جواب: السلام عليڪم و ياعلي مدد
سائين اوهان جا ڪروڙين قرب جو هن اڱڻ تي ڪَهي آيا الله اوهان جو اچڻ قبول ڪري ۔ الله اوهان کي تعليمي ميدان ۾ سنهريون ڪاميابيون عطا ڪري۔ اوهان جي ترقي ۾ هر رڪاوٽ کي دور ڪري۔ سائين هي اڱڻ اوهان جهڙن علم دوستن جي اوسيئڙي ۾ رهندو آهي جڏهن اهڙو دوست ايندو آهي ته دل باغ بهار ٿي ويندي آهي ۔ خزان جي موسم ۾ به بهار اچي ويندي آهي۔ سو هن موسم ۾ اسان اوهان کي ڀليڪار ٿا چؤن ۔ بيشڪ انهن سڀني ميڙن کي ميڙيندڙ سائين رشيد سمون صاحب ، سائين سليمان وساڻ صاحب سائين نثار صاحب جا پيار ڀريا ٻول تعريف جا مستحق آهن اسان انهن جا ممنون و مشڪور آهيون جن هن اڱڻ کي اجاريو آهي جي هن اڱڻ جي سٿ کي سٿين دا پيا اچن۔ اوهان کي هڪ ڀيرو وري ڀليڪار ٿا چؤن۔
وسلام