• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ويهي جنين وٽ ڏکندو ڏور ٿئي

غلام شبير ڪيريو

سينيئر رڪن
ويهي جنين وٽ ڏکندو ڏور ٿئي

205y5at.jpg


 
جواب: ويهي جنين وٽ ڏکندو ڏور ٿئي

صدقي وڃان سهڻي لطيفي لات تان ۔۔۔ سنڌ جي گهوٽ لطيف سرڪار پنهنجي ڪلام سان نه فقط روحاني مسئلا سمجهايا آهن بلڪ سماجي مسئلن تي پڻ رهنمائي ڪئي آهي ۔۔۔

انسان جي فطرت تي ٺهڪندڙ هي بيت پڻ اسانجي رهنمائي ڪري ٿو ته جنهن محفل ۾ يا جنهن سنگت ۾ يا جنهن پاڙي ۾ اوهانجا ڏک ختم ٿين ٿا، اوهانکي سڪون ملي ٿو ۽ اوهانجي روحاني پرورش ٿئي ٿي انهن ماڻهن جي ڀر ۾ اچي پنهنجا پکڙا اڏي اڇي ويهي رهجي ۔۔۔ ان ئي بيت جو ٻيو بيت جيڪو پڻ واهان ونڊ ڪيو آهي ته ان جي ابتڙ جيڪڏهن جنهن محفل ۾، سنگت ۾ يا پاڙي ۾ اوهانجا ڏک وڌن ۽ تڪليف اچي ته اها محفل ئي مٽائي وڃجي ته جيئن سڪون جي زندگي ۽ روحاني فرحت محسوس ڪري ڪاميابي ماڻجي ۔۔۔

سبحان الله حق ۽ سچ جو پيغام آهي ۔۔۔

ٿورا اوهانجي سهڻي ونڊ تي
 
جواب: ويهي جنين وٽ ڏکندو ڏور ٿئي

ادا شبير مهرباني

لطيف سائين جو تمام ڳوڙهي معنى وارو بيت ۽ ان جي ڊزائن به لاجواب۔ جيڪي ڏک ۽ سور ۽ مسئلن کي سمجهي انهن جو حل ٻڌائن انهن وٽ وڃ ٻين وٽ وڃي اجايو وقت برباد نه ڪر۔

ايندي چون آء ويندي چون ويهه
ڇڏي سارو ڏيهه اڱڻ اچجي انهن جي
 
Back
Top