پاڪستاني حڪمران ۽ وڪي ليڪس

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ muhammad طرفان آندل موضوعَ ‏12 جون 2011۔

  1. muhammad

    muhammad
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏4 مارچ 2011
    تحريرون:
    117
    ورتل پسنديدگيون:
    17
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    student
    ماڳ:
    ghotki
    وجوده حڪومت مشرف جي قدمن تي اڳوڻي صدر تي صرف ڏنڊ هڻڻ جو واعدو ڪيو:وڪي ليڪس

    واشنگٽن (مانيٽرنگ ڊيسڪ) وڪي ليڪس انڪشاف ڪيو آهي ته موجوده حڪومت پرويز مشرف خلاف ملڪ ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪرڻ ۽ ججن کي هٽائڻ واري قدمن تي صرف ڏنڊ لڳائڻ جو واعدو ڪيو هو ۽ انهي ڊيل تحت پرويز مشرف استعيفا ڏيڻ تي رضامندي ظاهر ڪئي هئي، هڪ خانگي ٽي وي چئنل موجب وڪي ليڪس انڪشاف ڪيو آهي ته آمريڪا پاڪستان کي چيو هو ته پرويز مشرف سان اڳوڻي صدر جهڙو رويو ڪرڻ گهرجي، اهو ئي ملڪ جي حق ۾ بهتر ٿيندو ۽ جيڪڏهن هن کي ملڪ ۾ رهڻ جي اجازت ڏني وڃي ته پاڪستان جي وقار ۾ اضافو ٿيندو، وڪي ليڪس مطابق اهڙو مشورو اسلام آباد ۾ مقرر آمريڪي سفير اين ڊبليو پيٽرسن صدر آصف علي زرداري کي ڏنو هو، وڪي ليڪس انڪشاف ڪيو آهي ته آمريڪا پاڪستاني قيادت کي درخواست ڪئي هئي ته اڳوڻي صدر پرويز مشرف کي استعيفا ڏيڻ بعد بدنام نه ڪيو وڃي.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو