کوسو
سينيئر رڪن
محترم پيرعلي محمد شاه راشدي مرحوم
( روزنامه جنگ ڪراچي )
ان جي موڪلائي وڃڻ بعد هاڻي اکيون واجهائين ٿيون ته ڪو هن جهڙو بااصول ، راست گو ۽ مستقل مزاج شخص ڪٿي نظراچي ـ مڃان ٿو ته خدا جي هن وسيع دنيا ۾هاڻي به گهڻا ئي اهڙا ماڻهو هوندا ، پر مان ڇا ڪريان ، پاڻ ڪوتاه نظر واقع ٿيو آهيان ـ مان ته شايد ڊگهي عرصي تائين چوندو رهان ـ
اي وي اودهو تيري بنا متهرا نگري اداس
( روزنامه جنگ ڪراچي )
محمدامين کوسو
مـحـمـدامين مرحوم ، انهن ماڻهن مان هو جن جي باري ۾ اڄ کان پنجاه سالن کان پوءِ هي سوچي به نه سگهبو ته اهڙا انسان به ڪڏهين هن زمين تي گهميا هئاـ اڄڪلهه جنهن تيزي سان انسانيت يا انساني قدرن جي گهٽتائي ٿي رهي آهي اهو ڏسي هڪ ڏينهن ايندو ته ماڻهو امين جهڙي انسانن جون ڳالهيون انهيءَ انداز سان بيان ڪندا جنهن انداز ۾ ملائڪن ۽ پرين جا قصا ۽ ڪهاڻيون هن وقت ٻارن کي ٻڌايون وڃن ٿيون ـان جي موڪلائي وڃڻ بعد هاڻي اکيون واجهائين ٿيون ته ڪو هن جهڙو بااصول ، راست گو ۽ مستقل مزاج شخص ڪٿي نظراچي ـ مڃان ٿو ته خدا جي هن وسيع دنيا ۾هاڻي به گهڻا ئي اهڙا ماڻهو هوندا ، پر مان ڇا ڪريان ، پاڻ ڪوتاه نظر واقع ٿيو آهيان ـ مان ته شايد ڊگهي عرصي تائين چوندو رهان ـ
اي وي اودهو تيري بنا متهرا نگري اداس