• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

اچو ته بشر مان انسان بڻجئون (نور احمد ميمڻ)

سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر
انتظامي رڪن
لائيبريرين
سنڌيڪا اڪيڊمي جي چيئرمين محترم نور احمد ميمڻ جو لکيل هي ڪتاب ”اچو ته بشر مان انسان بڻجئون“ هڪ بهترين نصيحتن سان ڀريل ڪتاب آهي۔ جنهن ۾ اسلام جي نظر سان ٻڌايل آهي ته ڪيئن پنهنجي رهڻي ڪهڻي ۽ سماجي قدرن کي بهتر بڻائجي۔

محترم اشفاق احمد ٽالپر جي ڪمپوزنگ ٿيل آهي ۽ وائس آف سنڌ جي ويب سائيٽ تي اي بوڪ جي صورت ۾ متعارف ڪرايل آهي۔


 
تمام سٺو ڪتاب آهي، هن جي هارڊ ڪاپي به مون وٽ آهي، اڄ اوهان جي ٿورن سان سافٽ ڪاپي به ملي ويئي، مهرباني۔۔
 
images


هون ته سنڌ ڌرتي جو هر شهر شهر واهڻ واهڻ، چپو چپو، سون برابر آهي، ۽ سنڌ جي هر ننڍي وڏي شهر جي پنهنجي خوشبوء آهي۔مگر هت اسان جنهن شهر جو ذڪر ڪرڻ ٿا چاهيون اهو آهي پريا لوء
ڀريالوءِ / پريالوءِ: اصل ۾ڀريالوء ڀريا= ذات جو نالو + لوءِ =ڳوٺ آهي.ڀريا ذات جي ماڻھن جو ڳوٺ هو، بعد ۾ پير صاحب پاڳاري انکي مخدوم محمد اسماعيل جي درگاهه سببان ”پريان لوءِ“ (محبوبن جو ڳوٺ) سڏيو، جو نالو ھينئر مروج آھي. ھي ڳوٺ ضلعي خيرپور ميرس جو اھم ڳوٺ آھي. پريالوءِ ۾ مشهور عوامي راڳي سرمد سنڌيءَ پڻ جنم ورتو. شڪيل پريالوي، سيرت تي سهڻي انداز ۾ ڪم ڪندڙ عالم محقق نثار احمد جوڻيجو پريالوئي ۽ سجاد ميراڻي هن شهر جا ناميارا اديب ۽ شاعر آهن. ان کان علاوه سنڌي ٻولي ۽ سنڌي ادب جو خدمتگار سائين نور احمد ميمڻ صاحب به(سنڌيڪا اڪيڊمي ڪراچيءَ جو مالڪ) هن شهر جا جنم وٺندڙ خاموش سنڌي ٻولي جا خدمتگار آهن۔ نور احمد ميمڻ صاحب ذاتي ڪردار ۽ اخلاق جا به بهترين مثال آهن، نور احمد صاحب جن سنڌي ٻولي ۾ تمام وڏو ڪم ڪيو آهي۔ ۽ اهڙا ته انيڪ ڪتاب سنڌي ماڻهون تائين پهچايا آهن جن جي سنڌي ماڻهون کي اشهد ضرورت هئي۔نور محمد صاحب هون ته سنڌيڪا جي هر ڪتاب تي پنهنجا پيش لفظ لکي ڪري سنڌي ٻولي ۾ پنهنجي فڪر کي ٻين تائين پهچائيندا رهندا آهن۔ مگر سندس هڪ ڪتاب ”اچو ته بشر مان انسان بڻجئون“ پڻ لکيل آهي جيڪو اسان جي دوست مهترم سليمان وساڻ صاحب سنڌ سلامت جي فورم تي ونڊ ڪيو آهي۔جنهن ڪتاب ۾ بهترين نصيحتون ڀريل آهن۔۔ جنهن ۾ اسلام جي نظر سان ٻڌايل آهي ته ڪيئن پنهنجي رهڻي ڪهڻي ۽ سماجي قدرن کي بهتر بڻائجي۔
سنڌيڪا اڪيڊميءَ جومختصر تعارف۔

سنڌيڪا اڪيڊميءَ جو بڻياد ٢٦ سيپٽمبر ١٩٩١ع ۾ پيو جنهن جو مقصد هو ته سنڌيءَ جي مختلف fields ۾ معلومات ۽ تحقيقات جي حوالي سان ڪم ڪرڻ جي حوصله افزائي ڪئي وڃي.​
اڪيڊميءَ جو بنياد جناب نور احمد ميمڻ وڌو، جيڪو سياسي اڳواڻ ۽ مبصر ۽ پبلشر آهي. هن ڄاتو پئي ته هڪ اهڙو ادارو جيڪو سرڪاري ڪامورن جي ڀول ڀلين جي ور چڙهيل هوندو سو سنڌي ٻوليءَ جي جوڳي خدمت ڪو نه ڪري سگهندو جنهن جي هن جديد ۽ ترقي يافته دور ۾ ضرورت آهي. تنهنڪري ضروري هو ته هڪ غير منافعه بخش ادارو وجود ۾ آندو وڃي جيڪو والنٽيرلي بنيادن تي ڪم ڪري، تنهنڪري هيءُ ادارو وجود ۾ آيو۔۔۔ هي تمام مناست اگهه تي ڪتاب پڙهندڙن تائين پهچائي تمام وڏو ڪم ڪري رهيو آهي۔۔۔۔ سندس آفيس آٽو پلازه مارسٽن روڊ ڪراچي تي آهي۔
 
Back
Top