• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

پاڪستان ۽ وڪي ليڪس

  • موضوع موڪليندڙ موضوع موڪليندڙ muhammad
  • شروعاتي تاريخ شروعاتي تاريخ

muhammad

سينيئر رڪن
12 مئي واري واقعي مشرف جي ساک کي وڏو نقصان پهچايو:وڪي ليڪس

واشنگٽن (آن لائن) وڪي ليڪس پنهنجي تازي انڪشاف ۾ چيو آهي ته ڪراچي ۾ 12 مئي 2007ع تي ٿيل تشدد واري واقعي ۾ ان وقت جي صدر (ر) جنرل پرويزمشرف جي ساک کي تمام گهڻو نقصان پهچايو، مشرف طرفان انهن واقعن جي ذميواري اتحادي پارٽي ايم ڪيو ايم بدران مخالف ڌر جي پارٽين تي وجهڻ وارين ڪوششون جو ابتو اثر ٿيو، هڪ خانگي ٽي وي چينل مطابق وڪي ليڪس طرفان جاري ڪيل دستاويز مطابق 31 مئي 2007ع تي اسلام آباد مان آمريڪي سفارتخاني واشنگٽن کي جاري ڪيل تفصيلن ۾ چيو ته 2007ع پاڪستان ۾چونڊن جو سال آهي، پاڪستان 1999ع جي مقابلي ۾ تمام گهڻو تبديل ٿي چڪو آهي، مشرف ڪجهه مهينا اڳ تائين جيترو مضبوط هو، هاڻي ناهي رهيو، ڳجهي دستاويز مطابق مشرف دور ۾ قيادت جي بحران جا 3 بنيادي سبب هئا، مشرف جي چوڌاري موجود ماڻهن چيف جسٽس جي معاملي کي تمام خراب طريقي سان هينڊل ڪيو، خصوصي طور تي احتجاج جي شروعاتي ڏينهن ۾ صورتحال تمام گهڻي خراب رهي، 11 کان 14 مئي تائين ڪراچي جي واقعن مشرف جي ساک کي تمام گهڻو متاثر ڪيو، بحران ۽ ملڪ ۾ جاري سياسي ڇڪتاڻ جي موجودگي ۾ فوج جي اعليٰ قيادت سياستدانن کي اقتدار جي پرامن منتقلي کي ضروري سمجهي رهي هئي ته جيئن پاڪستاني عوام ۽ عالمي برادري ۾ پاڪستان جي ساک ٻيهر بحال ڪري سگهجي.
 
جواب: پاڪستان ۽ وڪي ليڪس

وڪي ليڪس جيترو فساد ڦيلايو آهي ايترو ڪنهن به نه بس يار سڀ امريڪا جا حربا آهين خدا ان جي ان غرور کي الاء ڪڏنهن ٽوڙيندو
 
جواب: پاڪستان ۽ وڪي ليڪس

الله جلد ئي ظالمن کي تباه و برباد ڪري اها ئي دعا گهرندا ڪيو مظلومن کي پنهجو حق ملي
 
Back
Top