• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

مشرف جا ناقابل ضمانت گرفتاري وارنٽ جاري

محمد رمضان منڌرو

سينيئر رڪن
شهيد راڻي قتل ڪيس ۾ مشرف جا ناقابل ضمانت حتمي گرفتاري وارنٽ جاري، اثاثن جا تفصيل طلب
اسلام آباد (رپورٽ: قربان بلوچ) راولپنڊي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت جي جج رانا نثار شهيد بينظير ڀٽو جي قتل ڪيس ۾ اڳوڻي صدر جنرل (ر)پرويز مشرف جا ناقابل ضمانت حتمي گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا، سندس اثاثن جا تفصيل طلب، ڪالهه اڊيالا جيل ۾ شهيد بينظير ڀٽو قتل ڪيس جي شنوائي راولپنڊي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت جي جج رانا نثار ڪئي، جنهن دوران ايف آءِ اي جو پراسيڪيوٽر جنرل چوڌري ذوالفقار ۽ ايف آءِ اي جي ڊي جي ملڪ اقبال سميت مشرف جا وڪيل پيش ٿيا، عدالت ۾ اسپيشل پراسيڪيوٽر جنرل ذوالفقار چوڌري موقف اختيار ڪيو ته عدالت پاران سمن جاري ڪرڻ توڙي اشتهاري قرار ڏيڻ باوجود اڳوڻو صدر جنرل پرويز مشرف عدالت ۾ پيش ٿيڻ لاءِ تيار ناهي، تنهن ڪري سندس متحرڪ ۽ غير متحرڪ اثاثا ضبط ڪيا وڃن، عدالت اهڙي درخواست تي جنرل پرويز مشرف پاران اشتهاري قرار ڏيڻ باوجود پيش نه ٿيڻ تي سندس ناقابل ضمانت گرفتاري وارنٽ جاري ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي، عدالت پاران جنرل مشرف خلاف جاري ناقابل مستقل گرفتاري وارنٽ، سندس گرفتاري يا عدالت ۾ پيش ٿيڻ تائين برقرار رهندا، سرڪاري وڪيل جي درخواست تي جنرل مشرف جي ملڪيت ضبط ڪرڻ تي ڪارروائي لاءِ عدالت اڳوڻي صدر جي متحرڪ توڙي غير متحرڪ اثاثن جا تفصيل پيش ڪرڻ جو حڪم جاري ڪيو آهي، ۽ ڪيس جي ايندڙ شنوائي 25 جون تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي، ڊي جي ايف آءِ اي ملڪ اقبال عدالت کي آگاهي ڏني ته ڪيس جي جاچ ڪندڙ اڳوڻي عملدار خالد رسول کي ٻيهر جاچ آفيسر مقرر ڪيو آهي، واضح رهي ته شهيد بينظير ڀٽو قتل ڪيس جي گذريل شنوائي دوران راولپنڊي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت سمن تعميل نه ڪرڻ تي اڳوڻي صدر جنرل پرويز مشرف کي اشتهاري ڏوهاري قرار ڏيندي، سندس اشتهاري هئڻ بابت مختلف اخبارن ۾ اشتهار ڪرڻ جا حڪم جاري ڪيا هئا پر ان جي باوجود جنرل مشرف پاران عدالت ۾ پيش نه ٿيڻ تي دهشتگردي ٽوڙ عدالت سندس خلاف ڪالهه ناقابل ضمانت حتمي گرفتاري وارنٽ جاري ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي.

روزاني ڪاوش
 
جواب: مشرف جا ناقابل ضمانت گرفتاري وارنٽ جاري

ادا پاڪستاني فوجي مارجي ويندا آهن (جيئن ضياء) پر ڪڏنهن به جيل ۾ ناهن پوندا۔ اهي وارنٽ ڀلي پيا نڪرن پر مشرف هڪ سابقه فوجي آهي ۽ هن فوج جي ملڪ پاڪستان (ٻين ملڪن ۾ ملڪ جي فوج هجي ٿي) ۾ ڪنهن فوجي کي سزا اچي اهو ممڪن ناهي۔
 
جواب: مشرف جا ناقابل ضمانت گرفتاري وارنٽ جاري

ادا پاڪستاني فوجي مارجي ويندا آهن (جيئن ضياء) پر ڪڏنهن به جيل ۾ ناهن پوندا۔ اهي وارنٽ ڀلي پيا نڪرن پر مشرف هڪ سابقه فوجي آهي ۽ هن فوج جي ملڪ پاڪستان (ٻين ملڪن ۾ ملڪ جي فوج هجي ٿي) ۾ ڪنهن فوجي کي سزا اچي اهو ممڪن ناهي۔

ادا جيڪڏهن حڪمران سچائي ڏيکارين ته ناممڪن به ممڪن ٿي سگهي ٿو
 
Back
Top