جواب: ڪورل پليئر!
ادا حفيظ جيسيتائين مان ڄاڻان ٿو ته اهڙيون موويز جيڪي ڪجهه وقت هلڻ کان پوءِ ايرر ڏينديون هجن ۔۔۔ فيڪ موويز چورائينديون آهن۔۔۔
مطلب ته ڪجهه ماڻهون ٻين کي تنگ ڪرڻ خاطر ٽورنٽ کي استعمال ڪري ڪجهه فيڪ موويز اپلوڊ ڪندا آهن ۽ پروگرامنگ ۾ اهڙا ڪوڊ شامل ڪنديون آهن ته ٻن منٽن کان پوءِ ڪجهه ڊائونلوڊ ڪرڻ لاءِ چيو وڃي ۔۔۔ يقينن دعوت ڏيندڙ ڊائونلوڊ ۾ وائرس هوندو ۽ توهان جو ڪمپيوٽر ان کان متاثر ٿيندو۔۔۔ يا وري ڪورل پليئر پرچيز ڪرڻ جي نالي تي توهان جي ڪريڊٽ ڪارڊ مان پيسا وصول ڪيا ويندا ۽ موٽ ۾ توهان کي ڪو به سافٽوئير نه ملندو۔۔۔
اهو دراصل وڏو ڌوڪو ڏيندڙ ايرر آهي۔۔ جنهن جو حل اهو آهي ته اهڙي ڪابه وڊيو نظر انداز ڪريو جيڪا ڊائونلوڊ ڪرڻ کان پوءِ سائيز 10 ميگا بائيٽ تائين ڏيکاري ۔۔ ظاهر آهي اها مووي نه هوندي يا وري صرف ٽريلر هوندو۔۔۔ يا وري بهتر رهندو ته توهان سموريون موويز وي ايل سي پليئر ۾ هلايو ۔۔۔ جيڪڏهن مووي درست هوندي ته هلي ويندي ۽ جي ڪوڙي هوندي ته نه هلندي يا وري آڊيو ۾ هلندي۔۔۔ مطلب ته اهڙين ڪوڙين موويز کي نظر انداز ڪريو ۽ درست لنڪ تان ساڳي مووي ڊائونلوڊ ڪريو۔۔۔
وڌيڪ جيئن ته آ ٽورنٽ گهٽ استعمال ڪندو آهيان ان ڪري اهڙن ايررس کان ناواقف آهيان۔۔ بهتر رهندو ته توهان ان ايرر جي اسڪرين شاٽ وٺي موڪليو ته جيئن درست حل ڳولي سگهجي۔۔۔