سائين جي ايم سيد جو لکيل هي ڪتاب ”سنڌي ڪلچر“ جيڪو هڪ پمفليٽ آهي جنهن ۾ ڪلچر جي وصف، ڪلچر ڪيئين ٺهندو آهي ۽ سنڌي ڪلچر ۽ ان جا جزا هڪ بهترين ڄاڻ وارو ڪتاب آهي۔ هن ۾ سنڌي ثقافت ۽ ڪلچر تي تفصيلي بحث ٿيل آهي۔ هن ڪتاب جي ڪمپوزنگ محترم شاهنواز سومرو ڪئي آهي ۽ وائيس آف سنڌ پاران اي بوڪ جي صورت ۾ انٽر نيٽ تي متعارف ڪرايل آهي۔ هتي ڪلڪ ڪري ڪتاب ڊائونلوڊ ڪيو
جواب: سنڌي ڪلچر (جي ايم سيد) تمام سهڻو ڪتاب ونڊ ڪرڻ جا لک ٿورا ۔۔۔ سنڌ جي ثقافت تي جامع ڪتاب آهي محترم جي ايم سيد جو ۔۔۔ ادا وساڻ الائجي ڇو آفيس واري پي سي تي سڀ جا سڀ ڪتاب نظر اچنٿا ۽ آساني سان کلي وڃن ٿا پر گهر واري ليپ ٽاپ تي اهي ڪتاب نظر ڪون ٿا اچن صرف لنڪ ڊائونلوڊ ڪريو جو نياپو اچي ٿو ۔۔۔ ائين الائجي ڇو آهي؟ ڪو حل هجي ته ٻڌائجو ۔۔۔ ٿورا ناهن ٿورا ۔۔۔۔
جواب: سنڌي ڪلچر (جي ايم سيد) سائين اهو ڪجهه برائوزرس، ڪجهه وري آء پي ۽ ڪجهه وري فائل وڏي هجڻ سبب ٿيندو آهي۔ بحرحال جيڪڏهن ڪتاب سڌو سئون نه کُلي ته ڊائونلوڊ لنڪ تي ڪلڪ ڪري ڊائونلوڊ ڪري آفلائين به پڙهي سگهو ٿا۔ سنڌي ثقافت ۽ ثقافت تي هي هڪ مفصل ڪتاب آهي۔ سائين جي ايم سيد جو سياست سان گڏ سنڌ جي ادب ۾ به جهجهو ڪم ٿيل آهي۔