بينظير ڀٽو

'خبرون منهنجي سنڌ جون' فورم ۾ تسليم جاويد طرفان آندل موضوعَ ‏11 جون 2011۔

  1. تسليم جاويد

    تسليم جاويد
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏7 مئي 2010
    تحريرون:
    45
    ورتل پسنديدگيون:
    2
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    [JUSTIFY]بينظير ڀٽو پنهنجي حياتي ۾ ريگستان ٿر جي ان حصي ۾ ڪڏهن ڪونه آئي هئي پر سندس شهادت کانپوءِ سندس ياد ۾ ڳايل سنڌي ٻولي جي گيتن ذريعي شهيد راڻي راجسٿان جي ڳوٺن تائين پهچي وئي آهي. گذريل ڪجهه عرصي کان سنڌي علائقن ۾ پاڪستان جي اڳوڻي وزير اعظم بينظير ڀٽو لاءِ ڳايل گيت ”دشمن تيري سيني مين تير، بينظير بينظير“ تمام مشهور ٿي رهيو آهي. ڪٿي ڪٿي موبائل فون جي رنگ ٽون ۾ به بينظير سمايل آهي.

    هندستاني رياست راجسٿان جا ٻئي ضلعا پاڪستاني سرحد جي تمام ويجهو آهن. سرحدي علائقي خليفان جي باوڙي جي خدا بخش چيو آهي ته ”انهن گيتن جون سي ڊيون ۽ ڪيسيٽ ٿر ايڪسپريس جي ذريعي هتي پهچنديون آهن. ماڻهن انهن گانن کي چاهت وچان ٻڌندا آهن ۽ رستن تي هلندڙ گاڏين ۾ به ساڳيا گيت ٻڌي سگهجن ٿا.

    هن چيو آهي ته سنڌي توڙي هندو هجڻ يا مسلمان هو سڀ بينظير ڀٽو کي چاهيندا آهن. ٿر ايڪسپريس سنڌ جي کوکراپار ۽ راجسٿان جي علائقي مونا بائو جي درميان هلندي آهي ۽ اِها ثقافت جون ڪڙيون ملائيندي آهي.

    راجسٿان جا ڪجهه علائقي پاڪستاني سرحد سان لڳندا آهن ۽ سرحد جي ٻنهيءَ پاسي سنڌي آباد آهن. خدا بخش سمجهي ٿو ته ٻنهيءَ پاسن جا ماڻهو هڪ ئي ثقافت جو حصو آهن.

    سنڌ کان راجسٿان آيل تيج دان ڏيٿا چيو آهي ته بينظير ڀٽو ٻنهيءَ مذهبن جي ماڻهن ۾ مشهور آهي ۽ ماڻهو سندس احترام ڪندا آهن. انهن گيتن ۾ بينظير ڀٽو جي حياتي جون ڪيتريون ئي ڳالهيون بيان ڪيون ويون آهن ۽ شهيد راڻي کي هڪ عظيم هيرو جي طور پيش ڪيو ويو آهي۔

    [/JUSTIFY]
     
  2. ممتاز علي بجير

    ممتاز علي بجير
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏18 فيبروري 2010
    تحريرون:
    253
    ورتل پسنديدگيون:
    16
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Sindhi
    ماڳ:
    Sindhi
    جواب: بينظير ڀٽو

    ادا تمام ٿورا ۽ سٺا لفظ پيش ڪيا آهن مهرباني توهانجي
     
  3. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: بينظير ڀٽو

    ادا مهرباني

    محترمه جي شخصيت ئي اهڙي هئي جنهن کي دنيا جي سمورن ملڪن ۾ ياد ڪيو ويندو آهي۔ راجسٿان ڇو ته سنڌ جي سرحد سان گڏ آهي تنهنڪري يقينن اتان جي ماڻهن ۾ محترمه لاء عزت ۽ احترام گهڻو هوندو
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو