محترم الطاف شيخ سفرنامن لکڻ سان گڏ ٻين ٻولين جي ادب مان ڪهاڻيون ۽ ناول به ترجمو ڪيا آهن۔ سندس اهڙي ئي هڪڙي ڪاوش آهي سندس ترجمو ڪيل ناول ٽوڪيو جي گيشا گرل - مس سدا بهار چنبيلي۔ هي ناول انگريزي ۽ جپاني ٻوليء ۾ لکيل آهي جنهن جو ليکڪ جان بال آهي۔ هي ناول اي بوڪ جي صورت ۾ سنڌي ادبي سنگت شاخ سٽي سکر جي ويب سائيٽ تي محترم عبداللطيف انصاري جي ڪاوشن سان اپڊيٽ ڪيل آهي۔ هتي ڪلڪ ڪري ڪتاب ڊائونلوڊ ڪيو
جواب: ٽوڪيو جي گيشا گرل - مس سدا بهار چنبيلي (الطاف شيخ) مون کي ياد آهي ته ڪاليج لائيف کان پوءِ ڪتاب پڙهڻ سان ايترو لڳاؤ هوندو هيم جو صبح جو ئي ڪتاب کڻي ڳوٺ کان ڪافي ٻاهر ٻني ٻارن کان به نڪرندي هڪ گذرندڙ ننڍي نهر (شاخ) ڀرسان وڻن جي جهنڊ تي پهچي ويندو هيم جو اتي ڪير به پڙهڻ ۾ خلل اندازي وجهندڙ نه هوندو هيو۔۔۔ ۽ ڪتاب پڙهندي ڪڏهن ۽ ڪلاڪ گذريا ۔۔”خبر ئي نه پوندي هئي۔۔“ اهڙا ڏينهن سوچيو هيم وري شايد اچن پر جڏهن کان بجلي جي لوڊ شيڊنگ وڌي آهي ۔۔ پنهنجي هڪ دفعو ٻيهر ڪتابن سان دل لڳڻ شروع ٿي آهي۔۔۔ مهرباني دوستن جي جن سنڌ سلامت ڪتاب گهر کي اصل ڀري ڇڏيو آهي۔۔۔ جيتري تائين هن ڪتاب جو تعلق آهي ته 153 صفحن تي مشتمل هي ڪتاب شروع ڪندي ئي پنهنجي گرفت ۾ وٺڻ شروع ڪري ٿو۔۔۔ هڪ ته ڪهاڻي جو ٽوسٽ ايترو ته ڀلو آهي جو ان جستجو ۾ ته اڳتي ڇا ٿيندو جي جستجو رهي ٿي مٿان وري محترم الطاف سنڌي جي آسان، سهل ۽ عام ماڻهون وارا لفظ ايترو ته خوبصورتي ۽ ڀلي انداز سان چٽيا آهن جو مزي مزي ۾ پڙهڻ سان وقت گذرڻ جو احساس ئي ختم ٿيو وڃي۔۔ ۽ خبر تڏهن پوي جڏهن ليپٽاپ جي بيٽري ڳاڙها بلب ٻاري بند ٿي وڃي۔۔۔ اهي دوست جيڪي پيار، محبت ۽ انساني جذبن کي سمجهڻ ۾ ڏکيائي محسوس ڪندا هجن ۔۔۔ هن ناول کي ضرور پڙهن۔۔۔ هن ناول ۾ جتي مختلف زبان ۽ قومن جي تهذيبن جي فرق کي واضح ڪيو ويو آهي اتي پيار ۽ محبت کي ڪجهه اهڙي انداز سان بيان ڪيو ويو آهي جهڙوڪ ان جي ڪابه سرحد، زبان، قوم يا تهذيب نه هجي۔۔۔ ايسيتائين جو محبت جو مذهب به جهڙوڪ پنهنجو هجي۔۔۔۔ ٻاهرين ملڪن جي جستجو رکندڙ دوست هن ناول مان جاپان جي ماڻهن، انهن جي اخلاقيات، تهذيب سان گڏو گڏ انهن جي اصولن کي بهتر طور سمجهي سگهن ٿا۔۔۔۔ سچي به ته ناول پڙهندي مان به پاڻ کي هڪ ڪردار سمجهندي جاپان جي ڳلين ۾ گهمندو محسوس ڪري رهيو هيم۔۔۔ بيشڪ سائين الطاف شيخ پنهنجي لفظن کي چٽڻ جا ساحر آهن۔۔۔۔ اهو ئي سبب آهي جو اڄ ئي شروع ڪيل هي ناول اڄ ئي پڙهي پورو ڪيم۔۔۔
سائين منهنجا به اهي ساڳيا افعال هوندا هئا، پر مان اڪثر ڪري منجهند جو ڪاليج کان واپسي تي پنهنجي گهر ٻاهران اوطاق هئي اتي سمورا ڪتاب پڙهڻ وارا کڻي ايندو هئس ۽ پڙهي چٽ ڪندو هيم، هئي هئي اهو به هڪ جنون آهي ڪتاب پڙهڻ جو، ڪتابن کي اصلي حالت ۾ پڙهڻ جو مزو ئي پنهنجو آهي، ڀل هتي به مواد موجود آهي پر هٿ ۾ رکي پڙهڻ جو مزو ئي پنهنجو آهي۔