• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

تو بن ڪهڙا ڇانورا (اياز گُل)

سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر
انتظامي رڪن
لائيبريرين
idbDLw.bmp

اياز گُل سنڌ جي خوبصورت شاعرن مان هڪ آهي جن پنهنجي غزل سان ماڻهن کي موهيو آهي۔ سندس شاعري جو هي ڪتاب ” تو بن ڪهڙا ڇانورا ” ۾ غزل، گيت، وايون، نظم، هائيڪا، ترايل ۽ ٽسٽا شامل آهن۔ ڪتاب جو مهاڳ محترم شيخ اياز جو لکيل آهي۔ هن ڪتاب مان هڪ غزل پيش آهي:

ياد جڏهن ڪي آيا نيڻ
لڙڪن سان وهنجايا نيڻ
اوسيئڙي ۾ پٿر ٿي ويا
ڪين مگر پڇتايا نيڻ
ڳوڙها، عڪس ، اوجاڳا، سپنا
ڪيڏا تو ورسايا نيڻ
چَپڙن جي سهڪار سان تهنجا
رات اسان پرچايا نيڻ
نرمل نيڻن واري ماڻهوء
منهنجا ڪين اگهايا نيڻ
پوء به اوکيء جاء اڙيا هن
ڪيڏا مون سمجهايا نيڻ

شاعريء جو هي ڪتاب اي بوڪ جي صورت ۾ سنڌي ادبي سنگت شاخ سٽي سکر جي ويب سائيٽ تي محترم عبداللطيف انصاري جي ڪاوشن سان متعارف ڪيل آهي۔


 
مهربانيون دوستو

اياز گُل سنڌ جي بهترين شاعرن مان هڪ آهي، خاص ڪري سندس غزل تمام گهڻو مشهور ٿيا آهن۔
 
سائين تمام بهترين، سنڌ سلامت اي بوڪ سيڪشن ما شا الله هاڻ لاجواب ٿيندو پيو وڃي، سائين وساڻ صاحب جن جي محنتن سان۔
 
سائين تمام بهترين، سنڌ سلامت اي بوڪ سيڪشن ما شا الله هاڻ لاجواب ٿيندو پيو وڃي، سائين وساڻ صاحب جن جي محنتن سان۔

لک مهربانيون

اوهان دوستن جي حوصلا افزائي ۽ ساٿ سبب ئي سڀ ڪجهه ٿي رهيو آهي۔
 
Back
Top