محترم الطاف شيخ جي شروعاتي سفرنامن مان هڪ سفرنامو ”سي ئي جوڀن ڏينهن“ پڻ آهي۔ هي سفرنامو سريلنڪا جي سفرن بابت آهي جيڪي هن 1970 کان 1974 تائين ڪيا۔ سريلنڪا جيڪو ڪنهن زماني ۾ سلون جي نالي سان مشهور هو ۽ ڪولمبو شهر بابت به ڄاڻ آهي جنهن ۾ ڪيتريون ئي تبديليون پڻ آيون آهن۔ هن ڪتاب جو پهريون ڇاپو 1977 ۽ ٻيو 1982 ۾ ڇپيو۔ هن سڪتاب جو نالو شاهه لطيف جي هيٺين مشهور بيت مان ورتل آهي۔
سيئِي جوڀَنَ ڏِينهَن، جڏهن سَڄَڻَ سَفَرِ هَليا!
رُئان رَهنِ نه سُپرِين، آيَلِ! ڪَريان ڪِيئن؟
مُونکي چاڙهي چِيئَن، ويو وَڻِجارو اوهِري!
سنڌي ادبي سنگت سٽي سکر پاران هن ڪتاب کي اي بوڪ جي صورت ۾ انٽر نيٽ تي آندو ويو آهي۔