لفظن جو مصور ۽ رنگن جو شاعر طارق عالم ابڙو ڪهاڻيڪار، شاعر ۽ مصور خوبصورت ۽ من موهيندڙ احساسن کي جنم ڏئي هيڻن وجودن کي کن پل لاءِ اهڙين حسين وادين ڏانهن وٺي ويندا آهن، جتي سندن روح کي سڪون ۽ فرحت محسوس ٿيندي آهي. دنيا ۾ ڪيترائي ماڻهو هر روز جنم وٺن ٿا پر انهن مان چند ئي فرد اهڙا ٿين ٿا، جيڪي تاريخ ۾ پنهنجو نانءُ اڻ مٽ لڪير جيان ڇڏن ٿا. اهي فرد جيڪي ذهني پيڙائن جا پهاڙ لتاڙي، ڀوڳنائن جا بَحر جهاڳي تخليقي سفر جي پنڌ تي روان آهن سي يقينن تاريخ جو اهم ترين حصو آهن. سنڌ جي ويجهي ماضيءَ ۾ جيڪڏهن اسان سياست، صحافت، ادب ۽ آرٽ جي شعبن ۾ غير معمولي ڪم سرانجام ڏيندڙ شخصيتن جا نالا ڳڻائينداسين ته انهن ۾ هڪ نالو پنهنجي طرز جي منفرد ناول نگار، ڪهاڻيڪار، شاعر ۽ مصور طارق عالم ابڙي جو به نظر ايندو، جنهن پنهنجي جوڀن وارن ڏينهن ۾ ئي پنهنجي تخليقي پورهئي جي موٽ ۾ ايتريون شهرتون ماڻيون، جيڪا خواهش هر تخليقڪار جي اندر ڪنهن نه ڪنهن ڪنڊ ۾ ضرور پلجندي آهي. طارق عالم کي جيڪا شهرت ناول ”رهجي ويل منظر“ لکڻ تي ملي، سا سنڌ جي تمام گهٽ ناول نگارن جي حصي ۾ آئي آهي. پاڻ هڪ ورسٽائيل ڪهاڻيڪار ۽ خاص طور تي هائيڪي جي بهترين شاعر هجڻ کان علاوه رنگن ۽ لڪيرن سان راند ڪندڙ خوبصورت مصور پڻ آهي. سندس مصور هجڻ وارو حوالو ٿي سگھي ٿو گهڻن ماڻهن لاءِ نئون به هجي. هتي اها ڳالهه غور لائق آهي ته طارق هڪ ئي وقت هيڏن سارن مختلف شعبن ۾ ڪم ڪيو آهي، جنهن سبب سندس شخصيت جا به ڪيترائي رخ آهن. ان حوالي سان ڪو شڪ ناهي ته هو هڪ گهڻ پاسائين شخصيت آهي ۽ ڪنهن به گهڻ پاسائين شخصيت تي ڪو هڪ پيپر لکي ساڻس انصاف ڪري نه ٿو سگهجي. طارق عالم ولد محمد عالم ابڙي جو جنم 10 اپريل 1958ع تي تعلقي قمبر ضلعي لاڙڪاڻي ۾ ٿيو. 1960ع ڌاري سندس خاندان حيدرآباد ڏانهن مستقل لڏي ويو. پرائمري ۽ سيڪنڊري تعليم حيدرآباد ۽ ايم اي سنڌي ادب ۾ سنڌ يونيورسٽي ڄام شوري مان ڪرڻ بعد 1989ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ ڄام شوري ۾ ملازمت جو آغاز ڪيائين، جتي ڪيترن ئي سالن تائين مختلف ادبي ذميواريون نڀائيندو رهيو ۽ اڄ ڪلهه ٽه ماهي ”مهراڻ“ جو ايڊيٽر آهي. طارق عالم، سنڌيءَ جو منفرد اسٽائيل رکندڙ ڪهاڻيڪار آهي. هن جون ڪهاڻيون پڙهندڙن ۾ تمام گھڻيون مقبول آهن. سندس لکڻ جو ڊڪشن منفرد ۽ متاثر ڪندڙ آهي. هن جون ڪيتريون ئي ڪهاڻيون پڙهندي جسم مان سيسراٽيون نڪري وڃن ٿيون. پڙهندڙ کي هو پاڻ سان گڏ کڻي هلڻ جو فن چڱيءَ ريت ڄاڻي ٿو، جو قاري سندس اڪثر ڪهاڻيون پڄاڻيءَ تائين پڙهڻ لاءِ مجبور ٿي پوي ٿو. هن جي لکڻيءَ جي اها ئي ڪشش کيس ٻين ڪهاڻيڪارن کان اهم ۽ مختلف بڻائي ٿي. سندس ڇپيل ڪتابن ۾، ”رات سانت ۽ سوچون“ ڪهاڻيون 1979ع، ”سڃاڻپ جي ڳولا ۾“ ڪهاڻيون 1998ع، ”رهجي ويل منظر“ ناول 1984ع، ”مورن اوچا ڳاٽ“ سنڌي ۾ هائڪن جو پهريون مجموعو 1992ع، ۽ ”لنڊن تنهنجا ڪيڏا روپ“ سفرنامو 1998ع، شامل آهن. سندس معروف ٽي وي ڊرامن ۾ ”پيوند“، ”طوفان کان پوءِ“، ”چنڊ رهين ٿو ڏور“ ۽ ”ڇانورو“ وغيره شامل آهن. ”ايس او ايس“، ”سڃاڻپ جي ڳولا“، ڪوئل“، ”فريم“، ”رات سانت ۽ سوچون“ سندس مشهور ڪهاڻيون آهن. طارق عالم جي ڪهاڻين ۾ جيڪا رومانويت آهي سا پڙهندڙن جي لاءِ ڪشش جو باعث بڻجي ٿي. انهيءَ حوالي سان ئي طارق کي ”سنڌي ادب جو روميو“ پڻ سڏيو ويندو آهي. سندس ڪردار نڊر، بيباڪ، جذباتي ۽ حساس آهن، جن جي ٻولي ۽ انداز بي حد وڻندڙ هوندو آهي. طارق عالم پاڻ هڪ خوبصورت تخليقڪار آهي ۽ اهو ئي سبب آهي جو هن تخليقي ادب کي وڌيڪ اهميت ڏني آهي. ٽه ماهي ”مهراڻ“ جي ايڊيٽر جي حيثيت ۾ ذميواري سنڀالڻ کان پوءِ هن سڀ کان پهريون ڪم به تخليقي ادب کي اهم سمجھندي ان کي مناسب جڳهه ڏئي ڪيو آهي، هونئن به ادب جي ٻين شعبن جو محّور به تخليق ئي هجي ٿو، انهيءَ ڪري هن جي اهڙي آندل تبديليءَ کي پڻ اهميت جي نگاهه سان ڏٺو ويو ۽ کيس مانائتي موٽ پڻ ملي. طارق عالم جي خاندان جا اڪثر فرد آرٽ جي مختلف شعبن سان واڳيل رهيا آهن، جن ۾ سندن والد کان وٺي مڙني ڀائرن تائين خاص طور تي فنِ مصوري ۾ پنهنجي الڳ حيثيت ۽ سڃاڻپ جو اهم حوالو رکندڙ آهن. طارق نه فقط لفظن کي معنائون ڏئي مهانتا ماڻي آهي، پر هن رنگن جي ميلاپ سان به ڪيترائي شاهڪار تخليق ڪيا آهن، جن کي ڏسڻ کان پوءِ سندس ڪيل پيار ڀرئي پورهئي جو ڪاٿو آسانيءَ سان لڳائي سگهجي ٿو. سندس مَن اندر جا اُڌما (inner feelings) جڏهن ڪوري ڪئنواس تي پين ورڪ يا آئل پينٽ جي صورت ۾ پڌرا ٿين ٿا ته انهن ۾ ڪيتريون ئي ڪهاڻيون ليئا پائيندي محسوس ڪري سگهجن ٿيون ۽ اها هڪ آرٽسٽ جي وڏي خوبي هجي ٿي ته سندس رنگن مان ڪيتريون ئي معنائون جنم وٺن ۽ اها پينٽنگ ڏسندڙن کي انهن معنائن تي سوچڻ لاءِ مجبور ڪري. طارق عالم آرٽ جي دنيا ۾ وان گوگ کان متاثر آهي، جيڪو دنيا ۾ امپريشن ازم (impressionism) جو وڏي ۾ وڏو حامي هو. جيتوڻيڪ طارق عالم جو ڪم بحيثيت مصور ايڏو گهڻو منظرِعام تي آيل نه آهي پر اهو تاريخ جو اهم ۽ سانڍڻ جهڙو حصو ضرور آهي. سندس فن پارن جي نمائش 2003ع ۾ سنڌالاجي ۾ منعقد ٿي چڪي آهي. هن پنهنجي جيون سفر ۾ مذڪوره مڙني شعبن ۾ جيڪو به ڪم ڪيو آهي سو هر طرح سان ساراهه جوڳو آهي. جيتوڻيڪ طارق داد وٺڻ يا طلبڻ جو قائل نه آهي پر معياري ڪم کي ساراهه جا هار ضرور پوندا آهن. اسان جون نيڪ تمنائون ۽ محبتون ساڻس گڏ آهن ۽ منجھس اها اميد پڻ آهي ته هو انهن مختلف شعبن ۾ ايئن ئي پاڻ ملهائيندو رهي ۽ سنڌي ٻوليءَ جي جهولي ڀريندو رهي. کرڪڻا لاهي، سک نه ستا ڪڏهين، اوسيئڙو آهي، کاهوڙين کي پنڌ جو. عوامي آواز جي ٿورن سان
جواب: لفظن جو مصور ۽ رنگن جو شاعر طارق عالم ابڙو مهرباني علي اوهان سٺو ليک ونڊ ڪيو آهي سچ پڇو ته طارق تي لکڻ مون جهڙن جي وس جي ڳالهه ناهي۔۔۔۔۔۔۔ هن جي ڪهڙي ڳالهه تي لکجي، سٺي انسان تي، بهترين مصوري تي، شاعري تي، ڪهاڻين تي، ناولن تي، ڊرامن تي۔۔۔۔۔۔۔ هيڏي گهن پاسائين شخصيت هيو طارق۔۔۔ ڇني گل گلاب جا ڪيئي ڌارون ڌار، اڙي موت ميار ايڏو ساڙ سڳنڌ سان