جڏهن اسان جي سنڌ سلامت ۽ فيس بُڪ جو پيارو دوست نبي سوهو ۽ سندس ننڍو ڀاءُ لاڏا(گهوٽ) ٿيا [JUSTIFY]پيارا سنڌ سلامت جا ساٿيو السلام عليڪم ، جيئي سنڌ، دوستو جيئن ته هي دنيا هاڻي هڪ گلوبل وليج بڻجي چُڪي آهي جيڪو به دوست چاهي سنڌ ديس ۾ هُجي چاهي سنڌ کان ٻاهر هُجي ان دوست سان آڱرين جي ٽچ تي ملاقات ڪري سگهجي ٿي ان سان حال احوال اوري سگهجي ٿو، ان جي غمين خوشين ۾ شرڪت ڪري سگهجي ٿي، مونکي سنڌ جي گهوٽ لاکيڻي لطيف سائين جو سدا ملوڪ بيت ياد پيو اچي ته[/JUSTIFY] ڪنول پاڙون پاتال ۾ ڀونئر ڀِري آڪاس، ٻنهي سنڌي ڳالهڙي رازق آندي راس تنهن عشق کي شاباس جنهن محبتي ميڙيا [JUSTIFY]ٽي ڏينهن پهرين مون پنهنجي هڪ شاعريءَ جي ونڊ چترڪاري جي صورت ۾ فيس بُڪ جي سڀني سنڌي ساٿين سان ونڊ ڪئي هُئي، انهي شيئرنگ ۾ ڪامينٽس ڏيندي اسان جي دوست محترم نبي سوهو جيڪو اسان جي سنڌ سلامت جو ميمبر پڻ آهي مونکي سندس شاديءَ ۾ شرڪت جو نيوتو ڏنو، ته سائين منهنجي شادي ميرپور بٺورو شهر ۾ ٻارهين جون ڏينهن جو 12هين وڳي ٿي رهي آهي، مونکي تمام گهڻي خوشي ٿي ته انهن فيس بُڪ ۽ سنڌ سلامت جي محبتي دوستن کي لک شاباسون ۽[/JUSTIFY] [JUSTIFY]مُبارڪون جيڪي پنهنجي خوشين ۾ شريڪ ڪرڻ لاءِ انتهائي محبتن سان اسان کي سنيها موڪلي اسان سان پنهنجون خوشيون شيئر ڪن ٿا، جيئن ئي اهي رمارڪس مون پڙهيا کيس چيم ته ادا نبي سوها تنهنجون مهربانيون جو شاديءَ جي ڀت جي دعوت ڏني انشاالله ضرور شرڪت ڪندس ۽ دوستن کي ٻُڌائيندو هلان ته ادا نبي سوهو سان منهنجي ڪڏهن به ملاقات ٿيل ڪونه هُئي سو تمام گهڻيون دعائون ڏيندي نبي سوهو سان سندس شاديءَ جي خوشين ۾ شريڪ ٿي ضرور ان محبتي دوست سان ملاقات ڪندس، ان کان اڳ ۾ اسان جي دوست محترم عاجز اجنبي جيڪو فيس بُڪ تي انتهائي فعال آهي ۽ سنڌ ۽ سنڌين سان حد کان وڌيڪ پنهنجي وفا کي واريندو نظر ايندو آهي ان مونکي ٻُڌائي ڇڏيو هو ته هو به ادا نبي سوهو جي شادي ۾ شرڪت ڪندو انهي بهاني سان عاجز اجنبي سان به ملاقات جو سُنهري موقعو ملي رهيو هو، دوستن کي سُڌ هُجي ته منهنجي شهر ٽنڊو محمد خان کان ميرپور بٺورو ضلع ٺٽو جو مفاصلو صرف پنجاهه ڪلو ميٽرن جي مفاصلي تي آهي، جيئن ته اڄ 12 جون 2011 آچر جو ڏينهن هو سو صُبح کان ئي ادا نبي سوهو جي شاديءَ ۾ شرڪت ڪرڻ جون تياريون ڪري رهيو هُئس تياري ڇا هُئي بس وهنجي سهنجي ماسات سڳوري جا استري ڪيل ڪپڙا پائي ڪئميرا کڻي وڃڻ وارو هُئس ته منهنجي در تي ٺيڪ صُبح جو ساڍي ڏينهن وڳي ٺڪ ٺُڪ ٿي ٻاهر نڪتس ته دروازي تي هڪ ڪنڌار مُڙس رنگ سانورو مونکي ڀاڪرين پئجي ويو آ، ها! ادا عاجز اجنبي ته ڪونه آهين ؟، چوڻ لڳو جي سائين بلڪل مان عاجز اجنبي آهيان. مان وري کيس ڀاڪرين پئجي ويس، چيو مانس ته سائين بس ڪجهه مڙئي اسان جو جل پاڻي پيو مان تيار آهيان هلون ٿا، سو کيس منهنجي گهر جو مٿيون ڪمرو خالي ڪرائي اتي ويهاري هيٺ لهي آيس منهنجي هٿ ۾ منهنجي ڊجيٽل ڪئميرا ڏسي ادا عاجز اجنبي ڏاڍو خوش ٿيو چوڻ لڳو ته سائين توهان ته دلين جون ڳالهيون به پڙهي ويندا آهيو، جو توهان ادا نبي سوهو جي شادي جون تصويرون ڪڍڻ لاءِ هي ڪئميرا کڻي هلي رهيا آهيو، آئون به توهان کي ڪئميرا کڻي هلڻ جو چوڻ وارو ئي هُئس ، مون کيس چيو ته اسان جي فيس بُڪ جي محبتي دوست جي شادي آهي ان جي شاديءَ جون تصويرون ته ضرور ڪڍنداسين ۽ فيس بُڪ جي سڀني محبتي دوستن کي ضرور شيئر ڪنداسين ايتري منهنجو سڀ کان ننڍو پُٽ ڪاشف علي ٿڌي پاڻي جي بوتل گلاسن سميت کڻي آيو پاڻي گڏجي پيتوسين ٿوري دير کانپوءِ ڪاشف پيپسي جي بوتل کڻي آيو اها بوتل ادا عاجز اجنبي پيتي ان کان پوءِ اسان الله جو نالو وٺو ميرپور بٺورو وڃڻ لاءِ نڪتاسين جيئن ته ادا عاجز اجنبي اڳ ۾ ئي هڪ ٽيڪسي حيدرآباد مان ڪرائي تي ڪري آيو هو سو ان ۾ ويٺاسين مونکي تمام گهڻي خوشي پي ٿي، اڄ منهنجون ٻه تمنائون هڪڙي محبتي دوست ادا عاجز اجنبي سان ملڻ جي ۽ ٻي ادا نبي سوهو سان ملاقات ڪرڻ واريون پوريون ٿي رهيون هيون، جيئن ته پنجاهه ڪلو ميٽر جو مفاصلو ايترو وڏو ڪونه هو سو هڪ ڪلاڪ ۾ اسان ميرپور بٺورو شهر ۾ پهچي وياسين ان دوران ادا عاجز اجنبي جهڙي تمام محبتي ، جاکوڙي ۽ کاهوڙي دوست سان ڪچهري ٿيندي رهي، اسان جي ڪچهري جو عنوان صرف سنڌ ڌرتي هُئي جيجل سنڌ ۽ سنڌي ٻوليءَ جي مٿان پنهنجو پاڻ کي وار ڪري سنڌ ڌرتي سان نينهن ۽ ناتو نڀائڻ جي هُئي، اتي خبر پئي ته ادا نبي سوهو جي شادي گرلز مين پرائمري اسڪول ميرپور بٺورو ۾ هُئي، شادي ۾ اسان جي آجيان ڪرڻ وارن وڌي اسان کي ڀليڪار چئي هڪڙي هال ۾ گهڙياسين ته ادا نبي سوهو ۽ سندس ڀاءُ ماشاالله گهوٽ بڻيو سنڌي اجرڪ ڪلهن ۾ وجهيو مٿي تي سنڌي ٽوپي پايو سنڌي دوستن جي جهرمٽ ۾ چوڏهين جي چنڊ جيان جرڪي رهيا هُئا، ماشاالله هنن ٻنهي سنڌي گهوٽن جي سُونهن جو ڇا بيان ڪريان اصل سندن سُونهن تجلا تجلا ٻهڪي رهي هُئي، دل مان بي اختيار دعائون نڪري رهيون هيون ته شل سنڌ جو هر سپوت گهوٽ ٿئي، هو پنهنجون ونيون ماڻين ۽ سنڌ امڙ جي هَنجَ سدائين سائي رهي، ۽ دل کين بد نظر کان بچائڻ جون دعائون به گهري رهي هُئي آئون ۽ ادا عاجز اجنبي گڏجي ٻنهي گهوٽن جي سامهون وڃي بيٺاسين ، جيئن ته ادا عاجز اجنبي ۽ ادا نبي سوهو جي شايد اڳ ۾ به ملاقات ٿيل هُئي ، سو ادا نبي سوهو گهوٽ وڌي اچي عاجز اجنبي سان ڀاڪر پاتو، جڏهن منهنجي واري آئي وڌي اچي مون ادا نبي سوهو کي ڀاڪر وجهي مُبارڪون ڏنيون ته ادا نبي سوهو ذهن تي زور ڏيئي چيو اڙي سائين نثارناز، مون ڏٺو ته گهوٽ نبي سوهو جو چهرو خوشي وچان ٻهڪي پيو ، تمام خوشيءَ مان وري دوباره ٻکين پئجي ويو پنهنجي ننڍي ڀاءُ کي خوشي مان ٻُڌائڻ لڳو ته هي اسان جي فيس بُڪ جو دوست سائين نثاراحمدناز آهي، پوءِ ته جيڪي کيس شاديءَ جون مُبارڪون ڏيڻ پي آيا انهن کي بار بار ادا نبي سوهو ٻُڌائي رهيو هو ته هي اسان جي فيس بُڪ جا ساٿي سائين نثارناز ۽ ادا عاجز اجنبي آهن ڪافي ڪچهري ٿي، جيئن ته بقول شاعر جي ته کانا مليگا پينا مليگا ادا نبي سوهو جي شادي آ سڀ ڪجهه مليگا، ماني جنهن کي اسان سنڌي پيار مان شاديءَ جو ڀت چوندا آهيون سو لڳي چُڪوهو، گرمي به چڱيرڙي هُئي، سو بسم الله چئي ادا نبي سوهو جي شاديءَ جو ڀت کاڌوسين ، شادي جي ماني کائي فارغ ٿيڻ کان پوءِ ڪافي دوست جيڪي هن وقت فيس بُڪ تي انتهائي ايڪٽو آهن اهي به اسان سان ملاقات ڪرڻ آيا انهن سڀني دوستن جو زور هو ته اڄ رات رهي پئون ته ڪچهري وغيره ڪريون پر جيئن ته سڀ دوست شادي جي ڪم ڪار ۾ مصروف هُئا ۽ واندي ٿيڻ کانپوءِ يقينن هنن کي آرام گهربل هوندو سو انهن دوستن کي اسان چيو ته وري ڪنهن ٻي ٽائم تي اينداسين في الحال اسان کي اجازت ڏيو، سو نبي سوهو ۽ سندس ڀاءُ کان موڪلايوسين موڪلائڻ مهل مونکي ياد آيو ته فيس بُڪ تي سنڌ جي گهوٽ لطيف جي فلسفي ۽ ان جي شاعري تي جاکوڙ ڪرڻ وارو فيس بُڪ تي جيئي لطيف وارو ڪارنر هلائڻ وارو دوست سائين علي شاهه به بٺورو شهر جو آهي سو نبي سوهو کي چيم ته سائين علي شاهه جو نمبر هُجي ته ٻُڌايو ادا نبي سوهو فوري سائين علي شاهه جو نمبر ملائي مونسان ڳالهرايو سائين علي شاهه تمام گهڻو خوش ٿيو چوڻ لڳو ته آئون توهان جو انتظار پيو ڪريان احمد شاهه پاڙي ۾ پارڪ جي سامهون ، ادا عاجز اجنبي به چيو ته سائين علي شاهه سان ضرور ملاقات ڪنداسين اسان گهوٽن کان موڪلائي روانه ٿياسين سائين علي شاهه سان ملڻ لاءِ پنجن منٽن ۾ پهتاسين ته سائين علي شاهه پنهنجي دُڪان تي اسان جو شدت سان انتظار ڪري رهيو هو اسان کي ڏٺائين ته وڌي اچي ڀاڪرين پئجي ويو، فوري طور تي هن منرل واٽر جون يخ ٿڌيون بوتلون گهرايون، ان کان پوءِ وري سائين ڪولڊ ڊرنڪ گهرائي جيڪي اسان سڀني گڏجي پيتي، ان دوران جيئي لطيف واري ڪارنر جي باري ۾ لطيف سائين جي بيتن جي باري م ڳالهه ٻول هلندي رهي، ان دوران سائين علي راضي فقير الائي غازي فقير جي هٿ اکر لکيل قلمي شاعري کڻي آيو، انهي شاعريءَ جي قلمي نسخي جو ديدار ڪرڻ کانپوءِ ائين محسوس ٿيو ڄڻ منهنجي ورهين جا ٿڪ لهي پيا هُجن ، ايتري ۾ سائين علي شاهه چيو ته هن شاعريءَ جي قلمي نسخي جي فوٽو اسٽيٽ ڪاپي ڪري ضرور توهان کي ڏيندس، مون کيس جواب ڏنو ته جيڪڏهن توهان اهو قلمي نسخو فوٽو اسٽيٽ ڪرائي ڏيندا ته اهو منهنجو وعدو آهي ته ان نسخي جي ڪمپوزنگ ڪري بٽر ڪڍائي توهان کي ڏيندس باقي پرنٽنگ توهان پاڻ ڪرائجو، سائين علي شاهه تمام گهڻو خوش ٿيو، هاڻي اسان جي ٽيڪسي جو ڊرائيور اسان کي اشارا ڪري رهيو هو ته سائين هاڻي هلو، اسان سائين علي شاهه کان موڪلايو ته هُن به تمام گهڻو زور وڌو ته سائين اڄوڪي رات رهي پئو ته ڪچهري ڪريون اسان کيس چيو ته وري ڪنهن ٻي ڏينهن توهان وٽ يا توهان اسان وٽ ٽنڊو محمد خان ضرور ملنداسين، سو يارو ياري ڪري اچي ٽيڪسي ۾ ويٺاسين ته ادا عاجز اجنبي چيو ته سندس چاچو محمودا واهه تي رهندو آهي سو ڪافي دير کان موبائل ڪالون پيو ڏي ۽ ميسيج پيو اماڻي ته اسان ان سان ملي پوءِ وڃون جيئن ته محمودا واهه ميرپور بٺوري کان سجاول روڊ تي 10 منٽن جي مفاصلي تي هو، اتي انهي ڳوٺ پهتاسين ته ادا عاجز جو چاچو اسان جو انتظار ڪري ڪري ميرپور بٺورو هليو ويو آهي ، سو ادا عاجز اجنبي کي چيم ته هاڻي هلون ٿا واپس پنهنجي ماڳن ڏانهن شام جا پنج وڳي چُڪا هُئا ادا عاجز اجنبي جي موبائل جي بيٽري ڊائون ٿي چُڪي هُئي سو هڪڙي ڪال ڪرڻ لاءِ منهنجي موبائل جي گهر ڪيائين مون کيس چيو ته منهنجي موبائل ۾ بيلنس ڪونهي اڳيان صوفي شاهه عنايت جو تاريخي شهر جهوڪ اچي رهيو آهي ان مان ايزي لوڊ ڪرايون ٿا، ميرپور بٺوري کان واپس ٽنڊو محمد خان روڊ تي تاريخي شهر جهوڪ به ڏهن منٽن جي مفاصلي تي آهي اتي پهچي مون پنهنجي موبائل ۾ ايزي لوڊ وارو بيلنس لوڊ ڪرايو ادا عاجز اجنبي کي چيم ته وٺو هاڻي توهان جي دل جتي به چاهي توهان منهنجي موبائل ذريعي ڪال ڪري سگهو ٿا، ادا عاجز اجنبي ٿوري دير منهنجو موبائل هٿ ۾ رکي مونکي وري واپس ڪندي چيو ته سائين هاڻي اها ڪال ضروري ڪونهي ، ايتري ۾ منهنجي هڪڙي سرمست دوست جي موبائل ڪال آئي اهو دوست مون تي هڪڙي شاعري ۾ پسند جي حساب سان ترتيب تي ڪاوڙ جو اظهار ڪري رهيو هو۽ مونکي ڌڙڪا ڏيئي رهيو آهي، مان صرف جي سر جي سر ڪندو رهيس پر آخر سندس ڌڙڪن جي انتها ٿي وئي ته مون کيس جواب ڏنو ته تون ٿيندو ڪير آهين اسان کي ڌڙڪا ڏيڻ وارو، اسان جي ترتيب آهي ، اسان جڏهن پنهنجو پاڻ کي ٽي درجي وارو شاعر سڏائيندا آهيون اسان ڪڏهن به محسوس ڪونه ڪندا آهيون ته ڪير نمبر ون آهي ڪير نمبر ٿري آهي ، توهان اسان لاءِ براءِ مهرباني چيف مارشلا ايڊمنسٽريٽر نه ٿيو، ايترو چئي مون پنهنجو موبائل بند ڪري ڇڏيو، ايتري ۾ ادا عاجز اجنبي چيو ته سائين ڪير هو مون کيس چيو ته اسان جو هڪڙو سرمست دوست آهي جنهن جي سدائين نڪ تي ڪاوڙ هوندي آهي ، ادا عاجز اجنبي چيو ته سائين اهڙا سرمست دوست به توهان جا آهن مون چيو ته هائو. ان کانپوءِ وري به اسان جي ڪچهري جو محور ۽ مرڪز سنڌ ڌرتي هو، ٺيڪ هڪ ڪلاڪ کانپوءِ ٽنڊو محمدخان شهر جي پراڻي بس اسٽاپ تي پهتاسين، ادا عاجز اجنبي کي چيم ته ادا اڄ رات رهي پئو ڪچهري ڪريون پاڻ چوڻ لڳو ته وري ڪنهن موقعي تي خير ٽيڪسي مان موڪلائڻ لاءِ لٿاسين ته سامهون ڏٺم ته هڪڙو ڪولڊ ڪارنر جو دُڪان نظر آيو سو هن ٽيڪسي ڊرائيور ۽ ادا عاجز اجنبي کي وٺي آيس ان دوڪان تي ٽن ڪولڊ ڊرنڪس جو آرڊر ڏنم ادا عاجز اجنبي، ٽيڪسي ڊرائيور ۽ مون ڪولڊ ڊرنڪ پي هڪ ٻئي کان موڪلايو، جيئن ته پراڻو اسٽاپ منهنجي گهر کان تقريبن ٻه ڪلو ميٽر پري آهي، سو هڪ رڪشه وارو آيو پي ان ۾ ويهي پنهنجي گهر پهتس ۽ ائين ادا نبي سوهو ۽ سندس ڀاءُ جي شادي وارو هي اسان جو تمام خوشگوار سفر پنهنجي پُڄاڻي تي پهتو. دوستو هاڻي پيش آهن انهي شادي جون تصويرون جيڪي مون پنهنجي ڪئميرا جي اک ۾ محفوظ ڪري ڇڏيون سو توهان سڀني فيس بُڪ جي سنڌي ساٿين سان ونڊ پيو ڪريان دوستو ڏسو اسان جو محبتي دوست ادا نبي سوهو ۽ سندس ننڍو ڀاءُ لاڏا(گهوٽ) ٿيڻ کان پوءِ ڪيڏانه خوش آهن ڪيڏا نه خوبصورت لڳي رهيا آهن شل سندن اها خوشي سدائين برقرار رهي ۽ سدائين نت نيون خوشيون سندن مقدر ٿين شل سدائين جُڙيا هُجن آمين. ثم آمين دعاڳو نثاراحمدناز ٽنڊو محمد خان 12-6-2011[/JUSTIFY] ادا غلام نبي سوهو جو ڀا ۽ ادا نبي سوهو گهوٽ ٻئي ڀائر سنڌ جا گهوٽ گهوٽ غلام نبي سوهو ماشاالله سنڌي ٽوپي مٿي تي پاتل اجرڪ ڪُلهي ۾ پاتل تمام سُهڻو لڳي رهيو آهي نبي سوهو جو ننڍو ڀا جيڪو پڻ گهوٽ ٿيو ماشاالله شل سنڌ جا سمورا پُٽ گهوٽ ٿين شل جوانيون ماڻين۔ فيس بُڪ تي سنڌ جي حوالي سان انتهائي فعال دوست محمد ايوب چانڊيو عرف عاجز اجنبي گهوٽ نبي سوهو ۽ عاجز اجنبي خوشگوار موڊ ۾ سنڌ جي ٻن گهوٽن جي وچ ۾ سنڌ سلامت جو جهونو نثار ناز فيس بُڪ جي جيئي لطيف ڪارنر جو انچارج ۽ سنڌ سلامت جو ميمبر سيد علي شاهه ۽ عاجز اجنبي تاريخي تصويرون فيس بُڪ تي انتهائي فعال رُڪن حيدر دريا ۽ سنڌ سلامت جو جهونونثارناز
جواب: فيس بُڪ ۽ سنڌ سلامت جي محبتي ساٿي نبي سوهو ۽ سندس ڀا جي شادي خانه آبادي سائين نبي سوهو کي سنڌ سلامت جي سڄي سٿ پاران لک لک واڌايون ۔۔۔ شادي جون مبارڪون ۽ کوڙ ساتريون چميون قبول پون ۔۔۔ سنڌي سهڻا گهوٽ ٿين، لاڏا ڳائجن، خوشيون ملهائجن، مبارڪون ڏجن، هو جمالا ڳائجن ۔۔۔ ته حيانوَ ٺرن ۔۔۔ شادي ٻن جسمن ۽ ٻن روحن جو ميلاپ آهي، شادي قوم، قبيلي ۽ خاندان جو بنياد آهي، شادي پاڪ ۽ پوتر انسانيت جي واڌ جو سلسلو آهي، انسان اهو جانور آهي جو فطري شين کي حلال ۽ پاڪ ڪري کائيندو آهي، انڪري کيس الله جو خليفو ۽ اشرف المخلوقات چئجي ٿو ۔۔۔ نبي سوهو، سنڌي ٻولي ۽ سنڌيت جو پرچارڪ آهي ۽ سنڌيت جا پرچارڪ منهنجي زندگي ۾ اهڙي حيثيت رکن ٿا جئين منهنجي ما ڄائو ڀا جيڪو منهنجي امڙ جي خدمت ڪندو هجي ۔۔۔ نبي سوهي ۽ سندس ڀا جي شادي تي کيس لک لک واڌايون ۔۔ سائين نثار ناز جا لک ٿورا جو سنڌيت جي پرچارڪ نبي سوهو ۽ سندس ڀا جي شادي جو اکين ڏٺو احوال ونڊ ڪري اسانکي به ان شادي ۾ شريڪ ڪيو ۔۔۔ لک ٿورا سنڌ سلامت جي سنگت پاران هي ڪيڪ قبول پوي ۔۔۔
جواب: فيس بُڪ ۽ سنڌ سلامت جي محبتي ساٿي نبي سوهو ۽ سندس ڀا جي شادي خانه آبادي سائين نثار ناز سلام محترم دوست نبي سوهو کي شادي جون مبارڪون هجن ۽ اسان جي دعا ته سندس زندگيء جو هي نئون سفر ڪامياب گذري۔ سائين نثار ناز کي به شاباسون هجن جو دوستن جي سڏ تي پهتو ۽ ان بهاني اسان کي سهنيون تصويرون ڏسڻ لاء مليون جن ۾ سنڌ سلامت ۽ فيس بوڪ جا دوست به آهن۔ عاجز اجنبي ۽ محترم علي شاه جو ديدار به ٿيو۔
جواب: فيس بُڪ ۽ سنڌ سلامت جي محبتي ساٿي نبي سوهو ۽ سندس ڀا جي شادي خانه آبادي سائين شادي جون واڌايون هجن
جواب: فيس بُڪ ۽ سنڌ سلامت جي محبتي ساٿي نبي سوهو ۽ سندس ڀا جي شادي خانه آبادي ادا شادي جون لک لک واڌايون هجن
جواب: فيس بُڪ ۽ سنڌ سلامت جي محبتي ساٿي نبي سوهو ۽ سندس ڀا جي شادي خانه آبادي دوستن کي ۽ دوستن جي جهوني کي لک مبارڪون۔۔۔۔
جواب: فيس بُڪ ۽ سنڌ سلامت جي محبتي ساٿي نبي سوهو ۽ سندس ڀا جي شادي خانه آبادي محترم دوست نبي سوهو کي شادي جون مبارڪون هجن ۽ اسان جي دعا ته سندس زندگيء جو هي نئون سفر ڪامياب گذري۔ سائين نثار ناز کي به شاباسون هجن جو دوستن جي سڏ تي پهتو ۽ ان بهاني اسان کي سهنيون تصويرون ڏسڻ لاء مليون جن ۾ سنڌ سلامت ۽ فيس بوڪ جا دوست به آهن۔ الله پاڪ جي در تي دعا آهي ته نبي سوهو ۽ هن جو ڀاء پنهنجي ونين سان هميشه پيار ۽ محبت واري زندگي گذارن۔آمين۔