استاد بخاري جي شاعري خاص ڪري سندس قطعا هن ڪتاب ”بخاريء جا قطعا“ ۾ شامل آهن۔ مجازي عشق جي بهترين شاعريء سان گڏ قومي شاعريء ۾ به استاد جو هڪ پنهنجو نرالو انداز آهي۔ جي جهنگ ڪندو تنگ ته ساڙي اچبو،هوندو جي بيابان ته لتاڙي اچبو،او منزلِ مقصود ، هي واعدو آهيآيو جي اڳيان اُڀ ته به ڦاڙي اچبو هن ڪتاب جي ڪمپوزنگ محترمه شبانه ٽالپر ڪئي آهي ۽ وائيس آف سنڌ پاران اي بوڪ جي صورت ۾ متعارف ڪرايو ويو آهي۔ هتي ڪلڪ ڪري ڪتاب ڊائونلوڊ ڪيو
جواب: بخاريء جا قطعا (استاد بخاري) هاڻ ته استاب بخاري جا ڪتاب اچي ويا سنڌ سلامت جي لائبريري ۾ انڪري ٻه فائدا ٿيندا ۔۔۔ طاهر جو اعتراض ختم ۽ پريي جا اوچتو ونڊ به گهٽ ٿي ويندا جنهن سبب طاهر ۽ پريي جي وچ واري سرد جنگ ختم ٿي ويندي ۔۔۔ ڪيئن ٿيو نه فائدو ۔۔۔ وساڻ هر ڪم سوچي سمجهو ڪندو آهي!!!
ضلعي دادو هميشه وڏيون شخصيتون پيدا ڪيون آهن۽ انهن شخصيتن مان سنڌ جو عظيم عوامي شاعر ۽ عظيم انسان سيد احمد شاه استاد بخاري پڻ هڪ آهن .احمد شاه استاد بخاريٌء هڪ عظيم انسان ء عظيم فقير صفت شاعر هوسندس شاعري هر طبقي ۾ ٻڌي ء پڙهي وڄي ٿي، استاد بنيادي طرح هڪ سونهن پسند شاعر هو، مگر کيس سنڌه سان بيحد محبت ء پيار هو، دادو سان ته عشق هو، استاد بخاري جو هي ڪتاب پنهنجي نويت جو هڪ منفرد ڪتاب آهي، جنهن ۾ بخاري صاحب جا هر عنوان تي قطعا موجود آهن۔ هي ڪتاب مون تقريبن ڏهه سال پهرين خريد ڪيو هو، مگر هن ڪتا ( برقي ڪتاب صورت ) جو هي فائدو آهي ته مان هن ڪتاب کي واندڪائي واري ٽائيم ۾ آفيس ۾ ويهي ڪري به پڙهي سگهندو آهيان۔ سنڌ سلامت جي برقي ڪتابن تي محترم دوست سليمان وساڻ صاحب تمام گهڻي محنت ڪئي آهي، جنهن جي جيتري تعريف ڪجي اها گهٽ آهي، سليمان وساڻ صاحب جي هن محنت ۽ ڪوشش تي مون هڪ مضمون پڻ سنڌ سلامت تي ونڊ ڪيو آهي جنهن ۾ سليمان وساڻ جي ونڊ ڪيل هنن برقي ڪتابن تي ڪجهه معلومات ڏنل آهي۔ سنڌ سلامت ڪتاب گهر جي اهميت ۽ سنڌي ٻولي لاء ڪيل خدمتون
نه گناهه آهيون، نه ثواب آهيون اسين ته ڏينهن ڏٺي جا خواب آهيو. اکيون بند ڪرين ته ڪنڊا ئي ڪنڊا ، جي کولين ته گلاب آهيــــــــــون. جي نه پڙهين ته آهيون ڪورا ڪاغذ، جي پڙهين ته ڪئين ڪتاب آهيون، بس يار ڪريون ٿا اوهانجي غلامي نه ته استاد اسين پاڻ نواب آهيون
هي ڪتاب سنڌ سلامت تي رکڻ لاِ ادا سليمان جس لهي پر voice of sindh تي جستجو لاتقنطو ڪتاب به هو اهو به ھتي ونڊيدا ته مهرباني ٿيندي