وتائي فقير جو جائنشين: جمعو فقير پروفيسر نذير احمد سومرو [JUSTIFY]سنڌي قوم سان الله پاڪ وڏا ڀال/ وڙ ڪيا آهن. هن سونهن ۽ سچ جي ڌرتيءَ تي قدرت اهڙا ماڻهو به پيدا ڪيا، جيڪي پنهنجي ذهني اڏام، قول ۽ فعل جي ڪري اتم هئا. پر اسان وٽ (سنڌي قوم ۾) چريا/ اڌ مغزي/ ٽوٽڪائي جهڙا قبيح نالا، کين لقب طور نصيب ٿيا. ايران ۾ هڪڙو ڪردار پيدا ٿيو. جنهن جو نالو ملا نصر الدين هيو ۽ ايران يا فارس وارا، اڄ تائين ملا نصر تي ناز ڪندا اچن ٿا. ان جي ابتڙ، اسان وٽ وتائي فقير جهڙي داناءَ ۽ ڏاهي ماڻهو کي چرچائي طور سڃاتو ۽ ليکيو وڃي ٿو. اڄ به سنڌ جي ڪنهن ڳوٺ/ شهر ۾ جتي چند ماڻهو گڏ ٿين ٿا ۽ جڏهن کين ڳالهائڻ لاءِ موضوع نه ٿا ملن ته چوندا آھن؛ “يار ڀلا ڪو وتائي فقير جو ٽوٽڪو ئي ٻڌاءِ!” معنى وتائي فقير جهڙي داناءَ ماڻهو کي کل ڀوڳ ڪندڙ مشڪرو سمجهيو وڃي ٿو. وتائي فقير جي ڏاهپ ۽ دانشمنديءَ جي قولن کي ٽوٽڪو/ لٽڪو چٽڪو سمجهي ان تي کليو وڃي ٿو!! گهڻا سال اڳ جي ڳالهه آهي. هڪ ڏينهن پير حسام الدين راشدي وٽ، سندس جمشيد روڊ ڪراچي واري بنگلي بيت الضياءُ ۾ ويٺو هيم. ان ڪچهريءَ ۾ سندس ننڍو ڀاءُ پير احمد شاهه راشدي به موجود هو. (پير احمد شاهه راشدي، پنهنجي ڀائرن جيان موسيقي جو ڄاڻو، ڪلاسيڪل ۽ نيم ڪلاسيڪل راڳ جو وڏو شوقين هجڻ سان گڏ پٿرن، هيرن، جواهرن/ منڊيءَ جي نگ جو پڻ وڏو ڄاڻو هيو.) ڳالهين دوران غالب لائبرري ناظم آباد ڪراچيءَ جي موجوده پٽيوالي نسيم احمد، پير حسام الدين کي اردو جي مشهور ڪالم نگار انعام دراني مرحوم جي اچڻ جو اطلاع ڏنو. پير حسام الدين راشدي چيس ته؛ “بابا اندر وٺي اچيس! ٻاهر ڇو بيهاري آيو آهينس؟” انعام دراني پاڻ سان گڏ يوپي جي بدايون جا مشهور کير پيڙا به کنيو آيو ھيو. جيڪي پير حسام الدين لاءِ ڪنهن دوست بدايون مان موڪليا هيا. اتي جيڪي مختلف موضوع بحث هيٺ آيا، تن ۾ وتائي فقير جي ڏاهپ ۽ دانائيءَ جو به ذڪر ٿيو. پير حسام الدين راشديءَ کيس وتائي فقير جي رمز ڀرين ڳالهين بابت تفصيل سان ٻڌائي اهو به چيو ته؛ “اسان وٽ وتايو فقير ٽوٽڪائي طور مشهور آهي.” اهو ٻڌڻ سان انعام دراني وائڙو ٿي چيس ته؛ “پير صاحب! ايسا داناءَ آدمي! سنڌي قوم اسڪو مسخره ڪا درجا ديتي هئي! آپ اس پر لکين يا نه لکين، مين ضرور لکون گا!” ۽ واقعي انعام دراني روزاني جنگ ڪراچي ۾ وتائي فقير جي دانائپ ۽ ڏاهپ تي تفصيل سان، پير حسام الدين راشديءَ جي حوالي سان لکيو. گذريل 20 صديءَ ۾ سنڌ اهڙا گوهر پيدا ڪيا جن تي زماني ٺٺوليون/ ٽوڪان ڪيون. انهن کي چريو سمجهيو ويو. اهڙن ماڻهن ۾ لاڙڪاڻي جو مشهور جمعو فقير به هيو. جمعي فقير، باليءَ واري خيرپور جي فولاد شر (فقير) وانگر، خدائيءَ جي دعوى ڪانه ڪئي هئي. فولاد شر، خيرپور ضلعي جي تعلقي ٺري ميرواه جو هيو. 1877ع ۾ سنڌي ڪاميٽي (فائينل) جو امتحان پاس ڪيو هئائين. فولاد شر کي الائي ڪهڙي ڀئنوري اچي مغز ۾ ويٺي جو، نعوذ بالله، خدا هجڻ جي دعوى ڪري ويٺو!! الله جو شان! جنهن کي هڪ ڏينهن فنا ٿيڻو هجي ۽ کيس ڪفن ۽ قبر جي ضرورت هجي سو خدائيءَ جو دعويدار!! ايڏي گمراهي!! اسان سنڌي ماڻهو، ٻين قومن مان اهڙن ماڻهن جا نالا وٺي ڪوڙي خدا ۽ نبوت جي دعوى ڪندڙن تي ڦٽ لعنت ۽ تبرو ڪندا آهيون پر 19 صديءَ جي آخر ۽ ويهين صديءَ جي مهڙ ۾، سنڌ به ان الزام کان آجي رهي نه سگهي، جو هن پر امن خطي ۾ به ڪو خدا هجڻ جو ڪوڙو دعويدار بڻيو هو!! مرحوم نسيم کرل جو والد عبدالڪريم کرل، علم جو وڏو ڀنڊار هو. کيس سنڌيءَ کانسواءِ فارسي زبان تي به دسترس حاصل هئي. اھو هڪ ڏينهن سيڙجي فولاد شر کي ڏسڻ لاءِ ٺري ميرواه ويو. جڏهن فولاد فقير کي ڏٺائين ته امالڪ چيائينس؛ “جيڪا تون دعوى ڪرين ٿو ۽ آهين ڪونه ته توتي ڦٽڪار ۽ پر جي اها دعوى نٿو ڪرين ته پوءِ توکي سلام آ جو ايڏي ڏاڍي هستيءَ سان وڃي پاڻ اٽڪايو اٿئي.” ائين هي فاني انسان (فولاد شر) نقلي ۽ ڪوڙي دعوى ڪندڙ 15 جون 1967ع تي وڏي بيماري ڪاٽي (سنڌين چواڻي وڏي لوڙ لوڙي) مري ويو ۽ پنهنجي قبر ۾ ان هستيءَ آڏو پنهنجي اعمال نامي سميت انتظار ڪري رهيو آهي، جنهن سان پنهنجي همسر ۽ همنام هجڻ جي دعوى ڪندو هو. اردوءَ جي هڪ مشهور ۽ منفرد شاعر، يگانه چنگيزيءَ جو شعر آهي: چڙها خودي ڪا يون نشه ڪه آپي مين رها نه گيا بنا ٿا خدا يگانه، مگر بنايا نه گيا سنڌ جي هڪ وڏي عالم، محقق ۽ معلم ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ صاحب کي فولاد شر ۾ الئي ڪهڙي مڻ نظر آئي جو السنڌ رسالي (1998ع) ۾ فولاد شر جهڙي گمراهه انسان کي عوامي فيلسوف ڪري ڪوٺيائين ۽ لکيو اٿس. ڊاڪٽر بلوچ صاحب جهڙا عالم پاڻ لکن ٿا: ”....... راقم جي ڪن “عوامي اڪابرن” سان آشنائي ٿي، جن کي سڀني گمراهه چئي پئي ننديو پر کين صحيح طور سمجهڻ خاطر مون سندن ڳالهيون ٻڌيون. هن وقت سڀ ڌڻيءَ کي پيارا ٿي چڪا آهن...... هرڪو پنهنجي رنگ ۽ انگ وارو هيو. جيڪي به چيائون يا ڪيائون سو پاڻ پڏائڻ يا وڻائڻ خاطر ڪونه ڪيو. جيئن ۽ جهڙا هئا، تيئن ۽ تهڙو هنن ڪردار ادا ڪيو..... 1930ع کان 1960ع تائين جيڪي انوکن ڪردارن وارا عوامي فيلسوف هئا تن جو سرواڻ هيو.“ ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جهڙي عالم ماڻهوءَ جي قلم مان، خدائي جي دعوى ڪندڙ (نقلي ۽ ڪوڙي خدا) جي لاءِ عوامي فيلسوف ۽ انهن جو سرواڻ جهڙا لفظ نڪرن، واقعي اردوءَ واري صحيح چيو آهي ته تنهنجو قلم ڪرشمه ساز آهي جيڪو وڻي سو ڪرشمو ڪري ڏيکار. پر لاڙڪاڻي جو جمعو فقير، انهن سڀني جڙتو فقيرن (اپڻي آپ ڪو فقير پيا سڏائيندا هين، تيڪون شرم نهين پئي آندي) کان هر طرح الڳ ٿلڳ ماڻهو هيو. اصل ۾ ضلعي لاڙڪاڻي )موجوده قمبر-شھدادڪوٽ ائٽ قمبر ضلعي( جي مشهور تعلقي واري شهر قمبر جو هيو پر 1960ع واري ڏهاڪي جي شروعات ۾ لڏي لاڙڪاڻي اچي ويٺو. جمعو فقير قد جو ڊگهو ۽ مشڪي رنگ جو هيو. ڪڏهن مڇون ڏاڙهي ڪوڙائيندو هو ۽ ڪڏهن صرف ڏاڙهي ڪوڙائيندو هيو. اکين ۾ گهڻو گهرو سرمون (جنهن کي ڏسڻ سان سرمون پائڻ چئبو آهي) پائيندو هيو. لاڙڪاڻي شهر ۾ گڏهه تي گهمندو هيو، ڪڏهن به گڏهه کي لغام ڪونه وڌائين. چيائين ته؛ لغام وجهڻو آهي ته انسانن جي زبانن کي ڏيو ۽ وجهو. هي ته بي زباني (مادي گڏهه) آهي. هن کي زبان آهي ئي ڪونه، باقي لغام ڪنهن کي وجهان/ ڏيان. سندس گڏهه جي هلڻ جي رفتار ڏهن منٽن ۾ مشڪل سان ڏهه انساني قدم هوندي هئي. گڏهه جي مٿان گهوڙي وانگر هنو رکندو هيو ۽ کيس هٿ ۾ وڏي ڏانگ (لٺ) هوندي هئي. جنهن کان بريڪ جو ڪم وٺندو هيو. جناب ذوالفقار علي ڀٽو، کيس گهرائي، حال احوال پڇندو هيو ۽ ساڻس چرچو گهٻو ڪندو هيو. موٽ ۾، جمعو فقير به ساڻس ساڳي نوع ۾ چرچا هڻندو هيو. توڙي جو ڀٽو صاحب، پاڪستان جو صدر ۽ پوءِ وزيراعظم هو پر پوءِ به ٻنهي جي دوستي پڪي پختي هئي. جمعي فقير جي دانائي ۽ ڏاهپ جا اڻ ڳڻيا مثال آهن. هتي فقط ڪجهه لکجن ٿا: پاڪستان ٺهڻ کان اڳ، جڏهن جمعو فقير قمبر ۾ رهندو هيو، تنهن قمبر شهر کان ٿورو ٻاهر هڪ هندوءَ جي زمين ۽ کوهه هيو. کوهه تي نار ٻڌل هيو، جنهن کي اٺ ذريعي هلايو ويندو هو. ان زماني ۾ هندو مسلمانن جي استعمال ٿيل شين کي هٿ لائڻ به پاپ سمجهندا هيا ۽ ايئن ڪرڻ سان پاڻ کي مليڇ ڀانئيندا هئا. هندو سيٺ کي اڃ لڳي، سو نار تان پاڻي پيئڻ لڳو. هندن جي مذهبي رسم و رواج مطابق ان هندو سيٺ کي گڏهه جي پڇ جيڏي چوٽي رکيل هئي. سو پاڻي پيئندي هندو سيٺ جي چوٽي نار ۾ ڦاسي پئي ۽ رڙ ڪري چيائين؛ “اري (اڙي) وارو ڪريو! اٺ کي جهليو، منهنجي چوٽي!” اتفاق سان جمعو فقير به اتي موجود هيو، تنهن ان هندو زميندار کي چيو ته: ”ڪاڪا! چوٽي ته خدا کي آهي، تو واري چوٽيءَ کي ته ڪتو به نه مٽي (پيشاب به ڪونه ڪري.) هڪ دفعي جناب ذوالفقار علي ڀٽي چيس ته؛ “جمعا فقير! اڄ رات جي ماني ته مون سان گڏ کاءُ!” جواب ۾ جمعي فقير چيس؛ “ڀٽا صاحب! منهنجو هڪڙو شرط آهي.” پڇيائينس؛ “ڪهڙو؟” فقير چيس: “پوءِ رڳو تون ۽ مان هونداسين. ماني ۾ هڪڙو به پڙهيل ڳڙھيل ماڻهو ڪونه آڻيندين! نه ڪي انهن کي سڏ ڏيندين، نه ڪي انهن کي ٻڌائيندين.” ڀٽي صاحب کلي پڇيس: “ڇو ڀلا ايڏي بندش؟” تنهن تي جمعي فقير چيس؛ “ڀٽا صاحب! جيڪڏهن اهي آيا ۽ انهن پڙهيلن کي مانيءَ کائڻ لاءِ سڏ ٿيندو ته ائين ڊڪندا ۽ هٻڇ ڏيکاريندا جو ڄڻ ڪالهاڪون بکيا آهن. سڄو ڏونگهو ٻوڙ جو پنهنجي پليٽ ۾ لاهي ڇڏيندا ۽ ڪڪڙن جا پيس ٽي ٽي چار چار کڻندا! پوءِ مون مسڪين لاءِ ڇا بچندو؟!!” جمعي فقير جو معمول هوندو هيو ته روزانو صبح جو ساجهر گوشت ۽ مڇي مارڪيٽ پهچي ويندو ۽ ڪاساين ۽ مهاڻن کان هڏا، ڇڇڙا ۽ مڇيءَ جا ڇلر کڻي، پنهنجي خرزين انهن سان ڀري، لاڙڪاڻي شهر جي وچ مان وهندڙ رائيس ڪئنال ڏانهن راهي ٿيندو هيو. جتي سڄي لاڙڪاڻي شهر جا ڪتا ۽ ٻلا، هن جو انتظار ڪندا هئا. اهي جانور جيئن ئي فقير کي ڏسندا هئا ته خوشي ۽ بود ۾ ڀرجي ٺينگ ۽ ٽپا ڏيڻ لڳندا هئا ۽ جمعو فقير جيئن ئي ڳوڻ مان هڏا ۽ ڇيڇڙا ڪڍڻ شروع ڪندو هيو ته اهي جانور کيس پيار وچان ڀاڪر پائڻ واري انداز ۾ چنبڙي پوندا هئا ۽ ذري گهٽ جمعي کي ڪيرائي وجهندا هيا ته جمعو فقير ناراض ٿي چوندو هين: “اڙي، انسانن وانگر اٻهرا ڇو ٿا ٿيو؟ اهي انساني عادتون ڪٿان سکيون اٿو؟” ڪجهه سال ٿيندا ته هي فقير لاڏاڻو ڪري ويو. افسوس جو لاڙڪاڻي جي هن لاثاني ڪردار ۽ فقيرمنش جي ياد ۾ ڪو منارو کڙو نه ڪيو ويو. ههڙي مفڪر ۽ عوامي فيلسوف جي نالي ۾ ڪو اسڪول نه کوليو ويو ۽ نه ئي ڪنهن چوڪ تي هن جو نالو رکيو ويو. سواءِ لاڙڪاڻي جي هڪ مهاجر فوٽو گرافر جي دوڪان، سنڌ فوٽو اسٽوڊيو جي. ٻه ٽي سال اڳ سنڌ فوٽو اسٽوديو لاڙڪاڻي جو مالڪ اڪرام، لاڙڪاڻي کي ڇڏي ڪراچي ويو. جتي يونيورسٽي روڊ جي دشتيار اپارٽمينٽس جي دوڪان نمبر 20 ۾ وري به ساڳيو لاڙڪاڻي وانگر سنڌ فوٽو اسٽوڊيو جي نالي دوڪان کوليو اٿس. جتي پاڪستان جي سابق صدر ايوب خان، جناب ذوالفقار علي ڀٽي جي تصوير سان گڏ جمعي فقير جي تصوير به نمايان طور آويزان آهي. [/JUSTIFY] [JUSTIFY] خط/مضمون پيارا نذير، جمعي فقير لاءِ اسان ٻيون به ڪيتريون ڳالهيون پئي ٻڌيون آهن. مثال طور: 2. جمعي فقير کي هڪڙي دفعي مرحوم ذوالفقار علي ڀٽي پنهنجي لاڙڪاڻي واري بنگلي تي گهرايو. هو پنهنجي گڏهه تي ويو. بنگلي ٻاهران پوليس کيس چيو ته؛ گڏهه تان لھ! پوءِ اندر وڃ! تنهن تي جمعي فقير چيو؛ ڇڏيندؤ ته گڏهه سميت ويندس نه ته موٽيو ٿو وڃان. ڀٽي صاحب کان معلوم ڪيو ويو ته هن چيو ته؛ ڇڏيوس. دروازو کليو ۽ هو گڏهه سميت داخل ٿيو. 3. مرحوم ذوالفقار علي ڀٽو، لاڙڪاڻي ۾ گاڏين جي جلوس ۾ پئي ويو ته جمعو فقير به رستو وٺيو پئي ويو. پوليس ان کي روڪي بيهاريو ته ڀٽو صاحب پيو اچي. ان رستي تان گڏهه سان وڃڻ نه ڏينداسين ۽ پوليس ان کي بيهاري ڇڏيو. ذوالفقار علي ڀٽو اتان گذريو ته جمعي فقير تي نظر پوڻ سان گاڏي روڪرائي شيشو کولي جمعي فقير کي چيائين ته؛ “اچ مون سان گاڏي ۾ ويهه!” تنهن تي جمعي فقير چيس؛ “سوارين تي سودو ڪرائين ته پوءِ” اهو ٻڌي ڀٽو صاحب گاڏي مان لٿو ۽ جمعي فقير کي چيائين؛ “جيڪو سودو توکي قبول!” جمعي چيس؛ “نه ميان! مون کي ان گاڏي ۾ ويهي مرڻو ڪونهي، مون ته ڀوڳ پئي ڪرايو.” جي اهي ڳالهيون واقعي سچيون آهن ته پوءِ اوهان جي مضمون ۾ واڌاري طور شامل ٿيڻ کپن. (ناز سنائي) پيارا ناز، ڪينجهر جي شماري ۾، منهنجي مضمون جمعي فقير جي حوالي سان واڌارو ڪري، مضمون کي وڌيڪ وزنائتو ۽ خوبصورت بڻائي ڇڏيئه، ان لاءِ بيحد ٿورائتو آهيان. توهان جي پڇيل سوال جي جواب ۾ عرض ته توهان جون جمعي فقير جي حوالي سان لکيل ٻئي ڳالهيون سؤ سيڪڙو سچيون آهن. مون ته ڪينجهر جي صفحن کي نظر ۾ رکندي مضمون کي محدود ڪيو هو. حقيقت ۾ مون اهو چاهيو ته ڪينجهر ذريعي، جمعي فقير جي رمز ڀرين ڳالهين ۽ وڏي معنى ۽ مفهوم رکندڙ قولن جون جهلڪيون ڏيکاري، سڄي سنڌ جي ماڻهن سان، هن جديد دور جي وتائي فقير ۽ لاڙڪاڻي جي ڏاهي انسان، ويهين صديءَ جي نئين عوامي مفڪر جمعي فقير جو تعارف ڪرايان. [/JUSTIFY] سنڌي شخصيتون بلاگ جي ٿورن سان
جواب: وتائي فقير جو جائنشين: جمعو فقير وتائي فقير جو جانشين جمعو فقير (حصو ٻيو) [JUSTIFY] لاڙڪاڻي، ويجهي ماضيءَ يعني تازو گذري ويل ويهين صدي ۾ جيڪي اهم شخصيتون پيدا ڪيون، تن ۾ پنهنجي ڏاهپ ۽ دانائي جي ڪري جمعو فقير اهم ۽ نمايان جڳهه والاري ٿو. “ڪهان مان رها ٿا مجهي زمانه بڙي زورون سي منوايا گيا هون مين” ڇاڪاڻ ته هي ڪو رولو، شيطان صفت، جڙتو، جعلي ۽ جڳاڙي فقيرن منجهان ڪونه هو. نه ئي انهن وانگر “فقير” هجڻ جي هروڀرو ڪا دعوى ڪندو هو. مان ته شاهه عبداللطيف يونيورسٽي جي سنڌي شعبي جي چيئرمين ڊاڪٽر عبدالرزاق عرف ملڪ نديم کي ڪچهري دوران ڪيترا ڀيرا چئي چڪو آهيان ته هاڻي ڪو پي ايڇ ڊي ڪرڻ اچي ته کيس موضوع ”نئون وتايو – جمعو فقير“ ڏيو ۽ ائين نه ٿئي ته خدا هجڻ جي ڪوڙن دعويدارن، جڙتو ۽ هٿرادو جڳاڙي فقيرن کي مٿي آڻڻ لاءِ، جمعي فقير جهڙي اصلي فقير ۽ عوامي اڪابرن جي سرواڻ ۽ سربراهه کان لنوائي، هن جي ڪردار کي لئه مٽي ڪيو وڃي. مون کي هڪ ڳالهه ياد ٿي اچي. ضلعي لاڙڪاڻي جي تعلقي ڏوڪري جي هڪ ڳوٺ عمر ڀيو نزد ڳيريلو جو مرحوم پناهه علي شاهه (انگريزي ماستر) ڳالهه ڪندو هو ته سندس ڳوٺ ۾ هڪڙو جهونو ماڻهو لڳاتار 40 سالن کان سيوهڻ قلندر جي ميلي ۾ ويندڙ هو. هڪ ڏينهن اهو ڪراڙو فقير پنهنجي ڳوٺ جي مڪان (مئخاني) ۾ ويٺو هو. ڀنگ پيئڻ کان پوءِ دوستن کي ٻڌايائين ته اڄ سيوهاڻي سرڪار ڏي تيار آهيون جو سڀاڻي کان قلندر جو ميلو شروع ٿي رهيو آهي ۽ پاڻ ڏي اشارو ڪندي چيائين ته “فقراهه” اڄ رات واري پاسينگر (پئسينجر ٽرين) گاڏي ۾ چڙهندو. اتي ويٺل نوجوان چيو ته مان به توسان هلندس. جنهن تي ڪراڙي فقير چيس؛ “تون ڪاڏي هلندين! چئي! پئسه لڀن ڪونه! هليو آ سيوهاڻي سرڪار جي ميلي ۾.” ايتري ۾ ان نوجوان ڇا ڪيو جو ڀر ۾ پيل ڪهاڙي کڻي، مڪان جي اڱڻ ۾ بيٺل هڪ سنجهي (ٽالهي) جي وڻ تي چڙهي ويو ۽ هڪ ڏار ڪپي آيو ۽ ان کي صاف ڪري، گهر وڃي ان تي لغڙائي رنگين پنا، ڪڻڪ جي ڳوهيل اٽي سان چنبڙائي، شام جو ئي ڏوڪري جي ريلوي اسٽيشن جي پليٽ فارم تي پهچي پنهنجي ڳوٺائي فقير جو انتظار ڪرڻ لڳو. ٿوري دير کان پوءِ ڏٺائين ته ڪراڙو فقير به ڪارو پٽڪو ٻڌيو، ڪشتي ۽ ڪولابن سميت، هٿ ۾ بيراڳڻيون کنيون، اسٽيشن تي پهچي ويو. ٿوري دير گذري ته ريل آئي ۽ هي نوجوان به اک ٽيٽ سان ڪراڙي فقير کي تاڙي، ان جي پويان ساڳي گاڏي ۾ چڙهي پيو. رش ۾ ڪنهن کي به خبر ڪانه پئي ته ڪير چڙهيو، ڪير لٿو؟ ڪراڙي فقير به گاڏيءَ ۾ ڪا ڪنڊ ڳولي پنهنجو سامان رکي، اڃا بالم ٿي ويٺو ئي مس ته هيءُ نوجوان نئون ۽ هٿرادو فقير، به وڃي ڀرسان ويٺو، ته ڪراڙي فقير ڪرڙين اکين سان ڏسي چيس؛ “تون وري ڪاڏي؟ ٻئي هنڌ جاءِ ڪونه مليئي ڇا، جو اسان فقراهن جي پچر نه ٿو ڇڏين.” ريل هلي ۽ باڊهه اسٽيشن گذري ته ٽڪيٽ چيڪر به گاڏيءَ ۾ آيو ۽ ٻين ماڻهن جون ٽڪيٽون ڏسندي ڪراڙي فقير جي مٿان اچي بيٺو ۽ اردوءَ ۾ چيائين ته “ٽڪيٽ دکائو”. ڪراڙي فقير چيس؛ “ڇا جي ٽڪيٽ؟ اسان قلندر جا پانڌيئڙا آهيون، ڪو اڄ ٿا سيوهڻ جي ميلي ۾ وڃئون ڇا؟ چاليهه سال ٿيا آهن ايندي ويندي، پر ڪڏهن به اسان فقراهن کان ڪنهن ٽڪيٽ ڪانه پڇي.” ٽڪيٽ چيڪر چيس ته؛ “جلدي ڪرو، ورنه پرچا ڪاٽون گا.” فقير ٻانهون ٻڌي چيس؛ “ٻيلي خدا کي مڃ، مون مومن مسڪين جي جان ڇڏ، وڃي ڪنهن ٻئي جي پاڙ پٽ!” ۽ پنهنجي ڀرسان ويٺل نوجوان ۽ هٿرادو فقير ڏانهن اشارو ڪندي چيائين ته؛ “هي الائي ڪاٿون اچي ٽٽو آهي. هن کان ٽڪيٽ نه ٿو گهرين ڇو؟ باقي منهنجي مٿان ٺڳيو بيٺو آن!” ٽڪيٽ چيڪر ان جڳاڙي نوجوان فقير، جنهن کي رليءَ جي رنگين ٽڪرن مان ٺهيل اڌوري ٽوپي پاتل هئي، تنهن ڏانهن اشارو ڪندي چيس ته؛ “يه تو فقير هئي!” اهو ٻڌڻ سان ڪراڙي فقير چيڪر کي، پنهنجي آڱوٺي ۽ اشهد آڱر کي ملائي، هٿ کي هوا ۾ لوڏيندي چيس ته؛ “واهه ڙي سريلا، فقيرن سڃاڻڻ جو مور آن!” لاڙڪاڻو ٻين معاملن ۾ خودڪفيل ٿيو هجي يا نه، سا مون کي خبر ڪانهي، پر جڙتو، جعلي ۽ جڳاڙي فقيرن جي معاملي ۾ گهڻو خودڪفيل ٿي چڪو آهي. هن شهر ۾ ايترا ته گهڻا جعلي ۽ هٿرادو فقير پيدا ٿي پيا آهن جو سنڌين چواڻي ته: “لٺ هڻ ته وڃي جڙتو فقيرن جي مٿي تي لڳندي.” جڙتو ۽ جڳاڙي فقيرن جي انهن آڏو وصف اها آهي ته ڏاڙهي وڌايو. (سونهاريءَ جو ڀرم به نه ٿا رکن) ضلعي دادو جي منفرد شاعر دادن فقير ڪيڏو نه سچ چيو آهي. سندس شعر آهي: “رکايان ان ڪري نه ٿو ڏاڙهي اي دادن برا افعال ڏسي متان ڪو پٽي نه وٺي” طوائفن جي وچ ۾ ويهي، انهن جي جسمن کي ايڪسري جي مشين ۽ فلم وانگر ڏسڻ، انهن جي گفتگو جو مزو وٺڻ ۽ انهن کان فرمائشون ڪرڻ ته؛ “اڄ ته تنهنجي هٿن سان ٺهيل چانهه پيئندم، هوٽل جي چانهه پي پي ڪڪ ٿيو آهيان.” (گهر گهاٽ ئي ڪو نه هين) اهڙين عورتن سان بي مطلب گفتگو ڪري، انهن سان تاڙو ملائي هٿن جو لمس وٺي ۽ پوءِ فرمائشي ٽهڪ ڏيڻ ۽ پاڻ کي فقير سڏرائڻ؟!!! هي ڊراما باز، اندر جا پليت، شيطان صفت بقول جمعي فقير ته؛ “ابا ڊڄ، انساني کل ۾ ڪيتريون ئي بلائون گهمنديون ٿيون وتن.” ڏينهن رات پراين ۽ ڌارين عورتن کي ٽي وي، ويڊيو، فلمن ۽ اسٽيج ڊرامن ۾ ڪم ڪرڻ جا ڏٽا ڏئي، رات جي پيٽ ۾ اسٽيج ڊرامن جا هدايتڪار ۽ ڪهاڻيڪار بڻجي، اهڙي ڏک ڏيندا ڄڻ آمريڪا جي فلمي اداري هالي ووڊ مان ٽريننگ وٺي آيا آهن. حسينن جي مجلس ۾ ويهڻ جو گر ان ريت سکيا آهن جو ڪي ته پاڻ کي هٿ جي ريکائن ڏسڻ جا گرو (ماهر) به ڪوٺائين پيا. ڇو ته، ايئن حسين عورتن ۽ سهڻن ڇوڪرن جا هٿ ڪجهه دير ته هنن جي هٿن ۾ رهندا. “تقريب ڪڇ تو بهر ملاقات چاهيئي” لاڙڪاڻي ۾ هڪڙو اهڙو نئون، جعلي ۽ جڳاڙي پير پيدا ٿيو آهي، جيڪو نالي ۾ مسلمان آهي پر هندن جي پنڊتن ۽ ڀوپن کي به مات ڏئي ويو آهي. بظاهر سادو نظر ايندو. پويان ڪياڙي تائين وڏا وار ۽ وڏي ڏاڙهي. اردو جي ڪنهن شاعر جي لفظن ۾: “يه تيري سادگي ڀي اڪ فريب هي” هي جعلي فقير ٻين کي نقش ۽ تعويذ لکي ڏيڻ ۾ ڏينهن رات رڌل آهي پر پنهنجا نصيب اهڙا اٿس جو پاڻ “پن سن” جي ماني کائڻ ۾ پورو آهي. هي شعبدي باز گرو، پنهنجن نوجوان چيلن (مريدن) کي منفي قدرن ڏانهن مائل ڪري، ماڻهپي مان ڪڍي، اخلاق کان ڪريل، وحشي دور جا سبق ڏيندي چوي ٿو: “ڇا جو پيءُ ماءُ؟ ڪهڙي پيءُ جي شفقت؟ ڇا جي ماءُ جي مامتا؟ هي سڀ ڪجهه جنسي بک جو پورائو ڪرڻ جو نتيجو آهي. جيڪڏهن والدين کي اولاد سان محبت هجي ها ته پوءِ والدين هڪ ٻار ڄڻڻ تي اڪتفا ڪن ها. هڪ ٻار کان پوءِ ٻيا ٻار پيدا ٿيا ته اولاد سان ڇا جي محبت؟ اهو ته سڌو سنئون جنسي بک جو پورائو ڪرڻو آهي. جي پيءُ جي ٻاجهه ۽ شفقت هجي ها ته پوءِ رستم ۽ سهراب ته پاڻ ۾ سڳا پيءُ پٽ هيا. رستم پنهنجي سڳي پٽ سهراب کي ڇو قتل ڪيو؟ ان وقت پدري رت جوش ڇو نه کاڌو؟” سوچڻ جو مقام آهي ته پاڪ رشتن ۽ ناتن جي ڀيل ڪرڻ جا واعظ ڪرڻ وارا پاڻ کي فقير سڏائن؟!! ان جو هڪ چيلو، جيڪو پنهنجي نرڙ تي فقير هجڻ جو هٿرادو ليبل چنبڙائي، پنهنجي گروءَ وانگر رت جي رشتن جي ڀيل ڪندڙ ۽ نالي ۾ مسلمان ۽ منهن مهانڊي ۾ انسان لڳندڙ ان گروء لاءِ چوي ٿو ته (معاذالله) هو ته خود خدا آهي. اڃا ويهين صدي جي هن مفڪر ۽ عوامي اڪابرن جي سرواڻ جمعي فقير جا چيل لفظ صحيح نه آهن ته:”ابا ڊڄ! انساني کل ۾ ڪيتريون ئي بلائون لڪل آهن.“ جمعو فقير، جديد دور جو نئون وتايو، انهن مڙني ڪڌن ڪمن ۽ خراب ڳالهين کان آجو هو. انسان هيو، هن ۾ ضرور ڪي انساني اوڻايون به هونديون. پر الله پاڪ هن عوامي فيلسوف ۽ مفڪر کي گهڻين ئي گندين ڳالهين کان نجات ڏئي بچائي رکيو هو. ڇاڪاڻ ته جمعي فقير جي ڳالهه ۽ نگاهه ۾، “اصلي” انسانن جي “انساني عظمت” جو احساس به هيو ته خدا جو احترام به. هو فطرت جي ان لازوال انعام کان به خالي نه هيو، جنهن کي پيار چوندا آهن. قدرت هن کي قلب ۽ نظر جي وسيع دولت عطا ڪئي هئي. هي ان حديث جو عملي نمونو هيو، جيئن نبي ڪريم ﷺ جن فرمايو آهي ته؛ “ڇا تون نه ٿو ٻڌين ته سادگي ايمان جي نشاني آهي.” يا انگريزي جي هن قول جي هوبهو تصوير هيو: “Simple living-High thinking” قمبر شهر ۾ رهڻ دوارن جمعو فقير حجامڪو ڪم ڪندو هيو. پر جڏهن قمبر مان لڏي لاڙڪاڻي جي هڪ پاڙي رحمت پور ۾ خيما اڏيائين ته حجامڪو ڪم ڇڏي، قدرت طرفان مليل لازوال انعام “پيار” جي پالوٽ، گگدامن ۽ ڪتن ٻلن جي خدمت ڪرڻ ۾ صرف ڪيائين ۽ ان سان گڏ گداءُ به ڪرڻ لڳو. پيشه ور فقيرن جيان 5 يا 10 روپين جي سين ڪونه هڻندو هو ۽ نه ئي ماڻهن کي تنگ ۽ ڪڪ ڪندو هو. ڪو کيس خيرات ڏيڻ کان انڪار ڪندو هو ته چوندو هيس ته؛ “الله پاڪ جي جوڙ ته ڏس، توکي ڪيڏو نه خوبصورت ڪري پيدا ڪيو اٿس. ميان شڪر ڪر جو انسان ڪري پيدا ڪيو اٿئين! جي جانور ڪري پيدا ڪرئي ها ته تون ڇا ڪرينس ها؟ پنهنجي پيدا ڪندڙ، رازق ۽ ٻاجهاري جي نانءَ تي چند سڪا به قربان نه ٿو ڪرين سگهين! پر جي هاڻي ڪو مهمان اچي وڃئي ته ان کي راضي ڪرڻ ۾ ڪيترا پئسه خرچ ڪندين؟” جمعو فقير ٻروچن کان خيرات اصل ڪونه گهرندو هيو. ٻروچ کي پري کان ڏسندي ئي پاسو ڪري ويندو هو. پڇيائونس؛ “ڇو؟” چيائين؛ “ان قوم ۾ خدا هجڻ جو دعويدار (فولاد شر) پيدا ٿيو هو. ان ڪري اڳ ۾ الله پاڪ کان ۽ پوءِ ٻروچن کان ڊڄان ٿو”. هڪ دفعي ڪنهن ٻروچ کيس پاڻ هرتو هڪ روپيو خيرات طور ڏنو ته هٿ جي تري کولي، ان تي اهو روپيو رکي، آسمان ڏانهن اشارو ڪندي چيائين: “اڄ خبر پئي ته ٻروچ به توکان ڊڄن ٿا.” جمعو فقير سدائين مادي گڏهه رکندو هو. پاڻ کان وڏي ۽ ڊگهي ڏانگ هٿ ۾ هوندي هيس. ڪڏهن ڪڏهن گڏهه جي مٿان چڙهندو هيو نه ته گهڻي قدر گڏهه کي گهليندي نظر ايندو هو. ڪنهن چيس؛ “جمعا فقير هاڻي ڇڏ هن ڏٻري گڏهه کي، ڪو طاقتور گڏهه (نر) رک، جيڪو پاڻ هلي. هيءَ ته هلڻ ۾ هلاڪ آ”. جواب ۾ چيائينس؛ “نر گڏهه گهر ۾ بيهاريان ته ان لاءِ ڪڇو به درزي کان ٺهرائڻو پوندو.” جمعو فقير ڪڏهن به ڪنهن پاڙي مان گذرندو هيو ته ڪتا، هن کي سڃاڻي ڪڍ لڳي پوندا هيا. رستي ويندي ڪنهن سان ڳالهائڻ لاءِ بيهي ته ڪتا به هن جي چوگرد اوتري دير تائين گهيرو ڪري بيهي رهندا هئا. هڪ دفعي ڪنهن پڇيس: “جمعا فقير ايترا ڪتا ڌاريا اٿئي؟” موٽ ۾ چيائينس؛ “بيوفا ڀرا ڪنون، ڪتا يار ڪريجي! ڇاڪاڻ ته هي نقصان ڪونه ڏيندا. گهر وٺي ويهاريان ته سنڀال ڪندا، پر جي ماڻهو وٺي ويهاريان ته پوءِ ڪهڙو حشر ٿيندو؟ اهو تون به سمجهين ٿو!” هڪ دفعي جناب ذوالفقار علي ڀٽي، لاڙڪاڻي ۾ پنهنجي رهائش گاهه المرتضى هائوس جي اولهه واري حصي ۾، ڪچهري پئي ڪئي. پاڻ صدر مملڪت ۽ چيف مارشل لا ايڊمنسٽريٽر هيو. با-وردي ۽ با-ادب ڳاڙهن اڇن خلن (ڪلاهن، طُري وارا پٽڪا) وارا بيرا خدمت چاڪري ڪرڻ ۾ مصروف هئا ته ڀٽي صاحب کي جمعي فقير جي اچڻ جو اطلاع مليو، جنهن کي پاڻ نياپو موڪلي گهرايو هئائين. وقت جي صدر، ڀٽي صاحب، اٿي جمعي فقير جي آجيان ڪئي ته حاضرين مجلس به اٿي بيٺا. تنھن تي جمعي فقير چين: “خوشامد گهٽ ڪريو. هونءَ ته رستي ويندي اسان پارن مسڪينن کي سلام جو جواب ڏيڻ ۾ به ٻرو چڙهندو اٿو.” هڪ عيد تي، ڀٽو صاحب عيد نماز پڙهڻ ۽ کلي ڪچهري ڪرڻ لاءِ، جيئن المرتضى مان نڪري، نئون ديرو وڃي رهيو هو ته لاڙڪاڻي شهر جي ميونسپل هاءِ اسڪول جي موڙ وٽ جمعي فقير سان مکا ميلو ٿيس. ڀٽي صاحب گاڏي مان لهي جمعي فقير کي چيو؛ “جمعا! عيد مبارڪ، وڌي اچ ته عيد ملئون.” چيائينس: “اڃا عيد نماز پڙهي نه اٿئي! ڇا جي عيد مبارڪ؟” ڀٽي صاحب چيس؛ “چڱو ڀلا دعا ڪر!” چيائينس؛ “منهنجي دعا سان ته پاڪستان جو بادشاهه (صدر) ٿيو آهين. اڃا به راضي ۽ خوش ناهين ته .......” جناب ذوالفقار علي ڀٽو هن سان اڪيلائپ ۾ ملي ڳجهيون ڳالهيون ڪندو هو. انتظاميه ۾ اچي ڦڙڦوٽ پئي ته الائي جمعو فقير متان اسان جي شڪايت نه ڪندو هجي. ان ڪري ڀٽي صاحب جي آمد تي، جمعي فقير لاءِ المرتضى واري روڊ تي اچڻ وڃڻ تي ڪرفيو لڳايو ويو. هڪ ٻه دفعا ڀٽو صاحب لاڙڪاڻي آيو پر جمعي کي نه ڏٺائين. پڇا ڪيائين؛ “جمعو فقير ڪٿي آهي؟ مان ٻه ٽي دفعا لاڙڪاڻي آيو آهيان پر جمعو فقير رستي ويندي به نه ٽڪرايو آهي. خدا نه ڪري، ڪٿي جمعو بيمار ته نه آهي”. سختيءَ سان حڪم ڏنائين؛ “جمعي فقير کي ڪٿان به ڳولي، هاڻي جو هاڻي مون سان ملايو”. ڀٽي صاحب جا نادري حڪم ھو. لاڙڪاڻي جي انتظاميه ۾ ٿرٿلو پئجي ويو. جمعي فقير جي تلاش ۾ ڪيترائي آفيسر نڪري پيا. ڳوليندي ڳوليندي، ڏٺائون ته جمعو فقير مڇي مارڪيٽ (خان بهادر امير علي لاهوري مارڪيٽ) ۾ اکيون ٻوٽي، گوتم ٻڌ وانگر ڪنهن گيان ۾ گم هو ۽ سندس گڏهه ڀرسان گاهه کائي رهي هئي. هڪ وڏي عملدار ڀرسان وڃي چيس؛ “ڀٽو صاحب، توکي ياد پيو ڪري. اسان سان گڏجي هل.” جمعي فقير، فوري طور گڏهه جي رسي ۾ هٿ وجهي، ان کي گهلڻ شروع ڪيو. جنهن تي عملدار چيس؛ “تون گڏهه کي گهلي پيادو هلندين ته پوءِ المرتضى هائوس ڪڏهن پهچندين؟ هي پوليس اسڪاٽ ۽ ڀٽي صاحب وزيراعظم هائوس جي ڪار خاص ڏني آهي، ان ۾ چڙهي هل.” اهو ٻڌي جمعي فقير گڏهه کي ساڳي جاءِ تي بيهاريندي چيو: “پاڻ (ڀٽي صاحب) ماڻهو موڪليو اٿس، مان پنهنجي مرضيءَ سان پنهنجي سواري تي هلندم. هي ڪا توهان وانگر حڪومت واري عارضي سواري ڪانهي، جنهن تي اڄ هڪڙو چڙهي ته سڀاڻي اها ساڳي گاڏي ڪنهن ٻئي جي هجي. مان ڪار تي مرڳو ڪونه چڙهندم. توهان جي مرضي وڃي ڀٽي صاحب کي ٻڌايو ته جمعو ڪار تي نه ٿو چڙهي.” ڀٽي صاحب جو حڪم هيو سو پوليس عملدارن چيس؛ “فقير تنهنجي مرضي، گڏهه تي ئي هل، پر ٻيلي خدا کي مڃ! هل ته سهي!” لاڙڪاڻي جا روڊ جيڪڏهن شاهدين ڏيڻ جهڙا هجن ها ته اها شاهدي يقينًا ڏين ها ته ڪيئن جمعو فقير پوليس اسڪاڊ واري پروٽوڪول ۾، پنهنجي ڏٻري گگدام گڏهه تي چڙهي، خرامان خرامان المرتضى هائوس (وزيراعظم هائوس) ۾، گڏهه سميت، اندر داخل ٿيو هيو. هتي پاڻ کي، نعوذ بالله، خدا سڏائيندڙن جا سج اڀريا ۽ ٻڏي به ويا. پر جمعي فقير جو سج اڀريو ته ٻڏو ڪونه. مون کي ايران جي مشهور شاعر حافظ جو شعر ٿو ياد پوي. جيڪو حافظ ڄڻ لاڙڪاڻي جي جمعي فقير لاءِ چيو هو: “دولت فقر خدايا به من ارزاني دار، ڪه اين ڪرامات سبب، حشمت و تمڪين من است” (خداوندا! مون کي فقيري جي دولت عطا ڪر! ڇاڪاڻ ته اها مهرباني منهنجي شان ۽ شوڪت جو باعث آهي) گذريل سال ڊسمبر مهيني جي پوئين هفتي ۾، لاڙڪاڻي کي ضلعي حيثيت ۾ 100 سال پورا ٿيڻ تي، شاهنواز ڀٽو آڊيٽوريم ۾ ڊسٽرڪٽ هسٽاريڪل سوسائٽي طرفان “جشن لاڙڪاڻو” ملهايو ويو. جنهن ۾ محترم ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ، محترم ڪريم بخش خالد، محترم عبدالغفور ڀرڳڙي، ميڊم حميده کهڙو ۽ ٻين شرڪت ڪئي. مگر مجال آ جو ڪنهن ڳالهائيندڙ جي واتان، هن جديد وتائي جمعي فقير جو نالو نڪتو. ان ساڳي طرز تي، لاڙڪاڻي سان تعلق رکندڙ، اردو ڳالهائيندڙن طرفان ٺهيل هڪ علمي ادبي تنظيم “لاڙڪاڻو سنگت” جي پليٽ فارم تان، نيپا آڊيٽوريم ڪراچيءَ ۾ گذريل 18 جنوري تي “جشن لاڙڪاڻو” ملهايو ويو. جشن لاڙڪاڻو جو اهتمام ڪندڙ، لاڙڪاڻو سنگت جي باني چيئرمين ۽ انجمن ترقي پسند مصنفين جي سيڪريٽري جنرل، سٺي ۽ نامور شاعر ۽ اديب مسلم شميم، پنهنجي آجياڻي تقرير ۾ جديد ڏاهي ۽ عوامي اڪابر جمعي فقير جي نالي جو بار بار ورجاءُ ڪيو ته ههڙو عوامي فيلسوف به لاڙڪاڻي جي مردم خيز زمين جي پيداوار آهي. لاڙڪاڻي مان لڏي ويندڙ فوٽو گرافر اڪرام دکني سان جڏهن يونيورسٽي روڊ ڪراچي جي دشتيار اپارٽمينٽس ۾ قائم ڪيل سنڌ فوٽو اسٽوڊيو ۾ اڳوڻي صدر ايوب خان ۽ جناب ذوالفقار علي ڀٽي جي تصوير سان گڏ لڳل جمعي فقير جي گڏهه سان نڪتل تصوير بابت پڇيم ته اڪرام وراڻيو؛ “هي ٻئي (ايوب خان ۽ ڀٽو صاحب) پاڪستان جي رياست جا بادشاهه (صدر) هيا ته جمعو به پنهنجي رياست جو بادشاهه هيو.” پوءِ اردو جو شعر پڙهيائين: “هم خاڪ نشينون ڪي ٺوڪر مين زمانه هي”[/JUSTIFY]
جواب: وتائي فقير جو جائنشين: جمعو فقير [JUSTIFY] ويهين صديءَ جو وتايو: جمعو فقير انعام الله شيخ ڏاڙهي مُڇ صفا چٽ، شرارتي اکين ۾ سُرمو ڄڻ ته ڏوئيءَ سان گُديو ويو هجي. موڪري منهن کي سرنهن جي تيل جو تازو مَکُ آيل، ٻانهن تي ڏينڀوڙين جا ساوا نشان نڪتل ۽ ڪُوڙيل مٿي تي کٿڙيل ميرو پٽڪو يا ڪنهن مئل انگريز جي خيرات ۾ مليل ٽوپي پاتل. سياري اونهاري جسم تي پيل نيلامي ڪوٽ، ڪوٽ جي اندران لُئاڙيل گابي چٻاڙيل “خميس”، تنهن جي هيٺان ڳجهن کيسن واري ڇيٽ جي پراڻي سُراڻي صدري- ۽ صدريءَ جي اندران اڪثر ڪري بافتي واري گنجي پڻ اٽڪيل. هيٺ تي ڪائنچ بدران نيروليءَ جي رڱيل ڪا ميري سيري گوڏ ۽ پيرن ۾ بُولڙو بوٽ يا ڦاٽل ساٽل سليپر جي عمر صفا پوري ٿي وڃي ته پوءِ چتين لڳل ٻه- پٽي چؤنپل هوندي، جنهن جي ٻنهي پٽين کي وٽيل اڳڙيون ويڙهي، چپل کي ڀيڏين ۾ اهڙو ته سُڪ ڪيو ويو هوندو، جو سير سفر ڪندي ان جي لهي وڃڻ يا ڪري پوڻ جو ڀَئه ڀولو باقي نه رهندو. ڀَيڏين کان مٿان اڳٺن ۽ سُٽ جي ٽوڙهن سان ڇڪي ٻڌل پِنيون ته پري کان ئي پڌريون هو نديون. صبح هجي يا سانجهي، ٽاڪ منجهند هجي يا سومهڻي کيس ورلي ڪنهن ماڻهوءَ پراڻي همسفر يعني گڏهه کان جُدا ڏٺو هوندو. ساسي ساهه جي ڍڍريءَ هيٺان لئيءَ جي ڪاٺي آرپار لنگهائي، ان جي ٻنهي ڇيڙن ۾ رسو ٻڌي، موٽر سائيڪل جي Foot rest جيان ٺاهيل “پيرن رکڻيءَ” تي کُپ کوڙيل هوندس. ڊگهي ٻاچڪي جو وِچُ ڪوري گگدام جي پٺيءَ تي رکيل، ٻنهي پاسن کان لڙڪندڙ وڏا بُجڪا به صاف صاف نظر ايندا. عُمرو عيار جي زنبيل کان به اونهن انهن بُجڪن منجهه خيرات ۾مليل اڌ ڪنن صوفن ۽ ڪيلن، ڦٿل ناسپاتين، نارنگين، گوشت مارڪيٽ مان گڏ ڪيل ڇيڇڙن، ڦڦڙن ۽ آنڊن کانسواءِ ٻيا مليل بيشمار وکر ئي سانڀيل نه هوندا، بلڪه سير ڪندي لڌل پلاسٽڪ جون ڳوٿريون، ريشمي ڪپڙن جا ٽڪر، ٽِين جا خالي ٽڀا، بجليءَ جا خراب ٿيل بٽڻ ۽ پراڻيون اخبارون به هڪٻئي مٿان سٿيل ڏسڻ ۾ اينديون. گڏهه جي چيلهه کان ٿورڙو هيٺ ڍاڪن جي مٿان ٿڳڙيون نڪتل رلهيءَ تي ڳچيءَ منجهه ڳانا پائي بالم بڻيل، هٿ ۾ وڏي ڏانگ کنيل، ڪلهي ۾ بُجڪي ۽ بجڪيءَ منجهه مانيءَ جا اڌڙ ۽ پارچا کڻي هلندڙ هن معروف فقير کي شهر جا پوڙها پڪا ۽ ٻار ٻچا ته ڇڏيو، لاڙڪاڻي جو هر گهر، گهٽي ۽ گام به پراڻي مائٽ جيان سُڃاڻي! جمعي فقير جي واقفڪارن ۽ مداحن ۾ نواب اميرعلي لاهوري، ذوالفقار ڀٽي، مسعود مفتي، جنرل ۽ بيگم عتيق، قاضي فضل الله، جسٽس غلام محمد ڪوريجي، ڪريم بخش کهڙي، خانصاحب فقير محمد انڙ، علي گوهر کهڙي کان وٺي پروفيسر اياز قادريءَ تائين اڻ ڳڻيون پڙهيل لکيل ۽ لائق هستيون ئي شامل نه هيون..... هُو ته حسين باگڙياڻين، گوڏر گاڏرن، گراهڪن جي راهن ۾ نيڻ وڇائي ويٺل چَپَ چَٽوُ دڪاندارن، ٽِڻڪ ۽ ٽوڻائي اوستن، سيئو بازار ۾ سَوَن جي تعدا د ۾ ويٺل واندن ۽ ٽوٽي مزدورن، ليٿ مشين جي مصروف مسترين، هوٽلن تي اونگهندڙ آفيمين، ڪورٽ جي احاطي ۾ ويٺل چيڙاڪ اسٽامپ وينڊرن، گاريل ٽانگي وارن، ڪم سان گڏ ڪنڌ ڌوڻ ۾ ورتل ٻيڙي ٻاڌارن، جل ڦٽاڪن اخباري هاڪرن، بڙواتي حجمن، مٿي تي ڦريل ٽوپي، ڪنڌ ۾ رومال ۽ ور ۾ ڪِرپان رکي شهر رلندڙ لُچن لوفرن يا مٿي تي جناح ڪئپ ۽ هٿ ۾ سگريٽن جو پاڪيٽ کڻي هلندڙ “معزز” شيٽ ڪلارڪن سميت ڪهڙي ڪهڙي شخص جو دل گهريو دوست نه هئو! ماجسٽريٽ گاڏي روڪي کانئس طبيعت پڇندا، صوبيدار ٽانگو بيهاري پنجين جو نوٽ ڏيندا . زميندار ويندي ويندي ٽهڪ ٽڙو ڪيو ويندا. صفا مرچوس مانڊڙين وارا به جمعي فقير کي بيهاري اڌڙ چانهه جو آڇيندا ۽ گهوڙيا گڏهه تي ويٺي کيس نئين آيل جنس جي وَٽ پيا ڪرائيندا. سندس دل جي دفتر تي به رنگ، مذهب، جنس يا طبقي جو تفاوت تِرَ برابر نه ٿيو هئو! شاهه هُجي يا گدا، سيٺ هجي يا سُڃو، هو سڀ جو خير-گهرو ۽ هر ڪنهن سان “سائين ميان” ڪرڻ وارو صاف سٿرو انسان هئو. سچائيءَ کي منهن تي ڦهڪائيندي هُو اهو ڪڏهن به نه ڏسندو ته اڳلو ڪهڙي پدويءَ کي پهتل آهي. ڀٽي ذوالفقار سان سندس لاڏ ۽ لاڳاپا ته لاڙڪاڻي جو ٻچو ٻچو ڄاڻي ٿو. ڀٽو صاحب اڃا وزير وڙو نه هئو ٿيو، جو فقير سان سندس گهاٽائپ ٿي ويئي. ڀٽو صاحب جڏهن به لاڙڪاڻي ۾ايندو ته هُو کيس خاص دعوت موڪلي “المرتضيٰ” ۾ گهرائي ساڻس خوش دليءَ سان حالي احوالي ٿيندو هو. لاڙڪاڻي واسي چون ٿا ته ڀٽو صاحب جڏهن پاڪستان جو صدر بڻجي پهريون ڀيرو اباڻي شهر گهمڻ آيو هو ته جمعي سان مکا ميلو ڪندي، موڪلائڻ مهل سؤ روپين جو نوٽ کيسي ۾ وڌائينس. فقير جڏهن ملڪي ‘بادشاهه’ کان ڇڙا سؤ رپيا خرچي ملندي ڏٺا ته هڪدم چوٽ ڪندي چيائين: “ڀٽا صاحب، جيڪڏهن مان ڀٽو ۽ تون جمعو هجين ها ته اڄ توکي سونو ڪري ڇڏيان ها.” جنهن تي ڀٽي صاحب کلندي کيس پنج سؤ رپيا ڏنا ۽ دُعا ڪرڻ لاءِ چيو. فقير موقعو مُناسب ڏسندي ٿڏي تي وراڻيو: “جي انهيءَ بادشاهيءَ کانپوءِ به خوش ناهين ته پوءِ ڀلا اچ ته گڏجي گدا ٿا ڪريون:” ڀٽي صاحب جي اهڙي ئي هڪ کُليل ڪچهريءَ ۾ شامل ٿيڻ لاءِ هڪ ڀيري فقير گڏهه تي سوار ٿي “المرتضيٰ” پُهتو ته لاڙڪاڻي سان لاڳاپو رکندڙ هڪ بااثر وزير ۽ تڏهوڪي ايس پي پنيل جوڻيجي کيس ڀُٽي صاحب سان ملڻ کان روڪيو. پر فقير به “محبوب” جو ديدار ڪرڻ کانسواءِ واپس وڃڻ کان قسم جو کڻي بيٺو هُئو، تيسيتائين اُتان نه چُريو جيستائين مٿس ڀٽي صاحب جي نظر نه پئي. ڀٽي صاحب ڏسندي ئي کيس سڏيو ته هن وزير ۽ ڪوٽوال ڏانهن نهاريندي چيو: “ڀُٽا صاحب توسان ملڻ لاءِ ته آتا آهيون، پر تُنهنجا ڪُتا به ته ڇڏين نه!” اهڙيءَ طرح ڀُٽي صاحب سان سندس ملاقات ته ٿي، پر ايس پي لاڙڪاڻي طرفان مليل ڇڙٻ کي هُن پوءِ به نه وساريو! ٻه چار ڏينهن رکي هاسيڪاري پيرين پيادو وڃي ايس پي هائوس تي پهتو. اتفاق سان ايس پي صاحب به گشت تي پئي نڪتو، سو جُمعي کي ڏسي چيائين؛ “جُمعا وري ڪهڙي کوٽ کُٽي ٿئي. ڀُٽي صاحب آڏو بيعزتي ڪرڻ کان پوءِ به هانءُ نه ٺريو اٿئي ڇا؟” جمعي حسب دستور مُرڪندي وراڻيس: “ايس پي صاحب، ڀيڻسان ڪالهانڪو گڏهه گُم ٿي وئي آهي. سو ڳولڻ آيس ته ڪٿي اُها ناناڻي (ايس پي هائوس) ته اچي نه نڪتي آهي!” آڙيڪاپ ايس پي اسٽاف آڏو وڌيڪ بيعزتيءَ کان بچڻ لاءِ هڪدم سَوَ جو نوٽ کڻي جُمعي جي تريءَ تي رکيو، پر فقير ساڻس پراڻو احسان پوريءَ طرح چُڪائڻ کان پوءِ به نه مُڙيو ۽ پئسا وٺي ڪري آسمان ڏانهن منهن ڪري چيائين:”پوليسارو ۽ خرچي! واهه موليٰ واهه!!” شهيد ڀٽي صاحب سان ايڏيون هُجون ڪندڙ هيءُ انسان سندس موت تي ٻارن وانگر رڙيون ڪري رنو هئو. پنهنجي دوست جي اڻ مندائتي انت تي جمعي ڪا ريل ته ڪا نه ڪيرائي، پر هن وس پڄندي ضياءَ تي جيڪي ڦٽڪارون ڪيون ۽ مٿس نقل نڙا ٺاهيا، سي مرهيات کي قبر ۾ به چُڀندا هوندا. ڀُٽي صاحب جي دوستيءَ کانسواءِ جُمعي کي سياست سان ڪا خاص دلچسپي ڪو نه هُئي. پر ائين به ڪو نه هُئو ته هُو آسپاس جي ماحول کان اکيون ٻوٽي هلندو هُئو. سَتر جي ڏهاڪي ۾ جڏهن سنڌي مهاجر تضاد عروج تي هئو ۽ سنڌ جا وسيلا ڌارين جي قبضي ۾ هُئا، تڏهن لاڙڪاڻي جي شاهي بزار مان مُهاجرن جي دڪانن آڏو لنگهندي هُن کي اَچي مُستي سُجهي. سو اُتي بيهي جبار ڀائي بوٽن واري کي وڏي آواز سَڏُ ڪندي چوڻ لڳو ته:”جبار ڀائي مهاجر! ڪالهه خواب ٿو ڏسان ته مري ويو آهيان ۽ ملائڪن کنڀي کڻي آسمان تي پهچايو آهي. مون کي ٿا چون ته جُمعا تنهنجا لڇڻ الله کي وڻيا آهن، سو تون هلي بهشت ۾ ويهه. مان عادي بُڻيادي گنهگار سو چوان ٿو ته ٻيلي مان وڏو ڪِنو ڪينئارو آهيان، ڇڏيو ته دوزخ ۾ وڃان. پرملائڪ آهن جو بهشت ڏي پيا گِهلين! ۽ مان آهيان جو پيو دوزخ ۾ وڃڻ لاءِ ليٿڙيون پايان....نيٺ جڏهن ملائڪن ۽ مُنهنجي وچ ۾ هيرا هُدرا وڌي ويا ته هڪڙو ملائڪ جيڪو پهلوان ٿي لڳو، تنهن اچي ڳٿڙ کان جهليو ۽ چيائين: جُمعا عزت ان ۾ ٿئي ته سڌو بهشت ۾ هَلُ، نه ته توکي واپس لاڙڪاڻي ڇڏي اينداسين! سو مان به چئي ڏنومانِ ته “ڀلي ماري ذريون ذريون ڪيو، پر مون وارو يار جبار دوزخ ۾ پيو مزا وٺي. جاڏي جبار ڀائي ويندو، مان به اوڏانهن ويندس.” جمعو پنهنجي لوڪ ڏاهپ سان رڳو استحصالي ٽولي تي ائين چٿرون ئي نه ڪندو هُئو، پر متعصب مذهبي جماعتن جي اڳواڻن جي لاک به وڏي طمطراق سان لاهيندو هُئو. لاڙڪاڻي سان لاڳاپيل هڪ مذهبي جماعت جو مشهور رهنما اليڪشن ۾ ورڪ ڪندي رحمت پور محلي ۾ سندس گهر وٽ ووٽ وٺڻ لاءِ پهتو ته جمعي سندس آجيان ڪندي چيو: “مولانا صاحب مان ووٽ تڏهن ڏيندو آهيان، جڏهن ڪو سَکُ ڏيم، گهر واري سُک ٿي ڏئيم، سو ووٽ به ان جي چوڻ تي ڏيندو آهيان، تون اهو ساڳيو سک ڏين ته ووٽ تنهنجو. جي سودو قبول ٿئي ته بسم الله، نه ته تون پنهنجي گهر خوش ته مان پنهنجي گهر...” مولانا صاحب اهو عزت ڀريو جواب ٻڌُڻ کان پوءِ ووٽ کان ته ڪئي توبهه، پر واٽ ويندي جمعي تي نظر پوڻ سان به “لاحول ولا قوة” چئي رستو مٽائي ويندو هُئو. جمعو عادي بُڻيادي پينانگ نه، پر هڪ پورهيت انسان هئو ۽ قمبر جو ميونسپالٽيءَ جي ٻاهران حجامڪو ڌنڌو ڪري پيٽ پاليندو هو. لاڙڪاڻي ۾ سندس ڪٽنب 1948ع واري ٻوڏ جي خوف کان لڏي اچي ويٺو. هونئن قمبر جي “ڪُور سليمان” واري جُوءِ ۾ “دوست عليءَ جي بنگلي” وارو ماڳ سندس اباڻو اجهو سڏرائي ٿو. پنهنجي پورهيي سان هن جي پيار ۽ پاٻوهه جا به عجيب قصا آهن! هُو گراهڪ جي سنوارت ڪندي نه رڳو احتياط ۽ نفاست سان سلهاڙيل هوندو، پر ڳالهين، ٽوٽڪن، قصن، تبصرن ۽ حيرتن جا جزيرا به دريافت ڪندو ويندو. هڪ ڀيري قمبر کان لاڙڪاڻي ويندڙ ڪو صفا تڪڙو همراهه وٽس سيرب ڪرائڻ لاءِ اچي ويٺو. همراهه کي هئي جلدي، سو ڪرسيءَ تي ويهڻ شرط ڪاريگر کي سيگهه ۾ هٿ هلائڻ جي هدايت ڪيائين. جمعي کي ته اهڙن اُٻهرين آسامين سان کشٽ ڪرڻ ۾ مزو ايندو هئو! سو هن به جُود ڪري ڏاڙهي پِسائڻ وارو برش ڀرسان وهندڙ ڪني پاڻيءَ واري ناليءَ ۾ ٻوڙي سندس سيرب شروع ڪئي. آيل گراهڪ آپي کان نڪري ويو ۽ کانئس انهيءَ حرڪت جو سبب پڇندي چيائين: “ڪاريگر اکيون نه اٿئي! ڪني پاڻيءَ ۾ برش ٻوڙي ڏاڙهي ٿو ٺاهين!” جمعي ٺهه پهه وراڻيس: “منهنجا ڀاءُ! تون ڀلا ڪهڙي سُٺي پاڻيءَ مان ٺهيل آهين؟!” همراهه زور اڳيان زاري ڏسندي اٿيو ۽ وڃي پريان وهندڙ نل منجهان پاڻي ڀري آيو. جمعي وري سنوارت ته شروع ڪئي، پر هڪ طرف پاڪي هلندي هلندي نڀاڳي ڍور وانگي گَههُ ڪري بيهي ٿي رهي ته ٻئي پاسي سندس زبان به هڪ هنڌ بيهڻ کان انڪار پئي ڪيو. نيٺ آيل گراهڪ بيزار ٿي، پئسا اڇلائي اسٽيشن جو رستو ورتو ۽ وڃي لاڙڪاڻي ويندڙ پسئينجر ٽرين ۾ ويٺو. جمعي فقير به نه هَم ڪئي نه تم- اوزار جهوليءَ ۾ وجهي گاڏي ۾ ساڳي همراهه جي اڳيان اچي ويٺو. اڳلي گهڻيون ٻانهون ٻڌيون ۽ آزيون نيازيون ڪيون، پر جمعي جي سؤ ڳالهين تي هڪڙي ڳالهه. چي:”پئسا ورتا اٿم ته ڪم ضرور پورو ڪندس.” نيٺ هلندڙ گاڏيءَ ۾ ويٺل مسافر ‘ڏاڙهي ڪوڙڻ’ جو اهو منفرد منظر ڏسندا ۽کلندا رهيا، پر جمعي همراهه جي سيرب ٺاهي سندس جان ڇڏي! لاڙڪاڻي واسي حجامڪي ڌنڌي جي ڪري جمعي فقير کي ذات جو منگي سمجهندا آهن، پر سندس گهر واري لال خاتون انهيءَ ڳالهه جي ترديد ڪندي فقير جو پورو نالو محمد جمن ولد عبدالله ۽ ذات جو سومرو ٻڌائي ٿي. اهڙي ئي دعويٰ سندس پٽ علي گوهر ۽ پڙهيل ڳڙهيل پنجن بيروزگار پوٽن ۽ ڏوهٽن جي پڻ آهي. رحمت پور محلي جي آئل ڊپوءَ جي ڀرسان جهريل جاءِ ۾ رهندڙ جمعي فقير جي پوئين گهرواري 80 سالا مائي لال جو چوڻ آهي ته جمن تي فقيري رنگ ڪئين ڏهاڪا اڳ ڀٽائيءَ جي ميلي تان واپسيءَ کان پوءِ چڙهيو. پراڻا ڏينهن ساريندي هوءَ چوي ٿي: ميلي تان موٽڻ کان پوءِ جمن ساڳيو محمد جمن سومرو نه پر “جمعو فقير” بڻجي ويو ۽ دنيا جا ڪم ڪاريون ڇڏي، سئر سفر لاءِ نڪري ويو. سندس فقيري ويس ڏسي، جڏهن ماڻهو منجهانئس ڌپ اچڻ جي شڪايت ڪندا هئا ته هو ڏکارو ٿي مون کان اچي پڇندو هئو ته: “لال! توکي مون منجهان بوءِ اچي ٿي؟” مان چوندي هئي مانس ته مون کي ته خوشبوءِ ٿي اچي... اهو ٻڌي جمعو گدگد ٿيندي چوندو هئو:”توکي وڻان ٿو ته گنج ٿيو، ماڻهن جو خير آ! ماڻهن ۽ کوهن جا وات ڪٿي بند ٿيڻا آهن!!” شايد عام کان ملندڙ اهي ايذاءَ ۽ اهنج ئي هئا جن کيس “بيوفا ڀِرا ڪَنون ڪُتا يار ڪَريجي” واري سبق سکڻ لاءِ اُتساهيو. هن اکين ۾ آڱريون ٽنبيدڙ اسان جي روڳي سماج ۾ عظمت جي کل پائي هلندڙ ٻهروپي انسان جي قريب ٿيڻ بجاءِ پنهنجي مرشد جي هدايت تي عمل ڪندي سندس لفظن: جاڳايس جنبور، ڪتي قريبن جي، بَهي ڀونڪي اُٿيو، گهڏي منجهان گُهور، سڀ لاهيندو سور، گري هن غريب جا. ورنائيندي، ڪتن سان وڃي ياري رکي- پوءِ سڀني ڏٺو ته شهر جي بي رحم ماڻهن جا ستايل سمورا ڪتا پنهنجي اڪيلي هَمدرد جمعي فقير جي چوڌاري ڪٺا ٿي ويندا هئا. جمعو فقير سنڌ جي ساهدار دشمن سماج ۾ بيشڪ پٿرن کاڌل، ٽنگن چٿيل، بکايل ۽ ستايل ڪتن جو اڪيلو وارث ۽ ابو هئو. جيڪڏهن کيس سنڌ جو “ابو الڪلب” (ڪتن جو بابو) سڏجي ته وڌاءُ نه ٿيندو. هو لاڙڪاڻي جي ڪاساين جون ڇڙٻون سهندي ۽ ماڻهن جون اڇلايل نفرتون ميڙيندي، ڪتن لاءِ ڇيڇڙا، هڏا ۽ مانيءَ جا ٽڪر گڏ ڪندي، کين درجنن جي تعداد ۾ پاڻ سان سلهاڙيو هلندو هئو. هو يوناني حڪيم پئٿا غورث وانگر جانورن سان ڳالهائڻ جي دعويٰ ڪندي چوندو هئو:”ماڻهو ڪتن کي اجايو ٿا مارين، ڪتا ته دعائون ڏيندا آهن، مان روزانو سندن دعائون ٻڌندو آهيان.” ڪنهن مون جهڙي نادان هڪ ڏينهن پڇيس:”فقير ايترا ڪتا ڇو ڌاريا اٿئي؟” جمعي وراڻيو: “اڄوڪي ماڻهوءَ کان ڪتو چڱو آهي، کيس گهر وٺي وڃبو ته بسڙي ڪيو پيو ڏسندو. پر جي ماڻهوءَ کي وٺي وڃبو ته گهر جو ڇا حشر ٿيندو؟ اهو پاڻ سمجهي سگهين ٿو.” اڄ هن جهان ۾ جمعو فقير موجود ڪونهي ۽ نه ئي سندس وفادار ڪتن جي پرگهور لهڻ واري ڪا پهر نظر ٿي اچي. ائين به ڪونهي ته جمعو فقير مردم بيزار راڪش هئو. حقيقت هيءَ آهي ته هن جهڙو انسان دوست، سيڪيولر ۽ سونهن پرست شخص شايد ئي لاڙڪاڻي جي رستن ڪو ٻيو ڏٺو هجي! هن توا ۽ پادر ڳچيءَ ۾ پائي يا تلڪ هڻي ۽ ڌوتيون ٻڌي تماشا وجهڻ بجاءِ سماج سان پنهنجو سنٻڌ سادگيءَ سان سگهارو ڪيو ۽ هڪ سچي صوفيءَ وانگر انسانيت کي عظيم ترين مذهب جو درجو ڏيئي ڇڏيو. ڪٿڪ ناچ واري گرو مهراج غلام حسين جو هم شڪل جمعو فقير جيڏانهن به ويندو هو، مختلف مذهبن ۽ فرقن جا ماڻهو سندس چوڌاري معتقدن جيان مڙي ويندا هئا، هو به پيار ۽ پاٻوهه سڀني سان ورڇيندو ۽ ونڊيندو هو. هڪڙي ڏينهن ڪنهن پُڇيس “فقير! پُٽ ڇا ڪندا اٿئي؟” چيائين: “ٻيا سڀ ڪم ڪار سان آهن، پر هڪڙو اڻ سُڌريل نڪمو ٿي پيو اٿم”. اڳلي چيس: “فقير نيٺ ڪو ڪم ته ڪندو هوندو؟” وراڻيائينس “ڪو ڪم نه ڪري سڄو ڏينهن مسيت ۾ پيو هوندو آهي. ٻُڌاءِ ته اهو ڪو سُڌريل ٿيو؟!” جمعو نالو ته ڌڻيءَ جو پيو وٺندو هُئو، پر ثابت سجدو فقط سونهن کي ڪندو هئو. شٽل ڪاڪ برقعن ۾ بند هئڻ ڪري عورتن جي جهلڪ ته ڇهين ٻارهين مهيني نصيب ٿيندي هوندس، پر جتي به ڪو خوبرو ڏسندو، اتي پنڊ پهڻ ٿي ويندو. تيسيتائين وک اڳتي نه وجهندو جيسيتائين سندس ديدار پورو نه ٿئي، ساڻس هٿ نه ملائي يا ڳالهه ٻولهه نه ڪري يا گهٽ ۾ گهٽ ٿڌو ساهُه ڀريندي چئي سگهي:“صدقو وڃانءِ، هيڏي به هڪ نظر وِڌيون وَڃُ.” اسان جو دوست ڊاڪٽر حميد گل شيخ اڄ پنجاهه جي پيٽي ۾ به لاڙڪاڻي جي حسين ترين مردن منجهه ڳڻجي ٿو. جهڙي سندس صورت سهڻي آهي، تهڙو قدرت کيس خلق جي خدمت جو درد بخشيو آهي. ويهن ورهين جي ڦوهه جوانيءَ ۾ جڏهن حميد گل ايندي ويندي کان آهون ڀرائيندو هو، تڏهن شاهي بزار جي مُهڙ ۾ سندس والد صاحب جي دڪان تي ويٺي مٿس جمعي فقير جي نظر پئجي ويئي....سمجهو ٿا ته ڇا منظر هوندو! جمعو نه فقط “زمين جُنبد نه جنبد گل محمد” جي مصداق “گل محمد” بڻجي رهيو هو، بلڪ ڇوڪر جي والد گل محمد شيخ جو به لحاظ ڇڏي ڏنائين. نيٺ شيخ کلي پڇيو: “جمعا، ڇوڪري ۾ ڀلا ڇا ڏٺو اٿئي؟” جمعي ٿڌو ساهه ڀريندي وراڻيو: “ادا شيخ صاحب، ڏسان ٿو ته قدرت واري هن ڇوڪر کي ڪيئن پاڻ ويهي ٺاهيو آهي.... رنگيءَ جا رنگ آهن، منهنجي ڪهڙي مجال! مان، ڇا ٿو ڪيانس؟ مان ته ڇوڪر کي ڏسي سندس ٺاهڻ واري کي ٿو ويچاريان.” اسان منجهان اڪثريت پنهنجي اکين سان وتايي کي نه ڏٺو، پر منهنجي دوست عنايت ميمڻ جي اها دعويٰ سؤ سيڪڙو سچ آهي ته جمعي جو ديدار ٿيڻ کانپوءِ وتايي جي درشن جي طلب باقي نه ٿي رهي. جمعي فقير زندگيءَ ۾ ڪڏهن به ڪنهن شيءَ تي بانور نه ڪيو ۽ نه ئي ڪنهن وَٿ کي بقادار سمجهيو. “هينئن به سڄڻ وهوا ته هُونئن به سڄڻ واهوا” واري ڳالهه کي ڳَرِ لائيندڙ جمعي ڪنهن سان نفرت نه رکي، نه ئي ڪا دشمني کنئي. کيس ناپسند فقط جنرل ضياءُ هئو، جيڪو بقول سندس “معشوق جو قاتل” هو. انهيءَ ناپسنديءَ کي ڀوڳيندي هو به ڄڻ ته قدرتي انصاف جي انتظار ۾ اسٽيشن تي اوڪڙو ويٺل مسافر پئي لڳو.... جيئن ئي جنرل هوا ۾ ڦلهيار بڻجي وکريو، تيئن ئي فقير پنهنجا پراڻ پرينءَ جي حوالي ڪري ڇڏيا ۽ 20 آگسٽ 1988ع تي لاڙڪاڻي جي ساهه نهوڙيندڙ گرميءَ ۾ زندگيءَ جون 80 خزائون گهاريندي، فقير سائين ابوبڪر مقام ۾ وڃي سکيو ٿي ستو. ...لوڪ کي سياستدانن، اميرن ڪبيرن ۽ وڏيرن جي سنگت تي ناز هوندو آهي، پر لاڙڪاڻي جا اهڙا بيشمار انسان آهن، جيڪي جمعي سان گهاريل گهڙيون ياد ڪري، ٿڌو ساهه ڀري سوچيندا آهن: يڪ زمانا صحبتي با اوليا بہ از صد ساله طاعت بي ريا. فقيرن سان گهاريل ڪي گهڙيون، سوين سالن جي اخلاص ڀريل عبادت کان مٿڀريون هونديون آهن سنڌي شخصيتون بلاگ جي ٿورن سان [/JUSTIFY]
جواب: وتائي فقير جو جائنشين: جمعو فقير دوستو! لاڙڪاڻي ۾ زندگي جا قيمتي سال گذاريا آهن ۔۔۔ ڄم کان وٺي بي اي ڪرڻ تائين جو عرصو ته لاڙڪاڻو ۽ لاڙڪاڻي جون گهٽيون ۽ نثار ابڙو ۔۔۔ انڪري جمعي فقير سان پنهنجي سڃاڻ به اهڙي آهي جهڙي هڪ شهر جي ۽ انجي وچ مان لگهندڙ رستي جي ۔۔۔ ايندي ويندي کيس آ به حيرت ۽ محبت مان ڏسندو رهندو هيس، ٻاجهارو انسان هو ۔۔۔ ڪتن کي ڇيڇڙا جمع ڪري ڏيڻ ۔۔۔ رستي ويندي ماڻهن کي انهن جي مان مطابق عزت ڏيڻ ۽ ماڻهن سان اليڪ سليڪ دوران سندس ٽوٽڪا لاڙڪاڻي ۾ ائين مشهور آهن جيئن سنڌ ۾ وتائي فقير جا ٽوٽڪا ۔۔۔ ڪجهه ٽوٽڪا ته آ اڳ هن اوطاق تي ونڊ به ڪري چڪو آهيان، پر اڄ جو هي سهڻو ليک ونڊ ڪري ادي مست اصل قرب ڪري ڇڏيا آهن ۔۔۔ اهي قومون هميشه تاريخ ۾ جيئريون رهنديون آهن جن جي تاريخ جيئري هجي ۔۔۔ اهي شخصيتون سنڌ جون تاريخون آهن ۽ سنڌ جو ماضي جنهن ۾ سنڌ جي سماجي حالتن جي خبر پڻ پوي ٿي ۔۔۔ تمام سهڻو ليک ۔۔۔ لک لائق ونڊ ڪرڻ جا
جواب: وتائي فقير جو جائنشين: جمعو فقير ادا مست مهرباني سنڌ جي هن درويش نما داناء تي تفصيلي ليک پڙهي خوشي ٿي پر ڏک به ٿيو ته اسان کي مانهن جو قدر ناهي۔ جمعي فقير جون ڳالهيون دانائي واريون ۽ سچ ثابت ٿيون آهن۔ اوهان جو موڪليل هي ليک بهترين مضمونن مان هڪ آهي۔ سنڌ سلامت ساٿ سلامت
جمعو فقيرعنايت ميمڻ اکيون چنجهيون، نڪ ٻاھر نڪتل، ناس ڏيڻ جو شوقين.اکين ۾ بقول ھن جي پنهنجي ته؛ “ڏوئيءَ سان سرمو پائي ٻاھر نڪرندو آھي، ته جيئن ڪنھن جي نظر نه لڳي!”.اونھاري سياري ڪوٽ پھريل. سيءَ ۽ گرميءَ جي عذاب کان آجو ھيءُ شخص، کيسي يا قميص ۾ اڳڙين جا انبار. ائين لڳندو ڄڻ، ڪنھن پير جو گهمندڙ ڦرندڙ بڙ ھجي! جنھن ۾ مرادن جون اڳڙيون ٻڌل ھجن.کلڻو ملڻو ماڻھو، مجال آ جو منھن ۾ ڪڏھن ڪو گھنج به اچيس.ڳالھائيندو گُڻي انداز سان. ڪيڏو به وڏو جملو ڳالھائيندو پر پاڻ بنھ نه کلندو، توڙي جو ماڻھو کلي کلي کيرا ٿيندا.ھي ھيو جمعو فقير. جيڪو پنھنجي ذات ۽ ڪردار ۾ درويش صفت ماڻھو ھيو.جمعي فقير کي جنھن به ڏٺو ھوندو يا ساڻس ڪچھري ڪئي ھوندي، اھو سندس پرڪشش ڳالھين ۽ نرالي گفتگوءَ کي وساري نه سگهيو ھوندو. اھي سڀ منظر ڪنھن فلم جي سين جيان، سندس سيني ۾ يقينًا محفوظ ھوندا ۽ اکين ۾ ترندا ھوندا .جمعي فقير جي گفتگوءَ ۾ ڏاھپ کي ڏنگيندڙ ڳالھيون ۽ چرچن ۾ وري چاھت ڀري چٿر جو عنصر شامل ھوندو ھيو.ھو پنندو ھيو. فقير ھيو. پر درويشي لڏي جو ماڻھو ھيو. ڳالھائڻ ٻولھائڻ جو کرو ھيو. منھنجي نظر ۾ ھو بھترين سگهڙ به ھيو. ھن جي گفتگو ۽ انداز بيان کي محفوظ ڪرڻ گهربو ھيو، پر ائين نه ٿيو! شايد ان ڪري ته ھو غريب ھيو. اسان وري ان کان وڌيڪ غريب آھيون جو کيس ياد به نٿا ڪيون.چون ٿا ته؛ “ھو حسن پرست ھيو.”ھو فطرت سان، سونھن سان، پيار ڪندڙ ماڻھو ھيو. ھو پاڻ ڪوجهو ھيو. اھو ئي سبب ھيو، جو ھو جڏھن به ڪنھن چڱي صورت واري سان ملندو ھيو ته کيس ڏسندي ئي بي ساختگيءَ منجهان چوندو ھيو: “اي مالڪ واھ جو ٺاھيو اٿسين، جي مونکي به ھن جهڙو بڻائين ھا ته ڇا ٿئي ھا؟”“اي مالڪ!” ھن جو تڪيو ڪلام ھيوھو پنھنجي مزاج ۽ جداگانا گفتگوءَ جي ڪري، ھر عمر جي ماڻھن ۾ مقبول ھيو!ھو روايتي پينو فقير نه ھيو، توڙي جو ھو پنندو به ھيو. منهنجي اندازي موجب ھن جي پنڻ جو سبب، ماڻھن سان رابطو رکڻ ھيو ۽ ائين ھو پنھنجي اندر جو اوٻر به ٻاھر ڪڍندو ھيو شايد! ھو ڀوڳ چرچي کان سواءِ رھي نه سگهندو ھيو. ھو چوندو ھيو ته؛ “فقير جو ڀلا ڪڏھن پنڻ مان پيٽ ڀريو آھي جو منهنجو ڀربو؟!!”چڱين صورتن جو متلاشي ھيو. چوندو ھيو؛ “سائين چڱين صورتن ۽ چڱن روحن سان ملڻ جي ڪري پنڻو پوي ٿو.”ھو پنھنجي شڪل شبيھ ۾ ڪوجهو ھيو، پر گفتگوءَ جي لحاظ کان ھن جهڙو خوبصورت ماڻھو مون اڄ تائين ڪونه ڏٺو آھي. ھن جي مزاج ۽ عادتن ۾ اھا شيءِ شامل ھئي ته جي، ڪجهه به کائيندي پيئندي ڪو چڱو چھرو نظر آيس ته پھرين پاڻ نه کائيندو ھيو پر، پھرين ان کي کارائيندو ھيو. ڪنھن خيرات ۾ جي چانھ يا ماني ڏنس ۽ سامھون ڪو چڱو چھرو ڏٺائين ته پوءِ کيس چوندو ھيو: “مالڪ ھن چانھ مان ڍڪ ته ڀر!”يا جي ماني ھوندس ته چوندس: “مانيءَ مان ڳڀو ته کاءُ! من تنهنجي اوبر کائي مان به تو جهڙو ٿيان.!”جمعو فقير ۽ گڏھ، ٻئي لازم ملزوم ھيا. چوندو ھيو ته؛ “ھيءَ منھنجي محبوبه آھي. سڄو شھر پنائي ٿي، رلائي ٿي، موٽ ۾ گهري ڇا ٿي؟ رڳو ھڪ مٺ گاھ جي!”جمعي فقير لاءِ گڏھ جي سواري، عجيب سواري ھئي. ڪاٺيءَ جي پائدان تي پير رکي، ڊگـهي لٺ ھٿ ۾ کڻي بي تاج بادشاھن جيان، شھر جي شاھراھن تي سواري ڪندي گذرندو ھيو.جمعي جي گڏھ جي چال، بقول ھن جي ته؛ “ڪنھن محبوبه جھڙي ھوندي ھئي.” ڪنھن چيس؛ “جمعا فقير! ھن گڏھ کي مٽاءِ! ھاڻي جهوني ٿي وئي آھي! گاسليٽ ڊپوءَ کان پاڪستاني چوڪ تائين، ڪلاڪن ۾ ٿي پھچي؟”کلندي بي نيازيءَ سان وراڻيندو ھيو؛ “مالڪ! شريف ماڻھو جنھن تي به سواري ڪندا آھن، ان کي مٽائيندا ناھن.”جمعي فقير جي، بازارن ۾ اچڻ سان ڄڻ چھچٽي جو ماحول جُڙي ويندو ھيو. ٽھڪڙا گونجندا ھيا. جمعي جا گفتا ۽ دوڪاندارن جا ٽھڪ، يقينًا ھڪ بھتر ماحول جوڙي ڇڏيندا ھيا.ھاڻي ڀلا اھڙو ماحول ڪٿي؟اڄڪلھ جي بازارن ۾ ڄڻ نحوست واسو ڪري وئي آھي.نفسا نفسيءَ جو ماحول آھي. اڳي جي ڀيٽ ۾ ھاڻوڪا سيٺ وڌيڪ شاھوڪار آھن، پر سندن چھري تي بيزاري نمايان آھي. اڄ جي بازارن ۾، اھو کل ڀوڳ ۽ چرچن وارو ماحول ئي ڪونھي. سيئو بازار ۽ شاھي بازارن ۾ اھو ڀوڳ ۽ چرچن وارو ماحول آھي ئي ڪونه. شايد سيئو بازار ۽ شاھي بازار ۾ ڀوڳ چرچي جي ٻاڙائي، ان ڪري آھي جو اڄڪلھ جمعي فقير جھڙو ڪو فقير ڪونھي.اسان جا ھاڻوڪا سڀ واپاري ڄڻ پيسن بڻائڻ جي مشين بڻجي ويا آھن. اڳي ديوان ھوندا ھيا ته دڪان جي ڀرسان ٿالھ چڻن جو ۽ پاڻيءَ جا مٽ ڀري رکندا ھيا ته جيئن آيو ويوکائي پي، ڍءُ ڪري. پر ھاڻي وارن واپارين ۾، اھا خير خيرات واري شناس آھي ئي ڪونه. رڳو پيسي ميڙڻ جو حرص اٿن. محبتون اسان جي روحن کي روڙي نڪري ويون آھن.اڳي وڏڙا چوندا ھيا: “ابا! پيسو اچڻي وڃڻي شيءِ آھي، شل عزت برقرار ھجي.!” ۽ ھاڻي ٿا چون؛ “عزت اچڻي وڃڻي شيءِ آھي، شل پيسو ھجي؟”يعني اڄڪلھ جو ماحول بلڪل ابتو ٿي ويو آھي.سو سائين زندگي گذارڻ جا معيار تبديل ٿي ويا آھن.جھڙا روح تھڙا خطما. ھاڻي ڀلا جمعي جھڙو فقير ڪٿان اچي؟ ان ڪري جهڙا اسان ماڻھون آھيون، تھڙا وري ڪاروباري فقير نرڙ ۾ لڳي ويا آھن.! جمعو فقير اسان کي اڪثر منجهند جو المدينا ھوٽل تي ملندو ھيو. کيس منجهند جي ماني اڪثر المدينا ھوٽل تان ملندي ھئي.ھڪ نان تي ٻه ٻوٽيون ۽ رھو يا دال سبزي، ھوٽل جو مالڪ کيس قرب سان ڏيندو ھيو.ھو، نانُ رَھي سان کائي، ٻوٽيون ڪُتن کي کارائيندو ھيو.جتي ڀلا ماڻھپو مئل ھجي، اتي جمعي جي ڪتن سان محبت معنيٰ خيز لڳي ٿي!گڏھ سان گڏ، شھر جا سڀ ڪتا ھن جي سڃاڻَ ھيا. ائين لڳندو ھو ڄڻ جمعو فقير ئي ڪتن جو حقيقي وارث ھجي؟!چوندا ھياسينس؛ “جمعا فقير! ڀلا ھيءُ ڪتا ساڻُ ڪري ڇو ٿو ھلين!” ٺھ پھ وراڻيندو ھيو: “مالڪ! ڪتا ماڻھن کان وڌيڪ وفادار اٿئي. بک ڏک ۾ ساڻ رھڻ وارا آھن. اڄ جا ماڻھون ته ڪتن کان به ويل آھن.”ڪتن جي ڳالھ نڪتي آھي ته لاڙڪاڻي جي ھڪ اھم شخصيت جو واقعو ياد اچي ٿو، جيڪو گاسليٽ ڊپو کان ايندي پيجارو تي سوار ھيو. ھن جي گاڏي آڏو جمعو فقير ۽ سندس ڪتا رڪاوٽ بڻيل ھيا. جمعي جي ان حرڪت تي ھمراھ کي ڏاڍي ڪاوڙ لڳي. جو ان جي دشمني به ھئي.ان ڪري ھن گاڏي بيھاري جمعي فقير کي ڪاوڙ مان چيو: “شرم نٿو اچئي! ڪتن جي لوڌ ساڻُ کڻي ٿو گهمين ۽ رستا بنھ بند ڪري ٿو ڇڏين!.”جمعي فقير کي به ھن جي رويي تي سخت ڪاوڙ لڳي، رک رکاءَ وارو ماڻھو ھيو ڪونه، سو گاڏيءَ ۾ ويٺل گارڊن ڏانھن اشارو ڪندي، چيائينس؛ “مالڪ! آھن برابر ڪتا، پر انھن کان وڌيڪ وفادار اٿئي. ڏکئي وقت ۾ اھي سڀ ڇڏي ويندئي پر ڪتا آخر تائين نڀائڻ وارا نر اٿئي!”هلندڙ
جمعو فقير 2 ان جواب تي انھيءَ اھم شخصيت جو ڪھڙو حال ٿيو ھوندو، اھو اندازو اوھان بخوبي لڳائي سگهو ٿا.سو سائين، ھنن ڳالھين ڪرڻ يا اوھان سان ڪجھ يادون ونڊڻ جو اھو مقصد آھي ته، جمعو فقير ڇڙو گداگير ڪونه ھيو، پر ڏاھپ جو اھڃاڻ به ھيو. پنھنجي دور جو بھترين سگهڙ به ھيو. ھن جو اھو سگهڙائپ وارو پھلو ئي ته آھي جنھن مون کي سندس شخصيت تي قلم کڻڻ لاءِ مجبور ڪيو.جيئن مون اڳ ۾ عرض ڪيو آھي ته؛ ھو اسان سان روزانو المدينا ھوٽل تي ڪچھريون ڪندو ھيو.جمعو ھيو فقير پر منھنجي نظر ۾ امير ترين ماڻھو ھيو. ھن جي ڳالھين ۾ عجيب قسم جو اسرار ھوندو ھيو، جيڪو اصل ۾ اندر جي دنيا کي جهنجهوڙيندو ھيو.ھڪ دفعي، معمول مطابق، گڏھ تي چڙھي ڊگهي لٺ ھٿ ۾ جهلي وڃي رھيو ھيو ته ڪا چڱي شيءِ ڏسي ورتائين. سڄو ڌيان اوڏانھن ٿي ويس . اھڙي ڪيفيت ۾ ڪنھن پڇيس؛ “جمعا پريشان آھين؟ ڪاڏي خيال اٿئي؟”جمعي فقير خيال مٽائي کلندي چيو ھيوس؛ “مالڪ! گڏھ کي ٿو ڳوليان.”پڇندڙ ٽوڪ ڪندي چيس؛ “جمعا ڇا ٿيو اٿئي؟ صفا ڪو يار درويش آھين. گڏھ تي ته ويٺو آھين.”جمعو فقير اھڙي ڪيفيت ۾ نڪ جي پڪائي ڏيکاريندي چوندو ھيو: “مالڪ! گڏھ جي سواري به عجيب سواري آھي. خبر ئي نٿي پوي ته ماڻھو گڏھ تي ويٺو آھي يا پنڌ ٿو ھلي.”ان قسم جو حاضر جواب، ڪو عام ماڻھو ٿي نٿو سگهي. اوھان ڪھڙو به سوال ڪيو، جواب کل ڀوڳ وارو ڏيندو. جنھن تي عام ماڻھو کلي پوندو ته وري سنجيدھ ماڻھو واھ واھ ڪندو!جمعي فقير جي اھا عادت ھئي ته ھو روزانو ڪورٽ جو چڪر ضرور لڳائيندو ھيو. حاضريءَ تي آيل اڪثر قيدي، کيس خيرات ڏئي، دعا جي لاءِ چوندا ھيا ته جيئن جلدي ڇٽئون/ آزاد ٿيئون.جمعو فقير اڪثر پڇندو ھين؛ “ٻروچ! ٻڌاءِ گهڻا خون ڪيا اٿئي.”جي چوندو ته؛ “فقير بي ڏوھي آھيان. مڙئي سنگت ۾ ڦاسي ويو آھيان!” کلي چوندس؛ “جي سچ ٿو ڳالھائين ته مالڪ! دير سوير ڇٽي ويندين!”پر جي چوندس؛ “فقير توسان ڪوڙ ناھي، مڙئي ڏوھ ٿي ويو آھي ته ٺھ پھ وراڻيندو: “ھيءُ الله سان اٽڪلون نه ڪر.بابا ھيءَ خيرات جي رشوت نه ڏي! تون ڪونه ڇٽندين.”ان قسم جون ڳالھيون يا گفتا ھن جي اندر جي معصوم انسان کي اجاگر ڪرڻ لاءِ ڪافي آھن. جمعو دل ۾ درد رکندڙ ماڻھو ھيو.ھڪڙو شيخ صاحب ھيو. نالو ياد ناھي. جمعي فقير کي چيڙائيندو ھيو. اھو شيخ صاحب تازو نماز پڙھي آيو ھيو. جمعي فقير ڄاڻي ٻجهي کيس چيو: “سائين مالڪ جي نالي تي ڏيندين؟ ڏھ دنيا ستر آخرت ۾ اٿئي!”ھمراھ کلندي چيس: “جمعا! جي ڏھ وٺڻا اٿئي ته کڻي وٺ! ھروبرو ستر جي لالچ ۾ ڇو ٿو اڙائين؟جمعي فقير کلندي چيس؛ “مالڪ! مان توبھ ڪئي! تون ته ڪو صفا مون جھڙو آھين. تو جھڙا ٻه ٽي ٻيا مليا ته اسان جو روزگار ئي بند ٿي ويندو.ٻروچ جي ڳالھ تي ھن جي ھڪ ٻي ڳالھ ياد اچي ٿي. کيس ھڪ ڏاڍي ماڻھو، جنھن کان لاڙڪاڻي ۾ چڱا ڀلا ھمراھ ڊڄندا ھيا، ھڪ روپيو ڏنو!جمعي فورًا نگاھ مٿي کڻي، الله ڏي اشاروڪندي چيو: “مالڪ شڪر اٿئي! اڄ ڪلھ ٻروچ به توکان ڊڄن ٿا.”جمعوفقير ڪنھن جي پرواھ نه ڪرڻ وارو ماڻھو ھيو. سچو، کرو ۽ خدا ترس ماڻھو ھيو. کيس سماجي درد، بي باڪ بڻائي ڇڏيو ھيو.ڀٽي صاحب جي، جمعي فقير سان ڏاڍ ي لڳندي ھئي. ڀٽو صاحب ھن کي ڪڏھن ڪڏھن المرتضا ھائوس ۾ به گهرائي وٺندو ھيو. جمعو فقير ڀلي وڃي ڀٽي صاحب سان ملي پر ھو پنھنجي خوداري نه ڇڏيندو ھيو.ھو جڏھن به المرتضا ھائوس ايندو ھيو ته سڪيورٽي وارا کيس روڪيندا ھيا ته جيئن ھو گڏھ سوڌو اندر داخل ٿي نه سگهي. ان رڪاوٽ تي جمعو سڪيورٽي وارن کي چوندو ھيو؛ “ابا جي ھنن گاڏين کي نٿا روڪيو ته پوءِ منھنجي گڏھ جي سواري کي ڇو ٿا روڪيو؟” ڀٽي صاحب جي اھا اھم خوبي ھئي ته ھو شھر جو چڪر ضرور لڳائيندو ھيو.ڀٽي صاحب جي حوالي سان جمعي فقير جون ڪيتريون ڳالھيون مشھور آھن.پر اڄ ڪلھ نه اھي حڪمران رھيا آھن ۽ نه ئي وري جمعي جھڙو فقير.ڀٽي جي عظمت، ان ۾ ھئي ته ھو غريب ماڻھن ۾ پاڻ کي ڳوليندو ھيو.ڀٽي صاحب رستي ويندي، ھڪڙو دفعو جمعي فقير سان چرچو ڪيو ھيو؛ “جمعا اچ ته سواري مٽايون!”جمعي فقير ھٿ ٻڌي چيو ھيس؛ “مالڪ! مان ھتي گڏھ تي چڱو آھيان. ان گاڏيءَ تي وھاري سر کڻندؤ ڇا؟”سو سائين جمعوفقير بي باڪ ماڻھو ھيو ۽ توري تڪي ڳالھائيندو ھيو. پر سندس قدر نه ٿيو. ھو سماجي نابرابري جي ھن بي رحم سماج ۾ پنھنجي وجود جي جنگ، غربت جي گهاڻي ۾ھارائي ھليو ويو. اسان مان ڪنھن جي به ڪن تي جون ڪون سرڪي.ھو مري ويو.ھو اصل ۾ لاڙڪاڻي جي سڃاڻ ھيو. جمعي فقير کان سواءِ لاڙڪاڻي جو حوالو اڌورو ۽ اڻ پورو آھي. لاڙڪاڻي ۾ يا لاڙڪاڻي کان ٻاھر، ڪٿي به جي لاڙڪاڻي واسين جو ھڪ ٻئي سان حال احوال ٿيندو يا ڪا ڪچھري ٿيندي ته اھا ڄڻ جمعي فقير کان سواءِ اڌوري ۽ اڻ پوري لڳندي.!ھو ڪيترن ئي حوالن سان، لاڙڪاڻي جي سڃاڻَ ھيو. پر ھن جو قدر نه ٿيو.ان جي ابتڙ سرڪاري ليول تي اسانجي يارن جي بي حسيءَ جي انتھا اھا آھي جو ١٠٠ سالا جشن لاڙڪاڻي ۾ ھن ويچاري جو ذڪر به نه ٿيو ۽ نه ھن تي ڪو ٽيبلو پيش ٿيو ۽ نه ئي وري ھن جي عوامي انداز کي اجاگر ڪيو ويو.ھوڏانھن وري لاڙڪاڻي مان لڏي ويل اردو دانن جي لڏي، لاڙڪاڻي کي ياد ڪندي، ڪراچيءَ ۾ جشن لاڙڪاڻو ملھايو ھيو، جنھن ۾ انجمن ترقي پسند مصنفين جي سيڪريٽري ۽ نامياري ترقي پسند شاعر ۽ ليکڪ، محترم مسلم شميم جمعي فقير جي ڪردار ۽ ان جي يادن کي ور ور ساريو ھيو ۽ لاڙڪاڻي جو ئي ھڪ اھم فوٽو گرافر محترم اڪرام جيڪو سنڌ فوٽو اسٽوڊيو جو مالڪ ھيو، جمعي فقير جي قداور تصوير کي ڪراچيءَ تائين سانڍي کڻي ويو ۽ اتي اڄ به جمعي جي تصوير، ھُن ڀٽي صاحب، ايوب خان جي ڀرسان ھڻي ڇڏي آھي. انھن ٻنھي حڪمرانن جي وچ ۾ جمعي فقير جي تصوير يقينًا ھڪ نئين خيال کي جنم ڏئي ٿي ۽ گڏوگڏ جمعي فقير جي، پنھنجي انداز جي حيثيت کي به اجاگر ڪري ٿي.مون کي ياد آھي، بلڪل چٽو ياد آھي. لاڙڪاڻي جي ھڪ اھم شخصيت گذاري وئي ھئي. جنھن جي جمعي فقير سان ويجهڙائپ ھئي/ گھرائپ ھئي. جمعو فقير، عذر خوھي لاءِ ھن جي گهر پھتو ته کيس فقير سمجهي لُنگي خيرات ۾ ڏني وئي جمعي فقير گهڻيئي نھ نھ ڪئي پر کيس اھو چئي لنگي زوريءَ ڏني وئي ته: “جمعا فقير! کپائيندين اوئين اجايو ٿووٺڻ کان انڪار ڪرين .ھو اسان کي معمول مطابق المدينا ھوٽل تي مليو ھيو ۽ اھو گرمين جو مھينو ھيو پر جمعي فقير کي لنگيءَ مان ٺھيل جبو ۽ ٽوپي پاتل ھئي. اسانکي ڏاڍو تعجب ٿيو. پڇوسينس؛ “جمعا! ھيءَ ڪھڙي پاڻ سان ويڌن ڪئي اٿئي؟” ٺھ پھ وراڻيائين: “مالڪن کي ڏيکارڻ آيو آھيان ته لنگي منھنجي يار جي ميت جي آھي. ان ڪري کپائي ناھي پر سبرائي پائي آيو آھيان.؟اوھان ان مان جمعي فقير جي خوداري ۽ حساسيت جو اندازو، بخوبي لڳائي سگهو ٿا ته ھو ڪيڏو نه وڏو ماڻھو ھيو.ھو اسانجي اکين ڏٺو واقعو آھي ۽ اھڙيءَ طرح سان جمعو فقير ڪيترن ئي واقعن ۽ قصن جو مجموعو ھيو جن کي سھيڙڻ جي ضرورت آھي.لاڙڪاڻي ۾ جن به کيس پنندي ڏٺو ھوندو، انھن يقينًا ھن جي ھٿ ۾ ھڪ وڏو جست جو جمنو ڏٺو ھوندو، پنھنجي لاءِ پيسن جي خيرات گهرندو ھيو ته وري ڪتن لاءِ ڪاسائن کان ھڏا ۽ ڇڇڙا پنندو ھيو. بحرحال ھو پنندو ھيو ۽ سندس سڃاڻ پنڻ ھيو؟ ان تي ھن کي ندامت ڪونه ھئي.گڏھ ۽ ڪتا، لٺ ۽ جست جو جمنو، سندس سڃاڻ ھيا.ھن جي نرالي ۽ دل کي ڇھندڙ گفتگو، سوچ سمجھ وارن ماڻھن لاءِ ڄڻ اثاثو ھيو.مون کي ياد آھي ته ھڪ دفعي مون کيس ڀوڳن ڀوڳن ۾ چيو ھيو؛ “جمعا ڀلا ڪڏھن عشق ڪيئي؟”ٿڌو ساھ ڀريندي چيو ھيائين؛مالڪ اھو عشق ئي ته آھي جيڪو پنائي ٿو .!نه ته ھي لٺ ۽ وٽو ڀلا تون ته کڻي ڏيکار !؟واقعي سائين اھو رتبو ۽ اعزاز، جنھن کي اسان ماڻھو برو سمجهون ٿا، جمعي جي جاگير ھيو.ھاڻي نه اھا گڏھ آھي. نه اھي ڪتا آھن. ۽ نه ئي وري جمعو فقير آھي.بس آھي ته ھڪ ياد آھي، جيڪا به جيڪڏھن اوھان جي دل من ۾ احساس پيدا ڪري وجهي ٿي ته ڄڻ منھنجو ۽ جمعي فقير جو قرض لھي پوندو.