الطاف شيخ جو هي سفرنامو ”بندر بازاريون“ سندس شروعاتي سفرنامن مان آهي۔ هن ڪتاب ۾ 1974 کان اڳ جي ٿائيلينڊ، سنگاپور ۽ ملائيشيا جي سفرن جو ذڪر آهي۔ ڪتاب جو پهريون ايڊيشن 1975 ۾ ڇپيو ۽ پوء هن جا ٽي ڇاپا ڇپجي چڪا آهن۔ هن ڪتاب جو مهاڳ محترم امر جليل لکيو آهي جيڪو الطاف شيخ صاحب جي ويجهن دوستن مان آهي۔ ڪتاب جو ٽائيٽل لطيف سا۔ين جي رسالي جي هيٺين بيت مان کنيل آهي: ننگر ۽ ناڙيون پڳھه کڻي پنڌ پئا،بندر بازاريون سڃا سامونڊين ريءَ۔ محترم عبداللطيف انصاري جي ڪاوشن سان سنڌي ادبي سنگت سٽي سکر پاران هن ڪتاب کي اي بوڪ جي صورت ۾ انٽر نيٽ تي آندو ويو آهي۔ هتي ڪلڪ ڪري ڪتاب ڊائونلوڊ ڪيو
سائين فائل ڊن جي ڊائونلوڊ لنڪ ڪم نه پئي ڪري مهرباني ڪري ان کي ڏسندا۔۔۔ ان ڪتاب جي مون کي سخت ضرورت آهي۔۔