مولانا ابوالڪلام آزاد جو لکيل هي مضمون ”آزادي“ ان وقت لکيو ويو هو جڏهن سلطنت عثماني جي علائقي قرطاجيا ۾ ترڪ فوج اندر هئي ۽ قلعو دشمن جي قبضي ۾ اچڻ وارو هو۔ سندس هي مضمون ترڪي پهتو ۽ ترڪي ٻوليء ۾ ترجمو ڪري قلعي اندر ورهايو ويو۔ پوء اها پست حوصله فوج ٻيهر ڪيترن ڏينهن تائين وڙهي ۽ قلعو آساني سان نه ڏنو۔ آزادي ۽ وطن تي هڪ بهترين مضمون آهي جنهن کي وري وري پڙهي آزادي جو مطلب سمجهڻ جهڙو آهي۔ محترم نور محمد سنڌي هن جو سنڌي ترجمو ڪيو آهي، ڪمپوزنگ محترم شاهنواز سومرو ڪئي آهي ۽ وائيس آف سنڌ پاران اي بوڪ جي صورت ۾ انٽر نيٽ تي متعارف ڪرايل آهي۔ هتي ڪلڪ ڪري ڪتاب ڊائونلوڊ ڪيو
جواب: آزادي (مولانا ابوالڪلام آزاد) سڀ کان پهريان ته وائيس آف سنڌ جي دوستن کي واڌايون جو اهڙا سهڻا ڪتاب انٽرنيٽ تي مهيا ڪيا اٿن ۔۔۔ مولانا ابوالڪلام آزاد جو هڪ بهترين مضمون سنڌ سلامت جي شان ۾ اضافو ڪرڻ لا اوهان ونڊ ڪري لک لائق ڪيا آهن ۔۔۔ سنڌي ڪتابن جو سلسلو جيڪو ادا وساڻ اوهان شروع ڪيو آهي ۔۔۔ حقيقت پڇو ته خاص ڪري سنڌ سلامت ۽ عام طور تي سنڌي قوم جي خدمت ۾ هڪ اهم اڳڀرائي آهي ۔۔۔ جزاڪ الله ۔۔۔ علم جي روشني جيتري وڌائي وڃي اوترو بهتر ۔۔۔ سنڌ سلامت ساٿ سلامت
جواب: آزادي (مولانا ابوالڪلام آزاد) مولانا آزاد جي تحرير ۽ تقرير جُرئت ،حوصلي ۽ بهادري جو اُهڃاڻ آهي۔سندس مضمون تي مُشتمل هي ڪتاب به هڪ ڪارائتي تحرير آهي۔
مولانا ابو الڪلامُ آزاد۔ (امام انقلاب عبيد الله سنڌيء) جو شاگرد ٿو چوي ته: جيڪڏهن تون رڳو پاڻ لاء جيئرو آهين! ته پوءِ ان جي معنى هيء ٿيندي ته، تون قوم لاءِ جيئرو لاش مڙهه آهين!
مولانا جوهي ء مضمون پڙهڻ جي خواهش هئي جيڪو سنڌ سلامت تي پڙهيم،سنڌ سلامت جي ٽيم جا ٿورا سڄي قوم تي۔۔ ادا وساڻ صاحب مولانا جي قلم جي هڪ ٻي جرئت به آهي،قول فيصل جي نالي سان،جيڪو عدالتي بيان آهي اگر اهو به سنگت کي پڙهائيندا ته مهرباني ٿيندي۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
وساڻ صاحب وائيس آف سنڌ تي ڪافي ڪمپوز ٿيل مواد موجود هو جيڪا ويب بند ٿيڻ ڪري ماڻهو انهن ڪتابن کان محروم ٿي ويا آهن اوهان ڪوشش ڪري مير صاحب کان اهي سافٽ ڪاپيون وٺي سنڌ سلامت تي اپ لوڊ ڪريو ته تمام بهترين ڪم ٿيندو
مهربانيون سائين مير صاحب سان رابطي جو نمبر مون وٽ ڪونهي۔ جيڪڏهن ڪنهن دوست وٽ نمبر هجي ته موڪلي ڏئي۔ مان ته چاهيان ٿو ته وائس آف سنڌ کي به ٻيهر فعال ڪجي۔ ان سلسلي ۾ مير صاحب جي مدد ڪرڻ لاء تيار آهيون۔ يا وري سڀ ڪتاب سنڌ سلامت تي به آڻي سگهون ٿا۔ لک قرب اوهان سدائين رهنمائي ڪندا رهو ٿا۔
وائيس آف سنڌ جا تقريبن سڀ ڪتاب مون وٽ سافٽ ڪاپيون موجود آهن ۔۔۔ اگر مون لاء ڪا خدمت هجي ته مان حاضر آهيان۔
لک قرب اهي ڪتاب جيڪي سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ موجود ناهن انهن کي اپلوڊ ڪيو يا اهي ڪاپيون مونکي اي ميل ڪيو۔