب آهي يا خبر آهي، يا ڪجهه ٻيو فلسفو؟ ڏٺئي ڪو نه ته نثار صاحب سان مذاق مذاق ۾ ڳالهه وڃي ۡڪاتي تائين پڳي آهي۔ پوء ايترا مونجهارا ڇالاء؟ سدائين گڏ
سائين مڪي وارا، مان قربان وڃانء، ڳالهه شروع ٿي لطيفي تان، ان تي اوهان جو جواب سوني تي سهاڳو هو۔ سٺو لڳو۔ مون به جواب اهڙو ڏنو جيڪو يقينن بُرو ڪو نه هو، نثار ناز کي به ڀلو ئي لڳو۔۔ پوء اوچتو توهان سنجيدگي ڏانهن هليا ويا، مون پئي سمجهيو ته تمام کلائيندڙ جواب ڏيندو پر خير، منهنجي لاء اها ئي خوشي جي ڳالهه آ ته توهان جواب ڏنو، اها ئي فورم جي رونق آهي، انشاءالله قائم رهندي، باقي ڪاتي واري ڳالهه ڪا نه وڻي سائين، ڳالهه آ سڌي ۔۔ ساٿ سلامت
يار ڪو صفا زوراور آهين، مونکي ڪو مرڻو آهي جو اصلي ڳالهه ڪندس، يار ڪاتي نه ته ڪهاڙو پر پنهنجن هٿان مرڻ ۾ به مزو جو ماري ڇانوَ ۾ ته اڇلائيندا ... هت ته عربن جي خبر ئي نه ٿي پوي ته ڪهڙي موت مارن ... دوست مون به کل ڀوڳ ۾ پئي ڳالهه ڪئي ... اوهان به هروڀرو ڪات ته تکا نه ڪريو ... اوهانجي ڪچهري اکين تي ... پر ياردوست نوميءَ سان هاڻ پاڻ منهن ڏجانءِ جو ککر ۾ ڦوڙ هنيو اٿئي ... hall chari sadayeen gud
سائين ابڙا صاحب پاڻ سنڀالجو ٻيلي ڏاها ٿيو ڪٿي توهان ٻروچ کي اهو نه ٻڌائي وجهو ته توهان ڪراچي ايئرپورٽ تي لهندا! هڻي هنڌ ڪري ڇڏيندوَ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ ٻروچ سائين جي قصي تي مونکي ياد ٿو اچي ته مان خيرپور ۾ جتي طارق اسٽوڊيو تي ڪم ڪندو هوس اتي به هڪ ٻروچ هوندو هو۔۔۔۔۔ هڪ دفعي مونکان ڪنهن غلطي سبب ايڊوب پريميئر ۾ اچي پروبلم ٿي پوءِ ته بس نه پڇو۔ جڏهن اسٽوڊيو جي سيٺ مونکان پڇو ڇا پرابلم آهي مون وراڻيو ته ڪمپوٽر ۾ پاڻمرادو پرابلم ٿي آهي ته هن ترت جواب ڏنو ته ٻروچ ۽ ڪمپوٽر ڪڏهن به ڪوڙ ڪونه ڳالهائيندا آهن هاڻي سائين پاڻ ڄاڻو، اسان جو ڪجهه نه وڃي
جي ڀا٪ءُ رنجيت مطلب ٻروچ دل کان سوچيندا آهن اها ڳالهه ڪرڻ ٿا چاهيو يا نه، بس جيڪو دل کان سوچي سو دل وارو ۽ جيڪو دماغ سان سوچي سو دُماغ وارو، ۽ جڏهن دل ۽ دماغ جو جهيڙو ٿيندو آهي، ته ڏُک ويچارو تو جهڙو مون جهڙو بدن کائيندو آهي۔ ادا رنجيت تون ته ٿي سگهي ٿو دل ۽ دماغ وارو هُجين اسان سان ته دوست اهي ٻئي شيون صفا ڪاوڙجي ويون آهن۔ ۔
اڙي سائين هتي انڊيا ۾ڪوبه سک ڪونهي ته دل ۽ دماغ ته اسان وارو خيرپور ۾ سنهڙي واهه تي ٽپا ٿو ڏي جسماني طرح سان ته اسان هتي آهيون پر دل ۽ دماغ سنڌ ۾ آهي